
پرمانند پياسي
پرمانند پياسي: سنڌي ٻوليءَ جي مشھور شاعر پرمانند پياسيءَ جو اصل نالو پَمون مل هو. هُو 4 اپريل 1895ع تي اسلام ڪوٽ ۾ پيدا ٿيو. هن ابتدائي تعليم پنھنجي تر جي بھترين استاد احمد خان کان حاصل ڪئي. 1917ع ۾ سنڌي فائينل جو امتحان فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪري، ننگرپارڪر ۾ پرائمري اسڪول جي هيڊ ماستر طور خدمتون انجام ڏنيون ۽ 14 اپريل 1950ع تي پرائمري اسڪول اسلام ڪوٽ جي هيڊ ماستر طور رٽائرڊ ٿيو. برصغير جي ورهاڱي سبب 1953ع ۾ کيس سنڌ بدر ٿيڻو پيو ۽ زندگيءَ جا باقي ڏينهن هندستان ۾ رهيو.پرمانند پياسي پنھنجي دور جي بھترين شاعرن ۾ شامل هو، همعصر شاعرن ۾ ڪشنچند تيرٿداس کتري بيوس، هوندراج دکايل، هري دلگير، شيخ اياز، موتي پرڪاش ۽ عبدالرزاق راز جھڙا قداور شاعر موجود هئا، جن نہ صرف سندس شعر کي ڀرپور داد ڏنو، پر بھترين شاعر طور تسليم ڪيو. پرمانند پياسيءَ جي شاعريءَ جو مجموعو ”پياسيءَ جِي پياس“ انڊيا مان شايع ٿيو. هن 1991ع ڌاري هندستان ۾ وفات ڪئي.
1895.4.4 عيسوي
شاعر پرمانند پياسيءَ جو اصل نالو پَمون مل هو. هُو 4 اپريل 1895ع تي اسلام ڪوٽ ۾ پيدا ٿيو.هن 1991ع ڌاري هندستان ۾ وفات ڪئي.