
مير مرتضيٰ ڀٽو
مير مرتضيٰ ڀٽو: شھيد ذوالفقار علي ڀُٽي جو وڏو فرزند مير غلام مرتضيٰ ڀٽو 18 سيپٽمبر 1954ع تي ڪراچيءَ ۾ ڄائو . شروعاتي تعليم سينٽ ميري اسڪول راولپنڊيءَ مان حاصل ڪيائين. جنهن بعد هن ’ اوليول ‘ جو امتحان 1971ع ۾ ڪراچي گرامر اسڪول مان پاس ڪيو . گـريـجـوئيـشن ڪـرڻ لاءِ هـارورڊ يونيورسٽي لنڊن پڙهڻ ويو ، جتي 1976ع ڌاري ڊگري حاصل ڪيائين. بعد ۾ مير مرتضيٰ ڀٽو پنھنجي والد جي خواهش تي ڪرائسٽ چرچ ڪاليج آڪسفورڊ ۾ ايم . لٽ ( M . Lit . ) جو ٽن سالن جو ڪورس پڙهڻ لاءِ ويو ، پر ان دوران 1978ع ۾ سندس والد ذوالفقار علي ڀٽي کي پاڪستان جي لاهور هاءِ ڪورٽ پاران قتل جي ڪوڙي الزام ۾ ڦاهيءَ جي سزا ٻڌائي وئي، جنهن سبب مير صاحب اهو ڪورس اڌ ۾ ڇڏي پاڪستان وڃڻ لاءِ آتو ٿيو، پر پنھنجي عظيم والد جو پيغام مليس تہ هو سندس آزاديءَ لاءِ بين الاقوامي طاقتن کي اعتماد ۾ آڻڻ لاءِ ٻاهر رهي ڪوششون ڪري. ان کان اڳ 5 جولاءِ 1977ع تي جڏهن ذوالفقار علي ڀٽي جو تختو اونڌو ڪيو ويو تہ مرتضيٰ ڀٽو پنھنجي خاندان وارن سان گڏ لاڙڪاڻي واري ’ المرتضيٰ هائوس ‘ ۾ موجود هو، جڏهن سندس والد کي گرفتار ڪيو ويو تہ کيس والد حڪم ڪيو تہ هو ملڪ کان ٻاهر هليو وڃي. ان سياھہ دور ۾ جڏهن ڀٽي صاحب کي جنرل ضياءُ الحق جي سازش سان ڦاسي ڏني وئي تہ ڏک ۽ ڪاوڙ وچان مرتضيٰ پنھنجي ڀاءُ مير شاهنواز سان گڏ جدوجھد جو آغاز ڪيو، جنهن جو مقصد جنرل ضياءَ کي رستي تان هٽائڻ هو. چيو وڃي ٿو تہ سندن ڪن دوستن پاران ان جدوجھد سبب ’ الذوالفقار ‘ نالي تنظيم بہ ٺاهي وئي، ٻنهي ڀائرن پنھنجي تعليم ڇڏي آمريت خلاف للڪار ڪئي ۽ جمهوريت جي بحاليءَ لاءِ پنھنجي همدردن جي حمايت بہ حاصل ڪئي ، پر جنرل ضياءُ جا ارادا نہ بدليا ۽ محترمہ بينظير ڀٽو شھيد پنھنجي ڪتاب ۾ لکيو هو تہ کيس پنھنجي ٻنهي ڀائرن جي حياتيءَ جو فڪر رهندو هو ، انهيءَ عرصي دوران ٻنهي ڀائرن ٻن سڳين ڀينرن سان شادي ڪئي ، جيڪي نسلي طور افغاني هيون . ٻنهي کي هڪ هڪ نياڻي بہ ٿي . مرتضيٰ ڀٽي جي نياڻيءَ جو نالو فاطمہ ڀٽو رکيو ويو . 18 جولاءِ 1985ع تي شاهنواز ڀُٽو ، جيڪو فرانس ۾ رهائش پذير هو ، ان جو لاش سندس گهر مان مليو ، جنهن بابت اهو محسوس ٿيو تہ کيس زهر ڏنو ويو هو . ( وڌيڪ ڏسو: ڀٽو شاهنواز ) جنهن کان پوءِ مير مرتضيٰ اڪيلو ٿي پيو . ان حادثي بعد مير مرتضيٰ پنھنجي پهرين گهر واريءَ کي طلاق ڏئي ڇڏي ۽ پنھنجي ڌيءَ کي پاڻ سان رکيو . مير مرتضيٰ ڀٽو ڪجهہ سال جلا وطن رهيو ، ان دوران سندس شادي لبنان ڄائي غنويٰ ڀٽو سان ٿي.1993ع ڌاري هو وطن موٽيو ، سندس حمايتين هن جو ڀرپور استقبال ڪيو . ڪجهہ سالن بعد سندس ڀيڻ محترمہ بينظير ڀٽو ٻيهر وزيراعظم چونڊجي آئي ، پر ان اليڪشن دوران هن محترمہ بينظير ڀٽو سان ڪجهہ نظرياتي اختلاف رکيا ۽ الڳ چونڊ وڙهي صوبائي سيٽ کٽي هئي . جڏهن تہ پ پ ( شھيد ڀٽو ) کي منظم ۽ متحرڪ ڪرڻ لاءِ سرگرم رهيو. هو نهايت جوشيلو ۽ باهمت نوجوان هو ۽ اڪثر تقريرن ۾ آمريت ۽ ناانصافيءَ خلاف کهرو لهجو استعمال ڪندو هو. جنهن سبب ڪجهہ ڳجها گروھہ سندس خلاف هئا . آخرڪار 20 سيپٽمبر 1996ع جي رات جڏهن هو پنھنجي ساٿين سان گڏ ڪراچيءَ ۾ هڪ جلسي تان موٽي رهيو هو تہ 70 ڪلفٽن ويجهو سندن رهائشگاھہ وٽ پوليس ڪڙو چاڙهيو بيٺي هئي، جنهن تي پوليس جي انڌاڌنڌ فائرنگ جو سلسلو شروع ٿيو.مير مرتضيٰ ڀٽو شديد زخمي ٿي پيو ۽ اسپتال ۾ ساھہ پورا ڪيائين ۽ شھيد ٿي ويو. ساڻس گڏ سندس ڇھہ ساٿي بہ اجل جو شڪار ٿيا . سندس مڙھہ هزارين آلين اکين سان ڳڙهي خدا بخش ۾ دفنايو ويو . ان سانحي کان پوءِ محترمہ بينظير ڀٽو جي حڪومت کي شديد تنقيد جو منهن ڏسڻو پيو،ڀاءُ جي غم ۾ ورتل تڏهوڪي وزيراعظم بينظير ڀٽو جي حڪومت خلاف اها سازش ڪامياب ٿي ، جنهن بعد پيپلزپارٽيءَ جي ئي چونڊيل صدر فاروق لغاريءَ اسيمبليون ٽوڙيون .( وڌيڪ ڏسو: بينظير ڀٽو ) هن وقت مرتضيٰ ڀٽي جي قائم ڪيل پارٽي پ پ ( شھيد ڀٽو ) جي سربراھہ سندس بيوه غنويٰ ڀٽو آهي .
1954.09.18 عيسوي
مير غلام مرتضيٰ ڀٽو 18 سيپٽمبر 1954ع تي ڪراچيءَ ۾ ڄائو
1996.09.20 عيسوي
مير مرتضيٰ ڀٽو 20 سيپٽمبر 1996ع تي شهيد ٿيو