پير فدا محي الدين سرهندي

پير فدا محي الدين سرهندي: حضرت خواجہ غلام محي الدين جڏهن پنهنجن ٻن پٽن نظام الدين ۽ فدا محي الدين سان 1790ع ۾ شڪارپور آيو، ان وقت شڪارپور جو گورنر نواب مولا داد افغان هو، جيڪو سندس معتقد هو ۽ حج جي سفر ۾ بہ ساڻس گڏ هو. ان کانپوءِ خواجہ غلام محي الدين پشاور موٽي ويو. جڏهن پشاور تي سکن جو غلبو ٿيو تہ هي بزرگ پنھنجي ٻن پٽن ۽ خاندان سميت 1221ھہ/1806ع ۾ سنڌ ۾ اچي رهائش پذير ٿيو. سنڌ جي ٽالپر حڪمرانن سندس وڏي عزت ڪئي ۽ کيس ڪيترا هزار ايڪڙ زمين جاگير طور ڏني. خواجہ غلام محي الدين 1244ھہ/1828ع ۾ حيدرآباد ۾ وفات ڪئي. سندس مزار حيدرآباد جي سرفراز ڪالونيءَ ۾ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو