نواب سعيد خان

نواب سعيد خان: نواب حفظ جي وفات کانپوءِ نواب سعيد خان عرف خانزاد خان چنگيز 1700ع ۾ ٺٽي ۽ سيوهڻ سرڪار جو صوبه دار مقرر ٿيو ۽ هن پنھنجي پٽ ارشد خان کي ٺٽي جو نائب مقرر ڪيو. ان وقت سنڌ، اورنگزيب ۽ سندس پٽ جي پٽ جي حوالي هئي. ڪاهان (ڳاها)، بوبڪ، سن، هالا۽ کيبر پرڳڻا سيوهڻ سرڪار جي هٿ هيٺ هئا. هن پرڳڻي ۾ مغلن خلاف بغاوت زور تي هئي، زميندارن ڍلن ڏيڻ کان انڪار ڪيو هو، ان ڪري مغل نوابن مقامي ماڻهن خلاف باھہ ٻاري ڏني. مقامي سردار قيصر خان پنهور کي نواب سعيد خان جهُڪائي نہ سگهيو، نتيجي طور مغل شھزادي کيس هٽائي فضل کي سيوهڻ جو صوبه دار مقرر ڪيو. نواب سعيد خان آخري ڏينهن سنڌ ۾ گذاريا ۽ 1704ع ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو