ميهر جبل ۽ ٻاٻرا آثار
جبل
نشان
هٿرادو نالي
ٻاٻرو ماڳ/ ٻاٻرين جا آثار: گڏاپ کان اتر طرف اٽڪل 50 ڪلوميٽر پري ڪراچيءَ جي انتظامي حدن جي آخري ڇيڙي تي 15 ميل ڊگهو ۽ 1560 فٽ اوچو مهير جبل ڳاٽ بلند ڪيو بيٺو آهي. مهير جي اتر واري چوٽيءَ تي مٿي هڪ ڳوٺ ٻڌل آهي، جتي ماڻهن کوهه کوٽي پيئڻ جي پاڻيءَ جو انتظام ڪيو آهي. اها حيرت جي ڳالهه آهي ته خشڪ جبل جي چوٽيءَ تي کوهه مان پاڻي حاصل ڪيو وڃي. ڇا سچ پچ مهير جبل جو جسم پاڻيءَ سان ڀريل آهي؟ ڏيڍ هزار فٽن جي اوچائيءَ وارا جبل بادلن کي جهلڻ ۽ مينهن وسائڻ جي قوت نه رکندا آهن ۽ نه وري سنڌ ۾ برسات جي ايڏي شرح آهي جو جبل پاڻيءَ سان ڀريل هجن .
مهير جي چوٽيءَ تي ٻه ٽي ڳوٺ ٻڌل آهن. وڏي ڳوٺ ۾ هڪ ننڍڙو اسڪول به آهي. ڳوٺ جي ڀر ۾ ئي اهو کوهه به آهي، جيڪو ڳوٺ کي سال جو ڳَچ حصو پاڻي ڏيندو رهي ٿو. هي کوهه ڪنهن قدرتي ذخيري مان پاڻي نٿو کڻي. اڳين پيڙهين جي ماڻهن جبل جي چوٽيءَ تي موجود هڪ جابلو ڍوريءَ جي پيٽ ۾ هٿرادو بند ٻڌو هو. هر سال جڏهن مينهن پوندو آهي، تڏهن ان گهاري ۾ پاڻي ٻَڌجي وڃي ٿو. اهوئي پاڻي هوريان هوريان زمين ۾ جذب ٿي کوهه ۾ پاڻيءَ جي سطح قائم رکندو اچي ٿو. اها ٽيڪنڪ سنڌ جي جابلو ماڻهن وٽ ڪا نئين نه آهي. ڪوهستان ۾ ان جهڙا ڪيئي قديم بند ٽڙيل پکڙيل ۽ ويران حالت ۾ ملن ٿا. اها ساڳي ٽيڪنڪ گذريل صديءَ جي مُهڙ تائين ريڙهي مياڻ وٽ به استعمال هيٺ هئي. اڄ به ريڙهي مياڻ ويجهو ٽاڪرو برساتي ڍوريءَ ۾ ٻن هنڌن تي مضبوط ديوارن (بندن) جا کنڊر ۽ هڪ ڦِٽل کوهه جا نشان آهن. ريڙهي مياڻ تي واٽر سپلاءِ سسٽم اچڻ کانپوءِ قديم سرشتو ڦِٽي ويو آهي. انگريزن جي دور تائين به ان بند جي مرمت ٿيندي رهي هئي. مهير جبل تي موجود ساڳيو سرشتو اڄ به قائم آهي. ڳوٺاڻا ان بند جي حفاظت ۽ مرمت ڪندا اچن ٿا. اڳي انگريز سرڪار مدد ڏيندي هئي. هاڻي ماڻهو پنهنجي مدد پاڻ ڪن ٿا .
مهير ۾ هڪ قدرتي چشمو به موجود آهي، پر ان چشمي تي ڪو ڳوٺ ٻڌل ناهي .
هن وڏي ڍوري جو نالو ’ڪنڊ واري‘ آهي، جيڪو سانوڻ ۾ جبل جي اتاهينءَ تان پاڻي ميڙي اتر کان ڏکڻ طرف لهي ٿو، ۽ نيٺ اوڀر مان لنگهه ٺاهي مهير مان ٻاهر نڪري وري اتر طرف رخ ڪري ٿو. اهو ڍورو پوءِ، مهير جبل جي اتر مان وڪڙ کائي اولهه طرف حب نديءَ ۾ پاڻي اوتي ٿو. ان ڍوري ۾ وڏي ويراني آهي، هتي واڳون موجود آهن. ممڪن آهي ته ڪنهن وقت ۾ وڏين برساتن دوران ڪي واڳون حب نديءَ مان ’ڪنڊ واري‘ ڍوري مان ٿيندا مهير جبل جي هن اونهي ڪنڀ ۾ اچي ويا هجن. اهو به ممڪن آهي ته سنڌ ۾ ’واڳون پوڄا‘ جي تسلسل ۾ ڪنهن وقت هتي ڪي واڳون پاليا ويا هجن. هي ماڳ پڪ سان تيرٿ آستان به رهيو آهي هتي واڳونءَ جي پوڄا به هلي هوندي .
ڪنڊ واري ڍوري کي جنهن ۾ واڳون رهن ٿا. مقامي ماڻهو ’لاهوت اِتڙي‘ چون ٿا. لاهوت اِتڙيءَ تائين پهچڻ کان اڳ واٽ ۾ ڍوري جي اوڀر واري ديوار سان هڪ ننڍڙي تلاءَ ’مِيرڪي اِتڙي‘ جي ڀر ۾ انساني هٿ جي گهڙيل چڱي موچاري غار آهي. ان ۾ اندر 10-12 ماڻهن جي سمهڻ يا آرام سان وهڻ جي گنجائش آهي .
غار کان اڳتي جبل جون ديوارون اڀيون ۽ زمين ريتيليءَ مان ڦِري سخت ۽ پٿرائين آهي. هڪ ڪنڀ جو نالو ’ڪاري اِتڙي‘ آهي. چشمي جو وهڪرو تمام محدود آهي. ان کان مٿي ننڍڙن آبشارن تان ايترو پاڻي لهي ٿو. جيترو پراڻي پخال جي سوراخن مان نڪرندو آهي. پاڻيءَ جو هي ذخيرو مستقل آهي، انڪري ٻڪرار پنهنجو مال ڪاهي هتي ايندا آهن .
هٿرادو غار جي سامهون لڳ ڀڳ پنچ سوَ فٽن جي بلنديءَ تي هيءَ بٺي آهي. ڍوري ۾ هٿرادو غار کانپوءِ قديم انسان جي هڪ ٻي سرگرمي هڪ هٿرادو نالي آهي، جيڪا لاهوت اِتڙيءَ جو پاڻي وهائي ٻين ڪُنن ۽ ڪنڀن کي ڀرڻ لاءِ کوٽي وئي آهي. سخت پٿريلي فرش ۾ کوٽيل هيءَ نالي ڏيڍ فوٽ اونهي، ڏيڍ فوٽ ويڪري ۽ وِيهارو کن فٽ ڊگهي آهي. اها نالي کوٽڻ جي پويان وڏي جاکوڙ ۽ سخت ضرورت ڪار فرما نظر اچي ٿي. هن ڍوري جي پيٽ ۾ پنج ست کوهه موجود آهن .
معلوم ٿئي ٿو ته هيءَ ننڍڙي ماٿري آڳاٽي وقت ۾، گهٽ ۾ گهٽ آمري دور ۾ چڱيءَ طرح آباد هئي. حيرت جي ڳالهه آهي ته هيڏي سخت پٿر ۾ قديم لوڪ اها نالي ڪيئن کوٽي سگهيا؟ بهرحال، هيءَ نالي سنڌ ۾ آبپاشيءَ جي سڀ کان قديم آثارن مان هڪ ٿي سگهي ٿي. دادو ضلعي ۾ منڇر ڍنڍ جي اولهه طرف گاجي شاهه واري چشمي تي ساڳئي دور جي انسانن پڻ هڪ شاهي نالي تيار ڪئي هئي، جنهن جان نشان اُتي موجود آهن .
هي ڍورو هٿرادو ناليءَ کان مٿي سوڙهو ٿيندو وڃي ٿو. لاهوت اتڙيءَ وٽ چشمي جو پاڻي جبل جي هڪ سوراخ ۾ ڪري ٿو، جتي ان وهڪري هڪ ڍڪيل ۽ غار نما ڪنڀ ٺاهيو آهي. اوڀر ڏکڻ طرف غار جو ڪشادو منهن پُر اسرار ڏِک ڏئي ٿو. اونداهي غار جي آخري ڇيڙي تي ڇت ۾ ٺهي پيل سوراخ مان ڇڻي ايندڙ روشنيءَ سبب ڪنڀ جي اندرين ڪنڊ ۾ پاڻي جرڪندو نظر ايندو آهي. غار جي ڇت ۾ پاريهلن پنهنجا آکيرا جوڙيا آهن. هن اِتڙيءَ تي اهو نالو شايد ان ڪري پيو آهي، جو هي ماڳ ڪنهن حد تائين لاهوت واري اصل ماڳ سان هڪجهڙائي رکي ٿو .
مٿي جبل جون چوٽيون ديو قامت جانورن جهڙيون شڪليون ٺاهي بيٺيون آهن. سڀ کان اوچي چوٽي گهڻن منهن واري نانگ جيان ڦڻ کنيو بيٺي آهي. هڪ ڇپ ايئن آهي ڄڻ ڪو وڏو ڊائنوسار حملو ڪرڻ لاءِ پوين پيرن تي اُڀو ٿي بيٺو هجي. انساني کوپڙيءَ جهڙي هڪ شاهي ڇِپ جبل ۾ ڦاٿل آهي، جيڪا ڄڻ ته خالي اکين جي کوپن سان ڍوري ۾ ايندڙ ويندڙ کي گهوريندي رهي ٿي. هڪ ننڍي چوٽي قد واري ٿُلهي کُنڀيءَ جهڙي آهي. برساتن ڪن ڪن هنڌن تي جبل جون ڪچيون لاهيون، اهڙيءَ طرح ڪوريون آهن، جو اهي مندرن جو جهڳٽو محسوس ٿين ٿيون .
مهير جي ڪلهن تان پنڌ ڪندي ڍوريءَ مان لهي ٻاٻري واري ٽڪري تي چڙهبو. هيءَ اڏاوت ٻاٻري جي بُٺيءَ تي هڪ گوربنديءَ جي آهي، جيڪا ٽڪريءَ جي ڇت تي هڪ ننڍڙي پهاڙيءَ ڍوريءَ جو پاڻي جهلڻ لاءِ ٺاهي وئي هئي. پاڻي جهلڻ جو اهو ساڳيو نمونو آهي، جهڙو مهير جي اتر واري چوٽيءَ تي موجود ڳوٺ ۾ آهي. ٻنهي بندن جي ڄمار ۾ گهٽ ۾ گهٽ چار هزار سالن جي وٿي آهي .
بند کان هڪدم پوءِ هڪ نئون برساتي ڍورو وجود وٺي رهيو آهي، ان کاڌ سبب هڏين جو هيڪاندو ذخيرو ظاهر ٿي پيو آهي. هڏين جو هي ذخيرو تڏهوڪي دور ۾ سنڌ جي ثقافت ۽ خوراڪ وغيره تي سٺي روشني وجهي سگهي ٿو .
هتي ٻاٻرو بٺيءَ جي ڇت چڱي ويڪري ۽ هموار آهي. بٺيءَ جي ڪنڌيءَ تي چوطرف ننڍي حفاظتي ديوار ڏنل آهي. وچ ۾ هڪ وڏو کنڊر آهي ۽ چؤطرف اڳ تاريخي دور جون آمريءَ سان ڀيٽڻ جهڙيون ٺڪريون ۽ پٿري چاقو پکڙيل آهن. ڪٿي ڪٿي ڪو مڻيو به ملي وڃي ٿو. چوطرف ديوار جي اوچائي هن وقت فٽ ڏيڍ آهي. اهڙي ئي ديوار نئن کديجي (سپر هاءِ وي) لڳ ڪوٽاري بٺيءَ تي به نظر اچي ٿي جنهن جو تعلق پٿر جي پڇاڙڪي دور سان چيو وڃي ٿو .
ٻاٻرو بٺيءَ جي ڏکڻ طرف هيٺاهينءَ ۾ هڪ وڏي گبربند جا نشان ڏسڻ ۾ ايندا. ان هيٺاهين ڍوري جي پيٽ ۾ هاڻي هڪ ميدان جو منظر آهي البت ڍوري جي ٻنهي ڪنڌين تي ٽاڪرو لنگهن وٽ قديم بند جون بچيل نشانيون اڃا موجود آهن. هيءَ هڪ شاهي بند هو، جيڪو مٿئين بند جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ عرصي تائين پاڻي جهلي سگهيو ٿي .
مهير جبل ۾ ٻاٻرو بٺيءَ وارا آثار بنا ڪنهن شڪ شبهي جي اهم آهن. مٿاڇري تان لڌل ٺڪريون ۽ پٿر جون ڇريون هن ماڳ کي آمري ثقافت سان ڳنڍين ٿيون. هڪ گبربند، هڪ ننڍڙو بند ۽ هڪ هٿرادو کوٽيل ناليءَ سان گڏ هٿرادو غارن جو هڪ هنڌ وجود گڏجي ظاهر ڪن ٿا ته هن ماڳ تي تاريخ کان آڳاٽي دور ۾ هڪ مربوط ثقافتي تسلسل موجود هو ۽ مقامي ماڻهو آب رسانيءَ لاءِ هڪ باقاعدي نظام جي اهميت کان واقف هئا .
ٻاٻرا آثار، قديم آثارن جي لحاظ کان ايترا ئي دلچسپ ٿي سگهن ٿا، جيترا گاجي شاهه (آبشار وٽ قديم آثار) ۽ ڪوهه تراش بٺيءَ جا آثار آهن. ٻئي طرف لاهوت اتڙي ۽ ان کان مٿي موجود قدرتي کوهن وارو ماڳ کديجيءَ وانگر هڪ تفريحي ماڳ طور سڌارڻ جي لائق آهي .
ان ماڳ جي اتر کان ڏکڻ طرف مٿي ٻاٻرين جو ماڳ آهي. اتي قلعي جا نشان موجود هئا. اهي آثار تاريخ کان اڳ جا آهن. هن ماڳ تان لڌل ٺڪراٺو آمري ثقافت ۽ ڪوٽ ڏجي ثقافت واري ٺڪر سان ڀيٽڻ جهڙو آهي. هتي پٿرن کي گهڙڻ جو هنري ڪارخانو به موجود هو، جتي ماڻهو چقمقي پٿرن ۽ ڳاري منجهان تيز ڌار وارا اوزار ٺاهيندا هئا. ٻاٻرين جي ڏکڻ- اولهه ۾ هڪ قديم گبر بند جا آثار به آهن. ڪلمتين جي هڪ شاخ مهيري هتي رهي ٿي، شايد مهر جبلن ۾ رهڻ ڪري مٿن اهو نالو پيو آهي .