وينا شرنگي

وينا شرنگي

وينا شرنگي

وينا شرنگي: آل انڊيا ريڊيو جي نامور براڊڪاسٽر ۽ سنڌي ليکڪا، وينا شرنگيءَ جو جنم 16 فيبروري 1948ع تي شهدادڪوٽ، ضلعي لاڙڪاڻي (هاڻوڪي قنبر شھدادڪوٽ) ۾ ٿيو. ورهاڱي کان اڳ سندس وڏو ڀاءُ دهليءَ ۾ جج هو. سندس والد مهراج گوپي ڪرشن شرنگي شھدادڪوٽ جو اثر رسوخ وارو شخص، زميندار ۽ چانورن ڇڙهڻ جي ڪارخانن (سيلرن) جو مالڪ هو. وينا ۽ اُن جي ڀيڻ شالني، 1970ع کانپوءِ انڊيا وڃي آباد ٿيون. وينا پنھنجي ابتدائي تعليم سنڌ ۾، اعليٰ تعليم هند ۾ ورتي ۽ اتان گرئجوئيشن ڪيائين. عملي زندگيءَ جي حوالي سان پاڻ آل انڊيا ريڊيو، نئين دهليءَ ۾ بطور سينئر براڊڪاسٽر، پروڊيوسر ۽ ترجمي نگار رهي آهي. هن هندستان ۾ سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي واڌاري لاءِ تمام گهڻو ڪم ڪيو آهي. سنڌيءَ ۾ سندس يارنهن (11) ڪتاب ڇپجي چڪا آهن، جن ۾ سندس يادگيرين تي مشتمل ڪتاب ’ڪيئن وساريان ويڙهيچن‘ ۽ مختصر افسانن جو مجموعو ’زندگي هڪ ناٽڪ‘ ۽ سنڌ جي سفرنامي تي آڌاريل ڪتاب ’ڪڇان تہ ڪافر‘ شامل آهن. ان کان سواءِ هن آزاديءَ جي جدوجھد ۽ ملڪي خوشحالي جي ترقي ۾ سنڌي عورتن جي ڪردار تي ٻڌل ڪتاب ’پاڻ سڃاڻج سپرين‘ لکي شايع ڪرايو آهي. ورهاڱي کانپوءِ هندستان ۾ آباد ٿيندڙ ليکڪائن ۾ سندس حيثيت نمايان آهي. هن افساني، مضمون، نثري نظم، سفرنامي ۽ ادب جي مختلف صنفن تي طبع آزمائي ڪئي آهي. آمريڪا ۽ لنڊن ۾بين الاقوامي سنڌي ڪانگريسن ۽ سيمينارن ۾ شرڪت ڪري چڪي آهي. هند ۾ حڪومتي سطح تي جڙيل ايڇ.آر.ڊي وزارت هيٺ نيشنل ڪائونسل فار پروموشن آف سنڌي لئنگئيج (NCPSL) اداري جي ميمبر آهي ۽ دهليءَ ۾ قائم سنڌي اڪيڊميءَ جي ايگزيڪيٽو ميمبر پڻ رهي چڪي آهي. هند ۾ سندس هڪ ٻي سڃاڻپ مشھور ’سنڌي صحافيءَ‘ طور بہ آهي. کيس ايئر براڊڪاسٽر جي حيثيت ۾ پاڪستان جي اڳوڻي وزيراعظم محترمہ بينظير ڀٽو ۽ پاڪ هند جي ٻين عظيم شخصيتن جا انٽرويو ڪرڻ جو اعزاز بہ حاصل آهي. هيءَ هندستان ۾ سنڌي وومينز موومينٽ جي سرگرم ڪارڪن ۽ ’مارئي‘ نالي سنڌي عورتن جي سماجي ثقافتي سرگرمين تي مشتمل تنظيم جي جنرل سيڪريٽري طور پنهنجا فرض سر انجام ڏئي رهي آهي. سال 2014ع ۾ هن شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ تي بين الاقوامي ڪانفرنس دهليءَ ۾ سڏائي هئي، ان ۾ سنڌ ۽ هند جي برک اديبن شرڪت ڪئي هئي. ڪانفرنس ۾ پڙهيل مقالن جو ڪتاب مرتب ڪري پڻ ڇپرايو اٿس.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1948.02.16  عيسوي

آل انڊيا ريڊيو جي نامور براڊڪاسٽر ۽ سنڌي ليکڪا، وينا شرنگيءَ جو جنم 16 فيبروري 1948ع تي شهدادڪوٽ، ضلعي لاڙڪاڻي (هاڻوڪي قنبر شهدادڪوٽ) ۾ ٿيو.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

مختيار سمو
قابل ڏاهري
پريتم ورياڻي
ڪمال ڄامڙو ڊاڪٽر
صديق سالڪ برگيڊيئر
سانول جمالي
حاجن شاھہ هموطن سيتائي
ٺاڪر چاولا
حميد ڀٽو
سيد عبدالحسين موسوي
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون