ميرابوالقاسم سلطان ٺٽوي

ميرابوالقاسم سلطان ٺٽوي : ولد مير ابوالقاسم خان زمان 960ھه/ 1552ع ۾ ڄائو . هو پنهنجي والد وانگر بهادر ، هٺيلو ۽ سخي مرد هو . جڏهن ترخان گھراڻي جو خاتمو ٿيو ۽ مرزا جاني بيگ اڪبري دربار ۾ وفات ڪري ويو ، تڏهن ابوالقاسم سلطان ، مرزا جاني جي فرزند مرزا غازي بيگ کي ، جيڪو سندس ناٺي به هو ، ڪجھه نه سمجھي ، هڪ خط لکيو ، ته ملڪ جون حدون مقرر ڪندين ته اسان جو وقت صلح سانت سان گذري سگهي ٿو ، ٻيءَ صورت ۾ خون خرابي کان سواءِ ٻي ڪا واهه نه آهي . مرزا اهو خط پڙهي پوري تدبر سان مقابلي جي تياري ڪئي . ابوالقاسم ايڏو بهادر هو ، جو هڪ مڪمل لشڪر جو اڪيلي سر مقابلو ڪري سگھندو هو . آخر ملاڪاتيارن وٽ ٻئي فوجون هڪ ٻئي خلاف مورچابند ٿي بيٺيون . هڪ رات سيد ابوالقاسم پنهنجي فوج مان اڪيلي سر ٻاهر اچي مرزا غازي بيگ جي فوج ٻاهران وڏي واڪي اعلان ڪيو ، ته: ” آءُ گيدي نه آهيان ، جو اوهان تي راتاهو هڻان ، اوهان سان صبح جو ميدان جنگ ۾ مقابلو ڪبو . ان ڪري اوهان بنا ڊپ ڊاءُ جي آرام سان ننڊ ڪريو “ . جنگ اڃا شروع ئي ڪانه ٿي هئي ، ته صلح لاءِ وچ ۾ ڪي ماڻهو پيا ۽ سيد ابوالقاسم کي راِضي ڪيائون ، ته مرزا جي خدمت ۾ هلي ، جو سندس ولي نعمت ۽ ناٺي به آهي . مرزا گھري ٿو ته اوهان لاءِ جيڪو ” چنيسر نامو “ لکيو ويو آهي ، سو اوهان کان زباني ٻڌي لطف حاصل ڪريون . ابوالقاسم بي پرواھ بنجي ٻيڙيءَ ۾ سوار ٿي ٻيءَ ڀر مرزا غازي جي تنبن ڏانهن روانو ٿيو . رستي ۾ مرزا جا ماڻهو ٻيڙيءَ ۾ وجھه وٺي مٿس چڙهي ويا ۽ چؤ کنڀو ٻڌي کيس مرزا جي اڳيان آڻي حاضر ڪيائون . مرزا سرائي گرم ڪرائي سندس اکين ۾ گھمارائي کيس انڌو ڪري سندس جنگجوئي جنجال کان آزادي حاصل ڪئي . ان کان پوءِ سيد ابوالقاسم کي ٺٽي جي هڪ محلات ( واھ جي ڪناري تي هئي ) جي ٽئين طبقي ۾ رهايو ويو ، پر رعب ۽ دٻدٻو سندس ايڏو هو ، جو هي پهلوان جنهن شيءِ جو به حڪم ڪندو هو ، کيس هڪدم موجود ڪري ڏني ويندي هئي . سندس ڀيڻ جيڪا مرزا جاني بيگ جي بيوھ ۽ غازي بيگ جي ماٽيلي ماءُ هئي ، سا کيس وقت به وقت سٺن طعامن جا ڍڪيل خونچا موڪليندي رهندي هئي . هڪ ڏينهن هن انڌي پر بهادر شخص سازش ڪري ڀڄڻ جي ڪوشش ڪئي . سندس ڀيڻ کاڌي جي خونچن ۾ کيس ڳنڍين واري مضبوط واڍ موڪلي ڏني هئي ، جيڪا طعام وانگر ريشمي دسترخوان سان ڍڪيل هئي . هن انڌي هٿ لائي واڍ جي ڄاڻ وٺي اهو خونچو پاڻ وٽ رکايو ۽ ٻيا نوڪرن ڏانهن موڪلي ڏنائين . آخر اڌ رات جو محلات جي هڪ دريءَ مان واڍ کي ٻئي پاسي اڇلائي انهيءَ واڍ تي سوڙهي دريءَ مان لنگھي ، ٻئي طرف پهچي واڍ جي ڳنڍين تي پير رکندو ٽه ماڙ تان هيٺ لهي ويو . ٻاهر اُٺ سفر لاءِ تيار بيٺا هئا ، جن تي چڙهي روانو ٿي ويو . صبح جو جڏهن ٺٽي ۾ هن بهادر جي ڀڄي وڃڻ جي خبر پئي ته ڊپ ۾ واويلا مچي وئي ، مگر مرزا غازي بيگ جا ڪجهه نوڪر سندس پوئتان ويا ۽ کيس جھنگل مان نهايت چالاڪيءَ سان وڃي گرفتار ڪيائون . ان کان پوءِ مرزا غازي بيگ شهنشاهه جهانگير پاران قنڌار جو گورنر ٿي روانو ٿيو ۽ ابوالقاسم ٺٽي بدران پنهنجي اباڻي جاگير نصر پور ۾ حياتيءَ جا باقي ڏينهن گناهن کان توبهه ڪري بندگيءَ ۾ گذاريا . ابوالقاسم جي سموري ظاهري زندگي بهادري ۽ سپهه گريءَ ۾ گذري ، پر سندس زندگيءَ جو ٻيو رخ به هو ، جنهن ۾ علم دوستي ، علم پروري ، شاعري ۽ سخن شناسيءَ جا جوهر موجود هئا ۽ هو شاعر به هو .


هن صفحي کي شيئر ڪريو