مخدوم معين ٺٽوي جي مزار

مخدوم معين ٺٽوي جي مزار

مخدوم محمد معين ٺٽوي

مخدوم محمد معين ٺٽوي: علامہ مخدوم محمد معين ٺٽوي عرف ٺارو ذات جو دَل ، ٺٽي جو رهاڪو هو . مخدوم صاحب جو خاندان سنڌ ۾ اعليٰ درجي جو علمي ، ادبي ۽ مذهبي خاندان هو ، سندس والد مخدوم محمد امين پڻ ٺٽي جي وڏن عالمن ۾ شمار ٿيندو هو . محمد امين جي شادي ٺٽي جي مشھور شاعر مير منشي فاضل خان ( بادشاھہ اورنگزيب عالمگير جو مقرب ) جي نياڻيءَ سان ٿي . جنهن مان مخدوم معين پيدا ٿيو . مخدوم صاحب جي ولادت جي سال بابت تاريخ خاموش آهي . مخدوم معين ننڍي هوندي کان ئي تمام ذهين ۽ پڙهاڪو ٻار هو ، ابتدائي تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ مخدوم عنايت جو شاگرد رهيو . مخدوم عنايت جي 1114 ھہ/ 1702ع ۾ وفات کان پوءِ شاھہ ولي وٽ علم حاصل ڪرڻ لاءِ ويو ۽ بعد ۾ مخدوم ابوالقاسم نقشبندي کان تصوف جي تعليم ورتائين . شاھہ ولي وٽ تعليم حاصل ڪرڻ دوران هن ايتري ذهانت سان علم حاصل ڪيو جو شاھہ ولي کيس چوندو هو تہ ” فقد رکبت غضنفرا “ .( ترجمو: بيشڪ تون ( تحقيق جي ميدان ۾ ) شينهن تي سوار آهين ) . مخدوم محمد معين ، شاھہ ولي وٽ رهي ڪري وحدت الوجود جي مسئلن بابت گهڻو ڪجهہ پرايو . ٺٽي ۾ هن سيد علي رضا کان شيخ محي الدين ابن عربي جو مشھور رسالو ” فصوص الحڪم “ پڙهيو ۽ ان کان پوءِ ابن عربي جي صوفياڻي مسلڪ جو سخت حامي ٿي رهيو . شاھہ عبداللطيف ڀٽائي ۽ مخدوم محمد معين پاڻ ۾ تمام گهاٽا دوست هوندا هئا . ڪڏهن شاھہ صاحب ، مخدوم صاحب وٽ تہ ڪڏهن مخدوم صاحب شاھہ صاحب وٽ وڃي ٽڪندا هئا . انهن ٻنهي بزرگن ۽ مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جي وچ ۾ هميشہ مناظرا ٿيندا رهندا هئا . مخدوم محمد معين ٺٽوي جڏهن دهليءَ مان ٺٽي واپس آيو ، تڏهن مخدوم هاشم ٺٽوي هن وٽ حديث جي علم جي سند حاصل ڪئي ، مگر پوءِ ٻنهي جي وچ ۾ سخت اختلاف پيدا ٿي پيا ۽ مخدوم هاشم پنھنجي استاد جو ڪو بہ لحاظ نہ ڪيو . مخدوم محمد معين جي شاگردن ۽ دوستن ۾ شاھہ علوي'>فقير علوي ، مخدوم جلال محمد ، مولوي محمد صادق ، مخدوم محمد حيات سنڌي مدني ، جعفر شيرازي ، شرف الدين علي ، مير مرتضيٰ سيوستاني ۽ مير نجم الدين عزلت ( مخدوم معين جو ڀاڻيجو ) جا نالا سر فهرست آهن . مقالات الشعراءِ جو مولف لکي ٿو تہ ، ” مخدوم محمد معين ٺٽوي پنھنجي دور جو تمام وڏو عالم ۽ بزرگ هو ، انهي ڪري کيس ڪافي مخالفت سھڻي پئي . پاڻ شاھہ عبداللطيف جو ساٿي ۽ صحبتي هو . شعر بہ ڪافي چيائين . هن جو شعر فارسي ۽ هندي ( اردو ) ۾ آهي . فارسي ۾ ” تسليم “ ۽ اردو ۾ ” بيراگي “ تخلص استعمال ڪندو هو “ . مخدوم محمد معين پنھنجي دور ۾ هڪ وڏو مذهبي عالم هجڻ سان گڏ صوفياڻي ۽ فقيراڻي لڏي جو درويش پڻ هو ، زندگيءَ جو آخري دم پنھنجي دوست لطيف سائين جي هنج ۾ ڏنائين . شاھہ صاحب پنھنجي مريدن کي چيو تہ هلو تہ يار جو آخري ديدار ڪري اچون ۽ پاڻ ڀٽ تان پنهنجن مريدن سميت اچي ٺٽي ۾ مخدوم معين وٽ پهتا ، اتي اڳ ئي راڳ ۽ سماع هو ، بس جيئن ئي مخدوم معين شاھہ صاحب جي هنج ۾ ستو تيئن ئي پاڻ هن فاني جھان مان لاڏاڻو ڪري ويو . سندس وفات 1161ھہ / 1747ع ۾ ٿي . سندس وفات تي محمد محسن ٺٽوي ، مخدوم نعمت ٺٽوي ، مخدوم رحمت علي ٺٽوي ، ميان محمد پناھہ رجا ٺٽوي ، ميرزا محمد فاضل بيگ ’فاضل ‘ ۽ ٻين ٺٽي جي شاعرن قطعه تاريخون چيون آهن . مخدوم محمد معين جون تصنيفون لاتعداد آهن ۽ سوين تصنيفون تہ اڻلڀ آهن ، تنهن هوندي بہ هيٺيون تصنيفون مشھور آهن . ( 1 ) دراسات اللبيب ، ( 2 ) حجة الجليلة ، ( 3 ) نور العين ، ( 4 ) انور المجدفي مخ الوجد ، ( 5 ) مواهب سيد البشر ، ( 6 ) الجود الثمين ، ( 7 ) الخواطف التصوف ، ( 8 ) مطارحات التحقيق في برهان التطيبق ، ( 9 ) رسالة الاعتدالات الاربعه ، ( 10 ) رفع الغين ، ( 11 ) رفع الاشڪال والزحمة ، ( 12 ) ايقاظ الوسنان ، ( 13 ) وحدة الوجود ابوالموجود ، ( 14 ) الابداح في محاڪمة بين النووي وابن الصلاح ، ( 15 ) الحق الصريح ، ( 16 ) رسالة الڪلي الطبعي ، ( 17 ) المدرار الديمية علي حاشية القديمة ، ( 18 ) شرح ديوان حافظ ، ( 19 ) حاشيہ شرح زوراءِ ، ( 20 ) بهجة النظائر في براة الابرار ، ( 21 ) مجموعه رسائل مخدوم معين 17 جلد ، ( 22 ) مجموعه رسائل مخدوم معين 15 جلد ، ( 23 ) مجمع النڪات ، ( 24 ) غـايـة مـا ظـهر الاضعــف الانـام فـي ان الــڪـلام الـمتحمل لايوجب ، ( 25 ) بادهت الورود في اثبات وحدت الوجود ، ( 26 ) بوادر الجود في تحرير وحدت الوجود ، ( 27 ) مرات الشهود بوحدت الوجود الموجود ، ( 28 ) صدع القدم في تحقيق الوجود بالعلم ، ( 29 ) طريقت العون في حقيقت الڪون ، ( 30 ) الاعتدالات الا ربعت ، ( 31 ) الحق الصريح فيما بلحق بشعور الميت في الفريح ، ( 32 ) رفيع العين في تنزل العليم الي العين ، ( 33 ) رفع الاشڪال والرحمت مالالڪل الولي الرحمت ، ( 34 ) غايت الايضاح في الحڪمت بين التوري وابن اصلاح ، ( 35 ) الجوهر الثمن في اثبات قلم التڪوين ، ( 36 ) الادب الباقيت علي شريفت في علم المناظرت ، ( 37 ) غـايـت مــاظهـر الاضـعـف الانـام ، ( 38 ) مـنتـجيــب مـن جـمـع النڪات ، ( 39 ) ثبت الشيخ محمد معين ، ( 40 ) بياض مخدوم معين ، ( 41 ) رسالهاويسيه . مٿين ڪتابن مان پهريون ۽ آخري ٻئي ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن . ’دراسات اللبيب ‘ ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ طرفان 1960ع ۾ شايع ٿيو ۽ ’رسالا اويسيه ‘ فارسي متن سان گڏوگڏ حڪيم نياز همايوني جو ڪيل سنڌي ترجمو بہ سنڌ ثقافت کاتي پاران 2005ع ۾ شايع ڪيو آهي . مخدوم صاحب جا باقي ڪتاب شايع ناهن ٿيا .


هن صفحي کي شيئر ڪريو