
سنڌي، ميمڻ عبدالمجيد، ڊاڪٽر
ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، ڊاڪٽر: ڊاڪٽر عبدالمجيد سنڌيءَ، پهرين جنوري 1930ع تي شڪارپور ضلعي جي لکي تعلقي جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ماڙيءَ ۾ جنم ورتو. سندس والد جو نالو حاجي غلام حسين ميمڻ هو. پرائمري تعليم پنھنجي ڳوٺ ۽ سيڪنڊري تعليم شڪارپور ۽ لاڙڪاڻي مان حاصل ڪيائين. مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي مان 1952ع ڌاري پاس ڪيائين. شڪارپور مان قراءت ۽ فارسيءَ جي تعليم پڻ حاصل ڪيائين، مئٽرڪ کانپوءِ هن سول انجنيئرنگ ۾ ڊپلوما ڪئي ۽ ڪجهہ عرصو آبپاشي کاتي ۾ ’اوور سيئر‘ بہ رهيو، اڳتي هلي عبدالمجيد سنڌيءَ، بي. اي، ايم. اي (سنڌي)، ايم. اي (اسلامڪ ڪلچر)، ايم. اي مذاهب عالم ۾ خانگي طور ڪئي. هن 1962ع ۾ لا ڪاليج سکر مان ايل. ايل. بي پڻ ڪئي. عبدالمجيد سنڌي، 1954ع کان 1963ع تائين اوور سيئر رهڻ کانپوءِ، اُها نوڪري ڇڏي، سنڌيءَ جو ليڪچرار مقرر ٿيو. 1974ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان علامہ غلام مصطفيٰ قاسميءَ جي رهبريءَ هيٺ ’بيان العارفين- سنڌيءَ جي ترتيب ۽ اپٽار‘ تي تحقيقي مقالو لکي پي. ايڇ. ڊي ڪيائين. ڊاڪٽر صاحب مختلف هنڌن تي ليڪچرار ۽ پرنسپال جون خدمتون سرانجام ڏيندو رهيو ۽ 1990ع ۾ نوڪريءَ تان رٽائر ٿيو. ڊاڪٽر عبدالمجيد سنڌي پنھنجي پيشہ ورانه مصروفيتن کانسواءِ شاھہ عبداللطيف يونيورسٽي، خيرپور ميرس طرفان 1988ع کان ايم. فل ۽ پي. ايڇ. ڊي جي شاگردن لاءِ گائيڊ؛ سنڌي ادبي بورڊ ۽ سنڌالاجي اڪيڊمڪ ڪائونسل، سنڌ يونيورسٽي اڪيڊمڪ ڪائونسل؛ شاھہ عبداللطيف يونيورسٽي قومي نصاب ڪاميٽي؛ بورڊ آف اسٽڊيز سنڌي شعبو سنڌ يونيورسٽي ۽ شاھہ لطيف يونيورسٽي خيرپور؛ بورڊ آف اسٽڊيز شعبو اسلامڪ ڪلچر ۽ مذاهب عالم، شاھہ لطيف يونيورسٽي ۽ لاڙڪاڻي هسٽاريڪل سوسائٽيءَ جو ميمبر ۽ سنڌي ادبي اڪيڊمي لاڙڪاڻي جو چيئرمئن رهيو. ڊاڪٽر عبدالمجيد سنڌي ننڍي هوندي کان ئي سگهڙن جي ڪچهرين ۾ اٿڻ ويهڻ سبب ادب ڏانهن مائل ٿيو، ۽ اُنهن جا ڏور بيت ۽ ڳجهارتون قلمبند ڪرڻ شروع ڪيائين، سندس 1961ع ۾ ’ڏور‘ نالي سان ڪتاب شايع ٿيو. ڊاڪٽر عبدالمجيد سنڌيءَ جو ڇپايل پهريون ڪتاب ’ملان نصيرالدين جا لطيفا‘ آهي، جيڪو ملان نصير جي ٽوٽڪن ۽ سوانح تي ٻَڌل آهي. سندس پسند جا موضوع سنڌ جي سماجي ۽ ادبي تاريخ، لسانيات، تصوف ۽ لطيفيات هئا ۽ پاڻ گهڻي ڀاڱي اُنهن موضوعن تي ئي لکيائين. ڊاڪٽر عبدالمجيد سنڌيءَ سموري عمر سنڌي ادب جي واڌاري لاءِ جاکوڙ ڪئي، اُنهيءَ سلسلي ۾ ڪيترائي ڪتاب لکي ۽ ترتيب ڏئي سنڌي ادب کي مالامال ڪيائين. هن 1958ع ۾ پنھنجي دوست سيد خادم حسين شاھہ سان گڏجي ’سنڌي ادبي اڪيڊمي لاڙڪاڻو‘ قائم ڪئي، جنهن طرفان ڏهاڪو کن ڪتاب ڇپرائي پڌرا ڪيائين. ڊاڪٽر عبدالمجيد سنڌي، 1961ع ۾ جڏهن اسلاميہ ڪاليج سکر جو پروفيسر مقرر ٿيو تہ اتي ’سنڌ ۽ ادبي سوسائٽي‘ قائم ڪري نہ رڳو ادبي جلسا، مذاڪرا ۽ مشاعرا ڪرايا، پر اشاعتي سلسلو پڻ شروع ڪيائين. ڏهاڪو کن ڪتاب ڇپرايائين ۽ ’سکر جي سوکڙي‘ نالي ڪتابي سلسلو پڻ جاري ڪيائين. هن ڪتابي سلسلي جا ڪي خاص نمبر بہ ڪڍيا ويا، جھڙوڪ: ’شعراءِ سکر نمبر‘، ’جديد سنڌي ادب نمبر‘، ’مولائي شيدائي نمبر‘، ’صحافت نمبر‘، ’رشيد لاشاري نمبر‘ وغيرہ. هن اشاعتي اداري طرفان عبدالمجيد سنڌيءَ پنهنجا لکيل ۽ مرتب ڪيل ڪتاب: ذڪر اشرف، فڪر لطيف، مهراڻ تي مجلس، سکر جي سونهن، سڪر بيدل، رتيءَ جي رهاڻ، ملاحظو مهراڻ جو ۽ شيخ عبدالرزاق ’راز‘ جو ’تنقيد ۽ تجزيو‘ وغيرہ شايع ڪرايا. سکر ۾ رهڻ دوران ئي عبدالمجيد سنڌيءَ ’لطيف اڪيڊميءَ‘ نالي ادبي ادارو قائم ڪيو، جنهن جو چيئرمئن شيخ عبدالرزاق راز ۽ جنرل سيڪريٽري پاڻ ٿيو. اڪيڊميءَ پاران ’پارس ڪتابي سلسلو‘ جاري ٿيو، جنهن جو مرتب ڊاڪٽر صاحب پاڻ هو. هن ڪتابي سلسلي جا ٽي پرچا شهادت حسين (1966ع)، رحمت العالمين (1966ع) ۽ پارس (1967ع) ۾ شايع ٿيا. بعد ۾ جڏهن حڪومت سمورن ڪتابي سلسلن تي پابندي هنئي تہ هي ڪتابي سلسلو بہ بند ٿي ويو. 1982ع ۾ شڪارپور ضلعي جي انتظاميہ ’جشن شڪارپور‘ ملهايو ۽ ’شڪارپور سيمينار‘ منعقد ڪرايو. سيمينار ۾ پڙهيل مقالن کي ڇپايو، جيڪو شڪارپور جي تاريخ جو اهم دستاويز آهي. ڊاڪٽر عبدالمجيد سنڌيءَ کي سندس علمي ۽ ادبي خدمتن عيوض اعتراف طور 1982ع ۾ صدارتي تمغه امتياز ۽ 1992ع ۾ صدارتي اوارڊ ’ستارہ امتياز‘ سندس وفات کانپوءِ ڏنو ويو، ان کانسواءِ ٻيا ڪيترائي اوارڊ ۽ سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ۽ سنڌالاجيءَ طرفان ادبي انعام پڻ ڏنا ويا. ڊاڪٽر عبدالمجيد سنڌيءَ جي لکيل مقالن جو تعداد 261 آهي. سندس ڇپيل اڻ ڇپيل سنڌي ڪتابن جو تعداد 80، اردوءَ ۾ ڪتاب جو تعداد 10 ۽ انگريزي ڪتابن جو تعداد 2 آهي. سنڌيءَ ۾ سندس ڪتاب ’سنڌي ادب جي تاريخ‘، ’سنڌي ثقافتن تي اسلامي اثرات‘، ’سنڌيءَ ۾ نعتيه شاعري‘، ’سنڌي شرح قصيده برده شريف‘، فڪر لطيف، سچل جو پيغام، فڪر بيدل، سنڌ سياحن جي نظر ۾، شڪارپور ماضي ۽ حال، پرک ۽ پروڙ، تذڪره شهباز، تذڪره شعراءِ سکر، ماڻڪ موتي لعل (ٻہ ڀاڱا)، رس ۾ رسڻ گهوريو، سنڌي علم ادب اصول ۽ اهڃاڻ، سنڌي علم ادب، جوتيون جواهرن جون، سُر ڏهر، سچل جو سنيهو، گهڙيون گهاريم جن سين، شڪارپور جي ٻولي، سنڌي ادب جو تنقيدي اڀياس، سنڌ جي تاريخ جا وکريل ورق، ڪلام بشير، شاھہ ڪريم جو ڪلام، ناول نگاري ۽ ٽئلسمن جو جائزو وغيرہ شامل آهن. ڊاڪٽر عبدالمجيد سنڌيءَ جا اردوءَ ۾ ڪتاب ’سنڌي ادب ڪي مختصر تاريخ‘، ’نگارشات سنڌ‘، ’سوانح قلندر‘، ’شھباز قلندر‘، پاڪستان ڪي صوفيانه تحريڪ‘، ’لسانيات پاڪستان‘ وغيرہ آهن. انهن کانسواءِ ڊاڪٽر عبدالمجيد ڪيترائي ڪجهہ نصابي ڪتاب پڻ لکيا، جن مان واحد سنڌي گرامر، سنڌي گرامر، اسلامڪ ڪلچر، اسلامڪ اسٽڊيز، علم اقتصاديات شامل آهن. ڊاڪٽر صاحب ڪجهہ ڪتابن جا ترجما پڻ ڪيا، جن ۾ ڏوهاري ڪير (ناوليٽ)، ديس ديس جون ڪهاڻيون، ذڪر اشرف وغيرہ. ڊاڪٽر عبدالمجيد سنڌيءَ، 11 فبروري 1996ع تي وفات ڪئي. سندس آخري آرامگاھہ لاڙڪاڻي ۾ آهي.
1930.01.01 عيسوي
ڊاڪٽر عبدالمجيد سنڌيءَ، پهرين جنوري 1930ع تي شڪارپور ضلعي جي لکي تعلقي جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ماڙيءَ ۾ جنم ورتو.
1996.02.11 عيسوي
ڊاڪٽر عبدالمجيد سنڌيءَ، 11 فبروري 1996ع تي وفات ڪئي. سندس آخري آرامگاهه لاڙڪاڻي ۾ آهي.