ملا جلال ٺٽوي

ملا جلال ٺٽوي : ملا جلال ٺٽويءَ جو تخلص ”راعي“ هو ۽ مرزا جاني بيگ جي درٻاري شاعرن ۽ اميرن مان هڪ عالم فاضل بزرگ هو. هن مرزا جي مدح ۾ هڪ قصيدو چيو هو، پر مرزا کي سندس پوئين مصرع پسند نہ پئي، ان ڪري مرزا جي عنايت وارين نظرن کان ڪري پيو. ان ڳالھہ جو شاعر جي طبع تي ايڏو صدمو رسيو، جو زهر کائي آپ گهات ڪيائين. سندس فرزند جمال محمد پڻ شاعر هو ۽ ”راعي“ تخلص“ سان شاعري ڪندو هو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو