
ڀانڊاري پير ڪرهيو
پير ڪرهيو ڀانڊاري: سنڌ جي سرزمين تي هر دؤر ۾ ﷲ وارا، بزرگ، درويش ۽ نيڪ ٻانھا پيدا ٿيندا رهيا آهن. پير شيخ ڪرهيو ڀانڊاري بہ انهن مان هڪ ٿي گذريو آهي. سندس نالي سان ڳوٺ شيخ ڪرهيو ڀانڊاري سومرن جي تخت گاھہ روپا ماڙيءَ ڀرسان اڄ بہ موجود آهي. ٻين بزرگن وانگر هن فقير سان بہ ڪيتريون ئي روايتون منسوب آهن. ڳوٺ جو عالم فاضل استاد، عبدالرحيم شيخ، لوڪ روايتن آڌار پيرَ شيخ ڪرهيي ڀانڊاريءَ جو احوال هن ريت ٻڌايو آهي: ”هيءُ بزرگ ضلعي ٺٽي کان هتي آيو. سندس والد جو نالو چنچل شاھہ هو. شيخ ڪرهيو ڳالهائيندو ڪو نہ هو. هميشہ خاموش ۽ عبادت ۾ مشغول رهندو هو. پاڻ ۾ ست ڀائر هئا. ڀائرن سوچيو تہ ڪو طريقو ڪجي جيئن سندن ڀاءُ ڳالهائڻ شروع ڪري. هڪ ڏينهن سڀئي ڀائر گڏجي شڪار ڪرڻ لاءِ نڪتا. شڪار ڪندي ڪندي اهي هاڻوڪي جوءَ ۾ اچي نڪتا. اوچتو تتر ٻوليو تہ ڀائرن مان ڪنهن ڌڪ هڻي ان کي ڪيرائي وڌو. تڏهن شيخ ڪرهيي فرمايو تہ ”ڳالهائين نہ ها تہ ڇو مرين ها.“ تنهن تي سندس چپ جو روزو ٽوڙڻ يعني ڳالهائڻ بعد شيخ ڪرهيو ڀانڊاري گهوڙي تان هيٺ اچي ڪريو ۽ گذاري ويو. ان کان پوءِ کيس شيخ ڪريو يا ڪرهيو سڏيو ويو.“هن ڳوٺ سان واسطو رکندڙ مشهوراديب ۽ محقق شيخ محمد سومار، پنھنجي ڪتاب ”لاڙ جا ماڳ مڪان“ ۾ لکي ٿو تہ هيءُ ڳوٺ ڪنهن وقت شھر ۾ هو. هينئر رڳو کنڊر جي صورت ۾ موجود آهي. درگاھہ کان ٻن ميلن تائين سھڻي واري دڙي کان ڳٺي ڍوري جو وهڪرو ڏکڻ طرف وڃي ٿو. برهميت ۽ سانڍوھہ ڍنڍون هن ڳوٺ سان اچيو اڌ ميل تي بيهن. انهيءَ لحاظ کان اهو پراڻو تاريخي ڳوٺ ڳٺي ڍوري جي ڪنڌيءَ تي آهي. هيءُ ڳوٺ اڳي ”مرکان جو ڳوٺ“ سڏبو هو. پوءِ پڻي شيخ ٿيا تہ سندن ڳوٺ سندن مرشد پير شيخ ڪرهيي ڀانڊاريءَ جي نالي سان سڏيو ويو. مذڪوره بزرگ سومرن جي ڏينهن ۾ وصال ڪيو. سندس مقبرو غلام شاھہ ڪلهوڙي تعمير ڪرايو ۽ هن درگاھہ کي ”شاھہ ڪِرھہ“ جي نالي سان ياد ڪيائين. هتي ڪجهہ عرصو پاڻ رهيو ۽ پنھنجي لاءِ ڪوٽ بہ ٺهرايو هئائين. هتي جا شيخ مشھور معروف پئي رهيا آهن. ڪرهيي جي شيخن جا ٽي وڏا پاڙا آهن. جھڙوڪ: ”گهمناڻي“، ”رمضاڻي“ ۽ ”پٺاڻڪي“. مرکان شيخڻ ۽ شيخ الھبچايو هن علائقي جا مشھور بزرگ ۽ شاعر ٿي گذريا آهن. هن درگاھہ تي سال بہ سال پوھہ مهيني جي پهرين سومار تي ميلو لڳندو آهي. هن ڳوٺ کان اوڀر ۾ ٻن ميلن تي پَراڻ جو وهڪرو آهي. هن ڳوٺ کان پوءِ ڳٺو ڍورو موجودہ رڻ مان وهي وڃي ڪوري نار ۾ پوندو هو، جنهن جا هينئر رڳو نشان وڃي رهيا