ميرڪ عبدالرحمان ٺٽوي

ميرڪ عبدالرحمان ٺٽوي : ميرڪ عبدالرحمان بن ميرڪ محمود شيخ الاسلام نالي هيءُ بزرگ پنھنجي ڀاءُ ميرڪ عبدالوهاب وانگر فن، هنر ۽ سخاوت ۾ يگانو شخص ٿي گذريو آهي. سندس پويون زمانو مرزا محمد باقي ولد مرزا عيسيٰ ترخان جي دور ۾ گذريو ۽ محمد باقي هڪ ظالم ۽ ڪنجوس حڪمران هو، جنهن ڪري کيس هميشہ خطرو رهندو هو تہ سندس حڪومت خلاف ڪو انقلاب نہ اچي وڃي. هو شڪي مزاج ۽ وهمي ماڻهو هو، جنهنڪري ميرڪ عبدالرحمان ۽ سندس سوٽ ميرڪ عبدالوهاب جي سخاوت کان ڏاڍو ڊپ رهندو هوس تہ متان ڪا مخفي سازش ڪري حڪومت جو تختو نہ اونڌو ڪري ڇڏين. 992 هجريءَ ۾ جلال الدين محمد اڪبر جي دربار جو خاص نوڪر شاھہ خواجہ نالي حج جي سفر تان موٽي اچي ٺٽي ۾ ميرڪ عبدالرحمان جي گهر ۾ مهمان ٿيو. ميرڪ پنھنجي عادت موجب، سندس وڏي مهمان نوازي ڪئي. شاھہ خواجہ جڏهن ٺٽي مان بادشاھہ جي درٻار ۾ پهتو، تڏهن ميرڪ ڏانهن واکاڻ ۽ شڪريي جو خط موڪليائين، ان تي مرزا محمد باقيءَ کي شڪ جاڳيو تہ ميرڪ جا بادشاهي درٻار ۾ رسوخ ۽ تعلقات وڌي ويا آهن، متان منهنجي خلاف ڪا سازش ڪري وجهي، ان ڪري ميرڪ عبدالرحمان کي عيد جي ڏينهن 991 ھہ/1583ع ڌاري پنھنجي سوٽ سيد ميرڪ عبدالوهاب سميت شھيد ڪرائي ڇڏيائين.


هن صفحي کي شيئر ڪريو