منور علي سومرو

منور علي سومرو : منور علي ولد محمد سليمان سومرو، 9 مئي 1968ع تي ڳوٺ ڀاڳو ديرو، تعلقي ڪنڊياري ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم پنھنجي ڳوٺ مان حاصل ڪيائين. مئٽرڪ دادو مان ڪري انٽر، بي. اي ۽ ايم. اي جون ڊگريون حاصل ڪري چڪو آهي. هن فن جي شروعات 1983ع ۾ ڪئي. منور سومرو اڄ تائين 30 کن ڊراما سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڪري چڪو آهي، جن ۾ دوا اندر دم ٻاهر، ڇڙها چڱاهون، شادي بابي جي محبت زندہ آباد، ڏنو پٽ ڇٽي جو ۽ ماسات شامل آهن. منور سومري جون 4 آڊيو ڪيسٽون بازار ۾ اچي چڪيون آهن. کيس فني مڃتا طور آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان ڪراچيءَ ۾ اوارڊ ڏنو ويو. ان کانسواءِ سنڌي ادبي سنگت شاخ دادو طرفان بہ سرٽيفڪيٽ ڏنو ويو آهي. منور سومري جو ڪيترين ئي سماجي ۽ ثقافتي تنظيمن سان واسطو آهي، جن ۾ سنڌو ويلفيئر اينڊ ڪلچرل آرگنائيزيش سواڪا، آل فنڪار ويلفيئر ايسوسيئيشن ۽ ٻين تنظيمن جو عهديدار ۽ ميمبر رهيو آهي. هن ڪي. ٽي. اين تي بہ مختلف ڪردار ادا ڪيا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1968.05.09  عيسوي

منور علي ولد محمد سليمان سومرو، 9 مئي 1968ع تي ڳوٺ ڀاڳو ديرو، تعلقي ڪنڊياري ۾ ڄائو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

انمول بلوچ
سيد حامد نوبهار شاھہ
بھو بيگم عرف صاحب دولت
پاٽائي اسحاق قلندر سنڌي
جتوئي غلام مرتضيٰ خان
اشرف بلوچ 2
پاربرهم فقير
تارڪ محمد هدايت علي نجفي
پير بخش خاصخيلي
محمد سليمان ٻنوي مولانا
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون