نذر حسين سڪندري ڊاڪٽر: مشھور عالم، محقق ۽ اديب ڊاڪٽر نذر حسين سڪندريءَ جو جنم حاجي محراب خان شر جي گهر ۾ ڳوٺ مولابخش شر، تعلقي ٺري ميرواھہ، ضلعي خيرپور سنڌ ۾ 17 آڪـٽوبر 1956ع تي ٿيو. سندس ابتدائي تعليم ۽ تربيت مدرسہ صبغة الهدى شاهپور چاڪر ۾ پنھنجي وڏي ڀاءُ، عالم ۽ مفتي عبدالرحيم سڪندريءَ جي زيرنگراني ٿي. ان کانپوءِ کيس مدرسہ صبغة الفيض سومر فقير هنڱورو، شھدادپور ۾ داخل ڪيو ويو، جتان درس نظامي جي تعليم مڪمل ڪرڻ بعد دستور موجب جامعہ راشديه درگاھہ شريف پير جو ڳوٺ مان دستار فضيلت ۽ سند حاصل ڪري، سڪندري عالمن جي صف ۾ شامل ٿي ويو. ان سان گڏ هن سڪندريه اورينٽل ڪاليج صبغة الفيض شھدادپور مان ثانوي ۽ اعلى ثانوي بورڊ حيدرآباد سنڌ جا مولوي، عالم ۽ فاضل عربڪ جا امتحان پاس ڪيا. ان کانپوءِ پاڻ صبغة الهدى شاهپور چاڪر ۾ تدريس سان علمي خدمتون بہ سرانجام ڏيڻ شروع ڪيون ۽ پنھنجي وڏي ڀاءُ علامہ مفتي عبدالرحيم سڪندريءَ سان گڏ تحرير ۽ تصنيف جو ڪم پڻ شروع ڪيائين. اتان ئي سندس ادبي سرگرميون شروع ٿيون ۽ صداءِ وطن پبليڪيشن، مدرسہ صبغة الهدى، شاهپور چاڪر جي پليٽ فارم تان اشاعتي سلسلي کي جاري ڪيائين. ان کانپوءِ ان مفتي صاحب جي سهڪار ۽ سرپرستيءَ ۾ ماهوار ’الهدى‘ رسالو شروع ڪيو، جيڪو ڳچ عرصي تائين جاري رهيو، جنهن ۾ هن ايڊيٽر جي حيثيت سان علمي، ادبي، تحقيقي، سماجي ۽ ديني موضوعن تي ڪيترائي مضمون، مقالا ۽ اداريا لکي پاڻ مڃرايو. ان دوران هن وڏي جاکوڙ ۽ همت ڪري پير سائين محمد راشد روضي ڌڻي رحمة ﷲ عليہ جن جي سوانح حيات ۽ مڪتوبات تي تحقيق ڪري ڊاڪٽر غلام مصطفى قاسميءَ جي سرپرستيءَ ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان پي. ايڇ. ڊي جي ڊگري حاصل ڪئي ۽ ان تحقيقي مواد کي ڪتابي شڪل ۾ شايع ڪرايو.ان کانسواءِ ڊاڪٽر نذر حسين، علامہ مفتي
احمد يار خان نعيمي جي مشھور عقائد تي مشتمل اردو ڪتاب ’جائل الحق‘ جو سنڌي ترجمو ڪري شايع ڪرايو. تفسير ڪوثر شاھہ مردان شاھہ جي نئين سر پراڻيءَ سنڌيءَ مان جديد سنڌيءَ ۾ ٽرانسليشن، پروف ريڊنگ ۽ اشاعتي مرحلن ۾ بہ مفتي عبدالرحيم سڪندري صاحب سان ڊاڪٽر صاحب جي ڀرپور محنت شامل رهي. سندس مفتي عبدالرحيم سڪندريءَ کانسواءِ ٻہ ٻيا ڀائر بہ سڪندري عالم ۽ فاضل آهن. علامہ عبدالغفور سڪندري رٽائر عربي ٽيچر آهي ۽ علامہ ڊاڪٽر مولا بخش سڪندري ڪراچيءَ ۾ پروفيسر هجڻ سان گڏ تصنيف ۽ تاليف جون علمي ۽ ادبي خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي.
ڊاڪٽر نذر حسين هن وقت پير سيد صبغة ﷲ شاھہ شھيد ڊگري ڪاليج، سانگهڙ ۾ پروفيسر آهي ۽ گڏوگڏ جميعت علماءِ سڪندريه پاڪستان جو تا حيات ميمبر پڻ آهي.
1956.10.17 عيسوي
مشهور عالم، محقق ۽ اديب ڊاڪٽر نذر حسين سڪندريءَ جو جنم حاجي محراب خان شر جي گھر ۾ ڳوٺ مولابخش شر، تعلقي ٺري ميرواهه، ضلعي خيرپور سنڌ ۾ 17 آڪـٽوبر 1956ع تي ٿيو.