شيخ نيلوفر ڊاڪٽر

شيخ نيلوفر ڊاڪٽر

نيلوفر شيخ ڊاڪٽر

نيلوفر شيخ، ڊاڪٽر: نامور تعليمي ماهر ۽ شاھہ عبدالطيف يونيورسٽيءَ جي اڳوڻي وائيس چانسلر نيلوفر شيخ جو شمار ملڪ جي اهم انتظامي عملدارن ۾ ٿئي ٿو. هن سنڌ يونيورسٽيءَ مان ايم. اي ۽ پي. ايڇ. ڊي تائين تعليم حاصل ڪئي. تعليم جي حصول کانپوءِ 1976ع ڌاري سنڌ يونيورسٽيءَ جي شعبي (South East & Far East Asian Study Centre) ۾ ليڪچرار مقرر ٿي. ٻہ سال ان عهدي تي فائز رهڻ کانپوءِ 1978ع کان 1982ع جي عرصي دوران خيرپور ۾ قائم شاھہ عبداللطيف يونيورسٽي جي آثارِ قديمہ واري شعبي ۾ سترهين گريڊ ۾ ليڪچرار جي عهدي تي فائز ٿي.1982ع ۾ کيس ترقي ڏيندي ساڳي يونيورسٽي جي ساڳئي شعبي ۾ اسسٽنٽ پروفيسر ۽ 1988ع ڌاري اڻويهين گريڊ ۾ ايسوسيئيٽ پروفيسر مقرر ڪيو. جڏهن تہ 1991ع کان 2004ع تائين آثارِ قديمہ جي شعبي ۾ پنهنجا فرائض سرانجام ڏيندي رهي. هن پنھنجي قابليت تي پهرين عورت وائس چانسلر هجڻ جو اعزاز ماڻيو آهي. هن 2007ع کان وٺي 2014ع تائين شاھہ عبداللطيف يونيورسٽي، خيرپور ۾ وائس چانسلر طور پنهنجيون ذميواريون نڀايون. هن مختلف وقتن ۾ ڪيترائي اوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ پڻ حاصل ڪيا، جن ۾ 1989ع ۾ آمريڪا جي شھر پينسلوينيا ۾ قائم ايڊنبرا يونيورسٽي مان ميرٽ جو سرٽيفڪيٽ، 1997ع ۾ اٺون اسٽار گرلز ۽ خواتين جو بين الاقوامي اوارڊ، 2000ع ۾ يونيورسٽي جي بھترين استاد هجڻ جو اوارڊ، 2006ع ۾ حڪومت پاڪستان جي وزارت خواتين امور طرفان محترمہ فاطمھ جناح گولڊ ميڊل ۽ 2012ع ۾ صدارتي اوارڊ ‘تمغهء امتياز’ سان نوازيو ويو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو