نعيمه تيجاڻي

نعيمه تيجاڻي: نعيمه جمع تيجاڻيءَ جو تعلق ڪنهن ادبي خاندان سان نہ هو، ڪراچيءَ جي علائقي کارادر ۾ ننڍڙي ڪاروبار ڪندڙ هڪ خاندان سان هو. مئي 1936ع ۾ جنم وٺندڙ نعيمه ڪراچي شھر ۾ ئي ابتدائي تعليم حاصل ڪئي ۽ 1957ع ۾ سينٽ جوزف ڪاليج مان گريجويشن ڪيائين، جتي سندس مکيہ مضمون رياضي ۽ انگريزي هئا. ان کانپوءِ سنڌيءَ ۾ ماسٽرس ڪيائين.کيس اسڪول جي ڏينهن کان وٺي پڙهائڻ جو شوق هو ۽ سندس اها خواهش ان وقت پوري ٿي، جڏهن هوءَ 1972ع ۾ پي. اي. سي. ايڇ ڪاليج ۾ سنڌيءَ جي ليڪچرار مقرر ٿي. جتي هوءَ رٽائرمنٽ تائين رهي. پنھنجي پڙهائيءَ واري عرصي دوران هوءَ بھترين استاد ۽ شاگردن جي شفيق گائيڊ رهي. هن نثري تحريرن ۽ تحقيق ۾ پنھنجي صلاحيتن مطابق ادبي موضوعن ۽ سماجي مسئلن جي چونڊ ڪئي ۽ سندس لکڻيون وڏن رسالن ۽ مخزنن ۾ شايع ٿيون. شخصي طور هوءَ ٿڌي طبيعت جي مالڪ رهي ۽ خاموش ۽ نرم لهجي واري عورت هئي. هن وٽ زندگيءَ جو مختلف تصور هو. انساني رشتن جي اعليٰ قدرن ۽ سچائيءَ ۾ يقين رکندي هئي. سخت محنت ۾ ويساھہ رکندي هئي. هن مرزا قليچ بيگ تي پي. ايڇ. ڊي ڪرڻ لاءِ گهڻي محنت ڪئي، پر ڪن سببن جي ڪري ائين نہ ڪري سگهي. هوءَ پڙهائيءَ جي آخري ڏينهن ۾ هن عظيم عالم بابت مواد جي ڳولا ۾ برطانيہ تائين بہ وئي. پر خراب صحت جي ڪري پنھنجي ذميواري پوري ڪري نہ سگهي ۽ پندرهن ڏينهن اندر پاڪستان موٽي آئي. نعيمه کي ادبي تاريخ ۾ نہ رڳو ليکڪا طور پر هڪ اهڙي شخصيت طور ياد رکيو ويندو، جنهن پنھنجي زندگي انساني قدرن ۽ وسيع تصور لاءِ وقف ڪري ڇڏي هئي. نعيمه تيجاڻيءَ ٻارن جي ادب تي بہ ڪافي تحقيق ڪئي. هيءَ محنتي ليکڪا سيپٽمبر 2000ع ۾ گذاري وئي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو