وڪرم شھاڻي

وڪرم شھاڻي: هندستان جو نامور سنڌي اداڪار ۽ هدايتڪار وڪرم شھاڻي 21 مئي 1954ع تي خيرپور ميرس سنڌ ۾ ڄائو. ورهاڱي بعد سندس والدين هندستان هليا ويا. جتي احمدآباد ۾ رهائش پذير ٿيا. وڪرم جي تعليم بي. اي آهي. هن ڪيترن ئي سنڌي، هندي توڙي گجراتي ڊرامن ۾ اداڪاري ڪري پاڻ مڃايو. سندس مشھور ناٽڪن ۾: ‘ٻوڙا اچي مڙيا’، ‘هيلٿ سينٽر’، ‘انڌير نگري’، ‘راهو ڪيوَ’، ‘چورن مٿان مور’، ‘قاتل ڪون’ ۽ ‘پاڳل’ باقي ‘اتهاس’، ‘اڪبر بادشاھہ’ ۽ ‘ڪرڻ ڀار’ قابل ذڪر آهن. سندس ڪيترائي سنڌي ناٽڪ آل انڊيا ريڊيو تان وقت بوقت نشر ٿيا. سندس ٻہ ڊراما: ‘پيغام’ ۽ ‘سنگيت’ نهايت قبول ٿيا. هن ڊرامن ۾ ڊپلوما پڻ ڪئي، جنهن ۾ فرسٽ ڪلاس آيو. هن هندستان ۾ ‘رس ڪلا’ نالي ٿيٽر جو بنياد وڌو، جنهن جو پاڻ جنرل سيڪريٽري مقرر ٿيو. وڪرم سنڌي ٻوليءَ لاءِ هندستان ۾ پاڻ ملهايو ۽ ڊرامن ذريعي سنڌي ٻوليءَ کي هٿي ڏني.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1954.05.21  عيسوي

وڪرم شهاڻي 21 مئي 1954ع تي خيرپور ميرس سنڌ ۾ ڄائو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

چواين لاءِ
جمن چارڻ
سيد نور شاھہ
آڏواڻي پارپتي رام ڪرشن
تبريزي شمس الدين
محمد وريل سومرو
ڀائي پرتاب
امير بيگم ڀٽو
راشدي سليم
چوڌري محمد علي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون