ٽالپر مير رستم خان

ٽالپر مير رستم خان

مير رستم خان ٽالپر

مير رستم خان ٽالپر: هي مير سهراب خان جو وڏو پٽ هو. سندس ولادت 1184ھہ بمطابق 1773ع ۾ ٿي. سن 1811ع ۾ پنھنجي پيءُ جي جيئري ئي رياست جي پڳ ٻڌائين. حڪومت جي واڳن وٺڻ کان پوءِ پنھنجي پيرسن پيءُ کي شادي ڪرايائين، جنهن مان سن 1815ع ۾ مير علي مراد خان ڄائو، جيڪو وڏو ٿي سندس وڏو ويري بڻيو. گادي نشين ٿيڻ کان اڳ مير سهراب خان جي وڏن سپھہ سالارن مان هڪ هو. سلطنت کي وڌائڻ لاءِ جيڪي بہ جنگيون ٿيون، تن ۾ لشڪر جي مهنداري هن جي هٿ ۾ هوندي هئي ۽ سندس بهادري مشھور هئي. تخت نشين ٿيڻ سان پنھنجي پيءُ جي وصيت موجب پنهنجن ڀائرن ۽ ڀائٽين کي ملڪيت ورهائي ڏنائين، جن مان ڪجهہ پوءِ خودمختيار بڻجي ويا. مير رستم خان جي ڏينهن ۾ شاھہ شجاع الملڪ افغانستان مان تڙجي شڪارپور اچي ميرن جو مهمان ٿيو. ميرن ڪافي ڏينهن سندس آڌرڀاءُ ڪيو، پر هو واپس وڃڻ بدران سرحدي علائقن تي قبضو ڪرڻ لڳو، ان تي مجبور ٿي حيدرآباد ۽ خيرپور جي ميرن گڏجي سندس مقابلو ڪيو. ميرن جي لشڪر جا مهندار غلام مرتضيٰ شاھہ ڪهيري ۽ آغا ڪاظم شاھہ هئا ۽ شجاع الملڪ جي لشڪر جو علمبردار سمندر خان پٺاڻ هو. پٺاڻن چوريءَ/ لڪي اچي آدم شاھہ جي ٽڪريءَ تي توبون نصب ڪيون، جتي کرڙيءَ جي ميدان تي سن 1833ع ۾ شاھہ فوجن جو مقابلو ٿيو. جنهن ۾ ميرن جا بھادر سالار شھيد ٿي ويا، جن ۾ ڪاظم شاھہ، غلام مرتضيٰ شاھہ ۽ جھان خان مريءَ جا نالا قابل ذڪر آهن. غلام مرتضيٰ شاھہ ڪهيريءَ ۽ جھان خان مريءَ جي بهادريءَ تي سنڌ جي وڏي شاعر خليفي نبي بخش لغاريءَ ”سُر ڪيڏاري“ هيٺ ڪيترا بيت چيا آهن. نيٺ صلح ٿيو ۽ شجاع الملڪ اٺ لک روپيا وٺي، واپس موٽي ويو.مير رستم خان جو ننڍو ڀاءُ مير علي مراد خان سندس سنڀال هيٺ رهندو هو، جڏهن وڏو ٿيو تڏهن اول مبارڪ خان سان ۽ پوءِ سندس پٽ مير نصير خان سان سندس ملڪيت تي تڪرار ٿيو ۽ اها مخالفت وڌي وڃي جنگ جي نوبت تي پهتي. مير رستم خان پنھنجي ڀائٽئي ۽ نياڻي مير نصير خان جو طرف ورتو. خيرپور جي ڀرسان نونارين جي ڳوٺ وٽ لڙائي لڳي، جنهن ۾ مير علي مراد خان ڪامياب ٿيو. پير پاڳاري علي گوهر شاھہ ۽ رياست جي وڏي وزير فتح محمد خان غوريءَ وچ ۾ پئي صلح ڪرايو. مير رستم خان پنھنجي ۽ مير نصير خان جي حصي مان ڪجهہ ديهون ڏئي علي مراد خان کي راضي ڪيو. اها لڙائي سن 1258ھہ بمطابق 1842ع ۾ لڳي ۽ ”جنگ نونهار“ (نونار) جي نالي سان مشھور ٿي. ”جنگ نونهار“ (نونار) جي صلح کانپوءِ بہ ڌرين جون دليون صاف نہ ٿيون ۽ هڪ ٻئي سان وڙهڻ جو ن تياريون ڪرڻ لڳا. مير علي مراد خان وڃي انگريزن جو طرف ورتو ۽ ساڻن ساز باز ڪرڻ لڳو. انگريزن ميرن جي گهرو ويڙھہ دوران وجهہ وٺي پنھنجي سياسي ڄار کي پختو ڪيو، نتيجي ۾ ”مياڻيءَ جي جنگ“ لڳي ۽ ميرن هارايو. مير رستم خان پنهنجن ڀائٽين ۽ حيدرآباد جي ميرن سان گڏ نظر بند ٿي پوني ويو، جتي 1262ھہ بمطابق 1846ع ۾ وفات ڪيائين. سندس لاش اتان آڻي ميرن جي آبائي مقام قادر بخش جي قبن ۾ دفن ڪيو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1773.00.00  عيسوي

مير رستم خان 1184هه بمطابق 1773ع ۾ پيدا ٿيو


1846.00.00  عيسوي

مير رستم خان 1262هه بمطابق 1846ع ۾ وفات ڪيائين



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڀٽو مشتاق علي خان
پرتاب راءِ مُنشي
دراني آغا الھڏنو
ابن سينا
صمد شيخ
شيخ ابراهيم قاري شطاري سنڌي
رسول بخش پليجو
بولچند
پٽيل دراب جسٽس
تاج صحرائي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون