مولوي محمد صادق ٺٽوي: مولوي محمد صادق ولد ميان محمد سعيد واعظ ولد مخدوم عنايت ﷲ حال ۽ قال جو بزرگ ٿي گذريو آهي. جيتوڻيڪ اکين کان نابين هو . هميشہ خلق کي علمي فائدو پهچائيندو رهيو ۽ سندس مجلس وعظ ڏاڍي اثرائتي هئي. سندس فرزند محمد سعيد بہ فقيريءَ ۽ فضيلت سان سينگاريل هو. مولوي محمد صادق مخدوم عنايت ﷲ جو پوٽو وقت جو وڏو عالم ۽ معقولات ۾ بي نظير فاضل هو. علامہ مخدوم محمد معين جي شاگرديءَ سبب هن کي منطق ۽ فلسفي ۾ وڏي دسترس حاصل هئي. سوين شاگرد سندس مدرسي مان فيض ياب ٿيا، جن مان مخدوم نعمت ﷲ ٺٽوي بہ هڪ مشھور بزرگ ٿي گذريو آهي. خواجہ محمد زمان لنواريءَ وارو بہ سندس شاگردن مان آهي. مولوي محمد صادق، سيد عبداللطيف ڀٽائيءَ جو خاص مريد هو. ٺٽي جو ناظم شيخ شڪرالله ۽ شيخ الاسلام ميرڪ محمد احسن بہ هن بزرگ جي ڏاڍي عزت ۽ احترام ڪندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن شعر بہ چوندو هو.