ميين عبدالڪريم طبيب ٺٽوي وارو قلمي نسخو

ميين عبدالڪريم طبيب ٺٽوي وارو قلمي نسخو : شاھہ لطيف جو هي رسالو اصل ۾ ميين عبدالڪريم جي وڏن جو هو ۽ ڪن ڪاغذن تي ”احمد بن موسيٰ مداح“ جي وفات جي تاريخ غلطيءَ سان 14 محرم 1270ھہ بمطابق 17 آڪٽوبر 1853ع ڄاڻايل آهي. ”سر سسئي“ سان شروع ٿيندڙ هي نسخو ناقص آهي جو شروعاتي چار پنج ورق، آخر جا ڪي ورق توڙي وچان وچان ڪن جاين تي ڪي ورق کٽل آهن. جيڪو متن موجود آهي تنهن ۾ 26 سر، 1800 بيت ۽ 74 وايون شامل آهن. سر ”پورب ۽ رامڪلي“ کان پوءِ پنجن ورقن ۾ تمر فقير جا بيت لکيل آهن. سر سورٺ هيٺ ڪن بيتن کي جدا ڪري لکيو ويو آهي ۽ انهن بابت ڄاڻايو ويو آهي تہ اهي شاھہ صاحب جا ناهن پر ٻئي ڪنهن جا چيل آهن: ”ايضاً سرود سورٺ از گفتار کسي ديگر“. سرن جي ترتيب ۽ بيتن جي سٽاء مان ظاهر آهي تہ هي نسخو ۽ ”برٽش ميوزيم“ وارو نسخو ٻئي ترتيب ۾ هڪ جھڙا آهن، ۽ انهيءَ لحاظ سان هن جي شروعات بہ هيٺئين بيت سان ٿيل هوندي: ”پرتوو پنوه جو جهڙ جئن جهالا ڏي الخ.“ هن وقت موجودہ ورقن ۾ پهريون بيت هي آهي: آڌي وڃئو آکڙي نڪو پيءُ نہ ماس سوئي سو سيڻاس پري پڙاڏا ڪري. شروع ۽ آخر وارن ورقن ضايع ٿي وڃڻ سببان نسخي جي لکجڻ وارو سال توڙي ڪاتب جو نالو معلوم نہ ٿي سگهيا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو