ٽالپر مير رستم خان

ٽالپر مير رستم خان

مير رستم خان ٽالپر

مير رستم خان ٽالپر: هي مير سهراب خان جو وڏو پٽ هو. سندس ولادت 1184هه بمطابق 1773ع ۾ ٿي. سن 1811ع ۾ پنهنجي پيءُ جي جيئري ئي رياست جي پڳ ٻڌائين. حڪومت جي واڳن وٺڻ کان پوءِ پنهنجي پيرسن پيءُ کي شادي ڪرايائين، جنهن مان سن 1815ع ۾ مير علي مراد خان ڄائو، جيڪو وڏو ٿي سندس وڏو ويري بڻيو. گادي نشين ٿيڻ کان اڳ مير سهراب خان جي وڏن سپهه سالارن مان هڪ هو. سلطنت کي وڌائڻ لاءِ جيڪي به جنگيون ٿيون، تن ۾ لشڪر جي مهنداري هن جي هٿ ۾ هوندي هئي ۽ سندس بهادري مشهور هئي. تخت نشين ٿيڻ سان پنهنجي پيءُ جي وصيت موجب پنهنجن ڀائرن ۽ ڀائٽين کي ملڪيت ورهائي ڏنائين، جن مان ڪجهه پوءِ خودمختيار بڻجي ويا. مير رستم خان جي ڏينهن ۾ شاهه شجاع الملڪ افغانستان مان تڙجي شڪارپور اچي ميرن جو مهمان ٿيو. ميرن ڪافي ڏينهن سندس آڌرڀاءُ ڪيو، پر هو واپس وڃڻ بدران سرحدي علائقن تي قبضو ڪرڻ لڳو، ان تي مجبور ٿي حيدرآباد ۽ خيرپور جي ميرن گڏجي سندس مقابلو ڪيو. ميرن جي لشڪر جا مهندار غلام مرتضيٰ شاهه ڪهيري ۽ آغا ڪاظم شاهه هئا ۽ شجاع الملڪ جي لشڪر جو علمبردار سمندر خان پٺاڻ هو. پٺاڻن چوريءَ/ لڪي اچي آدم شاهه جي ٽڪريءَ تي توبون نصب ڪيون، جتي کرڙيءَ جي ميدان تي سن 1833ع ۾ شاهه فوجن جو مقابلو ٿيو. جنهن ۾ ميرن جا بهادر سالار شهيد ٿي ويا، جن ۾ ڪاظم شاهه، غلام مرتضيٰ شاهه ۽ جهان خان مريءَ جا نالا قابل ذڪر آهن. غلام مرتضيٰ شاهه ڪهيريءَ ۽ جهان خان مريءَ جي بهادريءَ تي سنڌ جي وڏي شاعر خليفي نبي بخش لغاريءَ ”سُر ڪيڏاري“ هيٺ ڪيترا بيت چيا آهن. نيٺ صلح ٿيو ۽ شجاع الملڪ اٺ لک روپيا وٺي، واپس موٽي ويو.مير رستم خان جو ننڍو ڀاءُ مير علي مراد خان سندس سنڀال هيٺ رهندو هو، جڏهن وڏو ٿيو تڏهن اول مبارڪ خان سان ۽ پوءِ سندس پٽ مير نصير خان سان سندس ملڪيت تي تڪرار ٿيو ۽ اها مخالفت وڌي وڃي جنگ جي نوبت تي پهتي. مير رستم خان پنهنجي ڀائٽئي ۽ نياڻي مير نصير خان جو طرف ورتو. خيرپور جي ڀرسان نونارين جي ڳوٺ وٽ لڙائي لڳي، جنهن ۾ مير علي مراد خان ڪامياب ٿيو. پير پاڳاري علي گوهر شاهه ۽ رياست جي وڏي وزير فتح محمد خان غوريءَ وچ ۾ پئي صلح ڪرايو. مير رستم خان پنهنجي ۽ مير نصير خان جي حصي مان ڪجهه ديهون ڏئي علي مراد خان کي راضي ڪيو. اها لڙائي سن 1258هه بمطابق 1842ع ۾ لڳي ۽ ”جنگ نونهار“ (نونار) جي نالي سان مشهور ٿي. ”جنگ نونهار“ (نونار) جي صلح کانپوءِ به ڌرين جون دليون صاف نه ٿيون ۽ هڪ ٻئي سان وڙهڻ جو ن تياريون ڪرڻ لڳا. مير علي مراد خان وڃي انگريزن جو طرف ورتو ۽ ساڻن ساز باز ڪرڻ لڳو. انگريزن ميرن جي گهرو ويڙهه دوران وجهه وٺي پنهنجي سياسي ڄار کي پختو ڪيو، نتيجي ۾ ”مياڻيءَ جي جنگ“ لڳي ۽ ميرن هارايو. مير رستم خان پنهنجن ڀائٽين ۽ حيدرآباد جي ميرن سان گڏ نظر بند ٿي پوني ويو، جتي 1262هه بمطابق 1846ع ۾ وفات ڪيائين. سندس لاش اتان آڻي ميرن جي آبائي مقام قادر بخش جي قبن ۾ دفن ڪيو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1773.00.00  عيسوي

مير رستم خان 1184هه بمطابق 1773ع ۾ پيدا ٿيو


1846.00.00  عيسوي

مير رستم خان 1262هه بمطابق 1846ع ۾ وفات ڪيائين



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اسماعيل عرساڻي
ڄام آري:
چنڙ مهرالدين
شاهه محمد نابينا
شاهد آفريدي
طاهره واسطي
پلي حاجي منٺار
سرتاج لڪياري
آغا حسن علي
بيربل
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون