ميان محمد صادق نقشبندي ٺٽوي: محمد صادق نقشبندي ظاهري ۽ باطني ڪمالات جو جامع ۽ شاھہ ڀٽائيءَ جو مريد هو. مخدوم محمد اشرف نقشبندي ولد مخدوم آدو معروف بہ مخدوم آدو ٺٽويءَ جو ناٺي هو. انهيءَ ميان محمد صادق نقشبنديءَ جو فرزند ميان غلام حسين معروف شيخ ابوالحسن صغير مدني محدث مديني شريف ۾ وڃي رهيو، جتي عرب و عجم جي عالمن کي علم حديث سان فيض حاصل ڪيائين. ميان محمد صادق ڪڏهن ڪڏهن صوفياڻي انداز ۾ شعر شاعري بہ ڪندو هو. سندس سال وفات معلوم نہ ٿي سگهيو آهي. پر 12 صدي هجريءَ جي بزرگن مان هو. سندس مقبرو حضرت مخدوم آدو نقشبنديءَ جي پيرانديءَ کان آهي.