آهن. شيخ ڪرهيي ڀانڊاريءَ بابت هڪ ٻي لوڪ روايت مطابق: ”هيءُ بزرگ کير وٺڻ لاءِ ڪشتو کڻي اوڙي پاڙي ۾ ويو، پر کيس ڪٿان بہ کير نہ مليو، فقط هڪڙي پوڙهي مائيءَ کيس سڏ ڪري اڻ گهريو کير ڏنو. درويش ڏاڍو خوش ٿيو. پوءِ هن ان پوڙهي مائيءَ کي دعا ڪئي ۽ مشورو ڏنو تہ هو پنهنجو مال پهرائي سيم يعني مال جي قدرتي چاري واري ايراضيءَ ڏانهن روانو ڪري ڇڏي باقي جن پاڙي وارن کيس کير نہ ڏنو آهي، انهن جو مال ويٺو ئي رهندو. درويش کير کڻي پنھنجي مڪان تي آيو. سج بہ مٿي چڙهي آيو، پر ڪراڙي مائيءَ کان سواءِ ٻئي ڪنهن جو مال ڪو نہ پهريو ۽ وٿاڻ ۾ اتي جو اتي ئي ويٺو رهيو. پڇا ڳاڇا تي کين پوڙهي مائيءَ کان سڄو قصو معلوم ٿيو. ان تي سڀئي ڀاڳيا ڀڄندا درويش جي آسڻ تي آيا ۽ کيس عرض ڪيائون تہ سائين مديون معاف ڪريو تہ اسان جو مال پهري سيم ۾ چرڻ لاءِ وڃي. ان تي درويش فرمايو تہ سوا ڪوري يا پنج آنا في وڇ ۽ في ڇوڪرو سوا روپيو جهنڊ لهرائڻي باقاعدگيءَ سان ادا ڪندا رهجو. اهو شرط مڃڻ کان پوءِ درويش جي دعا سان مال پهري سيم ۾ چرڻ لڳو. اڄ بہ شيخ ڪرهيي جا مريد منڌرا، سوڍا، راڄڙ، لاکا ۽ شيخ وغيرہ هتي اچي پنھنجي نينگرن جي جهنڊ لهرائين ٿا. (درگاھہ تي وار ڪٽرائڻ کي جهنڊ لهرائڻ چئبو آهي). هڪ اندازي مطابق هي ڳوٺ 300 سالن کان آباد آهي. ويجهي ماضيءَ ۾ ڳوٺ ابوڙو شيخ، صالح شيخ، الھڏنو منڌرو، ويڌو منڌرو، پکريو راڄڙ، مينڌرو خاصخيلي ”واڍو“، علو راڄڙ، عبدالله منڌرو، ناٿو سوڍو ڳوٺ، الھہ بخش شيخ، سائين ڏنو شيخ ۽ راڌڻ شيخ ۽ بيا ڪيترائي ڳوٺ هئا، جن جا رهواسي بعد ۾ شيخ ڪرهيي ۾ اچي رهيا. هيءُ ڳوٺ ديھہ پٽيجي تعلقي ۽ ضلعي بدين ۾ اڄ بہ موجود آهي. ڳوٺ واسين جو چوڻ آهي تہ ديھہ پٽيجي اڳ ۾ صرف شيخن جي هوندي هئي، پر بعد ۾ ڪجهہ زمين ٻئي ذات وارن ماڻهن کي وڪرو ڪري ڏني وئي. درگاھہ جي اڱڻ ۾ پنجاھہ فوٽ ڊگهي ڪاٺي کتل آهي. جنهن بابت چيو وڃي ٿو تہ اها ڪڇ کان هوڙن وسيلي سمنڊ جي ڪناري آندي وئي. اتان وري درگاھہ جي ٻهاريدار ”آري پاٿري، اڪيلي سر ڪلهي تي کڻي اچي اڱڻ ۾ لڳائي. اهو قديمي نشان اڄ بہ موجود آهي. درگاھہ جا متولي يا مجاور شيخن جي ٽن پاڙن مان مخصوص وقت لاءِ چونڊبا رهن ٿا. ”گهمناڻي“، ”پٺاڻڪي“ ۽ ”رمضاڻڪي“ پاڻ ۾ فيصلو ڪري ڪنهن هڪ ماڻهوءَ کي طئي ٿيل عرصي لاءَ واري واري سان مجاور مقرر ڪن ٿا. هن وقت آدم شيخ درگاھہ جو متولي آهي. هن ڳوٺ جي ڏکڻ ۾ وانر پير ۽ زيرو پوائنٽ، اولھہ ۾ سهڻيءَ جو دڙو ۽ عربي سمنڊ، اوڀر ۾ روپا ماڙي ۽ مانڌر گهاڙ جو پوڇڙ ۽ اتر طرف ديھہ سانڍوھہ آهي. هن درگاھہ جا مريد ڪڇ ڀڄ ۽ جاتي تعلقي ۾ وڌيڪ آهن. شيخ فقير هاڻي بہ مريدن کان ڏن وصول ڪن ٿا. اڌ صدي اڳ سمنڊ جون ويرون هيستائين نہ پهچنديون هيون. زمينون آباد هيون. مقامي ماڻهن جو چوڻ آهي تہ هتي انب ۽ ڏاڙهونءَ جا وڻ بہ هئا. ان کان سواءِ ٻٻر، ڄار ۽ لئي بہ ٿيندي هئي. پر هاڻي ڪجهہ ڄاريون ۽ ڪي ٻٻر وڄي بچيا آهن. باقي زمين لوڻياٺي ٿي وئي. زمينون ڪلر ۽ لوڻ سبب تباھہ ٿي ويون آهن. ساوڪ ۽ ساون گاهن ۽ ٻنين جي زرخيزي بہ اڳي جهڙي نہ رهي آهي. درگاھہ تي سماع جي رسم شروع کان ٿيندي پئي اچي. سومر جي رات ۽ ڏينهن شيخ فقير سماع ڪندا آهن. باھہ ٻاري وڏو مچ ڪري ان تي ﷲ جو ذڪر ڪندا آهن. گهڻو اڳ دف بہ وڄائيندا هئا. وار کولي باھہ ٻاري ”ﷲ آلو“ جو ذڪر ڪندا مچ جي چو طرف ڦرندا رهندا هئا. هن وقت درگاھہ تي ڪي بہ سهولتون نہ آهن. ٻيو تہ ٺهيو بچاءُ بند بہ ڪونهي. جنهنڪري سمنڊ جون ويرون بنا ڪنهن جهل جي سڄي ڳوٺ کي لهرن ۾ لوڏينديون رهن ٿيون. بدين ضلعي جي مشھور ۽ معروف اديب شيخ محمد سومار هن ڳوٺ ۾ پيدا ٿيو. سنڌ جو ناميارو محقق ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب ڪيترائي دفعا ڄاڻايل ڳوٺ ۾ آيو آهي. مقامي ماڻهو خاص ڪري شيخ ذات وارا گهر ۾ ڳاڙهي کٽ نہ رکندا هئا.نيرو ڪپڙو نہ پائيندا هئا. مٿان ڇٽ يا ڇاڄو بہ نہ رکندا هئا. هن وقت تعليم عام ٿيڻ کان پوءِ اهي روايتون ۽ رسمون ختم ٿي ويون. مبارڪ شيخ، محمد شيخ ۽ محمد الرحيم شيخ، شاھہ جون وايون وڏي شوق سان پڙهندا هئا. راڌڻ شيخ مرلي ۽ ميوو شيخ پاوا وڄائيندو هو. درگاھہ ۾ مور جا کنڀ ۽ مانگر مڇ جو ڪنڊو سنؤڻ طور هميشہ رکيل هوندا هئا. پر هاڻي اهي بہ ڪونه ٿا ڏسجن. شيخ ڪرهيي ڀانڊاريءَ جي قبر مٿان ڪاٺ جو جهولو يا پينگهو سندس مريد ابراهيم ڪڇي ڪراچيءَ واري ٺهرايو. جيڪو ٻہ ٽي سال اڳ وفات ڪري ويو آهي. ڪو وقت هو جو شيخ ڪرهيي جو ميلو وڏي ڌام ڌوم سان ملهايو ويندو هو. پر هاڻ اها رونق نہ رهي آهي. ويجهي ماضيءَ ۾ سير تفريح جي ڀرپور ثقافتي شاهدي ڏيندي شيخ الھہ بچائي چيو آهي تہ: ميلا سڀئي مصريون، پر ڪرهيي جھڙا ڪونه، سڀئي ٿين سون، تہ بہ تر نہ پڄن تنهن کي. ان کان سواءِ سنڌ جي پهرين شاعرہ مائي مرکان شيخڻ بہ سندس مريدياڻي هئي. ان بہ سندس مدح ۾ ڳيچ چيا آهن. نموني طور هڪ ڳيچ ڏجي ٿو: هـــــــي ڪـــــانــڊڙي لـــَس، هـــــــي واســـــــرڙي وس، آءٌ کِـلـندي، ڪُـڏندي اچـان، ڪـرهـيل ڏٺم سک پار ۾.