ڀيم سين

ڀيم/ ڀيم سين: هندُن جي مذهبي رزميه منظوم داستان ’مهاڀارت‘ ۾، ڪوروَن ۽ پانڊوَن جي پاڻ ۾ راڄ-گديءَ جي قبضي تان دهليءَ جي ڀرسان، ڪروکيتر ۾ لڙائيءَ جو تفصيلي ذڪر آهي. لڙائيءَ ۾ ڪوروَن جي هڪ سؤ ڀائرن ۽ پانڊوَن جي پنجن ڀائرن جو دوبدو مقابلو هو. ڀيم، جنهن کي ڀيم سين به ڪوٺيو ويو آهي، پنجن ڀائرن ۾ ٻيو نمبر هو، هن جنگي تعليم شري ڪرشن جي وڏي ڀاءُ بلرام کان ورتي هئي. هُو قداور، طاقتور، مزاج ۾ قهري، بهادر ۽ گهڻ-کائوُ هو، جنهنڪري کيس ’وَرِڪو دَرَ‘ (بگهڙ جو ڀڀ) سڏيندا هئا. هٿيارن ۾ گهڻو ڪري هُو سؤنٽو استعمال ڪندو هو. جيڪو سندس جسماني قدامت آهر کيس ٺهڪندو هو. اهو کيس دروڻ ۽ ٻلرام استعمال ڪرڻ سيکاريو هو. سندس بيحد طاقت ڏسي، سندس سؤٽ دريوڌن جي ايلچيءَ کيس زهر ڏيئي گنگا ۾ لوڙهي ڇڏيو؛ پر نانگن جي راڄ ۾ سندس صحت ۽ طاقت کي بچايو ويو ۽ هُو واپس هستناپور موٽي آيو. اُتي هٿيارن جي ويڙهه ۾ ڀيم ۽ دريوڌن ٻنهي هڪ ٻئي سان سؤنٽن سان ويڙهه ڪئي، پر پوءِ اهو ذاتي وير ۾ بدلجي ويو، جيڪو دروڻ پنهنجي زور تي بند ڪرايو. اُنهيءَ ساڳئي مقابلي ۾، ڀيم ڪَرڻ کي ڦٽڪاريو ۽ مٿس لعنتون وڌيون، جنهنڪري سندن دشمني ۾ واڌارو ٿيو، جيڪا اڳ ۾ ئي پانڊوَن جي خلاف زورن تي هئي. جڏهن اُهي سڀئي ڀائر جلاوطني هيٺ هئا، تڏهن دريوڌن جي ترغيب تي کين سندن ئي گهر ۾ ساڙيو ويو، تڏهن هُو ئي هو، جنهن منصوبي جي اڳواڻ پروچنا جي گهر کي ڪڙو چاڙهيو هو، جو هن ئي اُن کي ساڙڻ گهريو ٿي. انهيءَ کان جلد پوءِ، هُن اَسُر (راڪش) هِڊمبَ کي ماري سندس ڀيڻ هِڊمبا سان شادي ڪئي. هُن هڪ ٻئي اَسُر وَڪَ کي ٽنگن کان جهلي چيريو ۽ پوءِ سندس ڀاءُ ڪِميرَ ۽ ٻين اَسُرن کي ماري ڇڏيائين. اُن کان پوءِ اَسُرن سندس آڻ مڃي ۽ ماڻهن سان ڪڏهن به کؤنس نه ڪئي. جڏهن پانڊوَ راجمڪار اِندرپرسٽ ۾ ڄمي ويٺا ته ڀيم اڪيلي سر مگڌ جي راجا جرا سنڌ سان مقابلو ڪيو، جنهن پانڊوَن جي طاقت کي نٿي مڃيو. ڀيم وايو پُتر (هوا جي پُٽ) جي حيثيت سان هنومان جو ڀاءُ هو، تنهنڪري تيز رفتاريءَ سان هوا ۾ اُڏامي سگهيو ٿي. اُڏامڻ جي طاقت سان ۽ هنومان جي مدد سان، هُن هماليه جي اوچين چوٽين ۾ ڪُوير جي سرڳ تائين پنهنجو دڳ ٺاهيو. سنڌ جو راجا ۽ ڪوروَ ڀائرن جو ڀيڻويو- دهشلا جو مُڙس، جئدرٿ جڏهن دروپديءَ کي کنڀي کڻي وڃڻ ۾ ناڪام ٿيو ته ارجن ۽ ڀيم سندس پيڇو ڪيو، پر ڀيم کيس قابو ڪري ورتو ۽ وارن کان جهلي کيس رَٿ مان هيٺ لاهي ايستائين ٿڏا هڻندو رهيو جيستائين هُو بيهوش نه ٿي ويو. ارجن جي روڪڻ تي هُو مارجڻ کان ته بچي ويو، پر هُن سندس وارن جي پنجن چڳن کي ڇڏي، باقي سمورا وار ڪپي ڇڏيا ۽ ماڻهن وچ ۾ اهو قبول ڪرايائين ته هُو پانڊوَن جو غلام آهي. جئدرٿ کي ڇڏڻ لاءِ، ڀيم پنهنجي ڀاءُ جو چيو نه ورتو، پر درُوپديءَ جو چوڻ مڃي کيس ڇڏي ڏنائين. پانڊوُ ٻيءَ جلاوطنيءَ ۾ وراٽ راجا ڏانهن هليا ويا. جنهن وٽ اڳ ۾ نوڪريءَ ڪندا هئا. ڀيم هڪ هٿ ۾ ڏوئي ۽ ٻئي هٿ ۾ تلوار جهلي، بورچيءَ جي ڪم تي لڳو، پر جلدي مشهور پهلوان جيموُت کي مقابلي ۾ مارڻ سان سندس بهادريءَ جا جوهر پڌرا ٿي پيا. دروپدي، راڻيءَ جي نوڪري ۾ هئي. مٿس راجا جو سالو ڪِيچڪ اڪن ڇڪن ٿي پيو هو. جڏهن دروپدي کيس سندس حرڪت کان باز رهڻ جو چيو ته هُن کيس بيعزت ڪري ۽ مٿس حملو ڪيو. جڏهن دروپدي ڏٺو ته سندس مڙس بدلو وٺڻ لاءِ ڪجهه نٿا ڪن ته هُن هميشه وانگر ڀيم کي بدلو وٺڻ لاءِ چيو. دروپدي ڪيچڪ ڏانهن اشارو ڪري ڀيم کي چيو، تنهن تي ڀيم سندس هڏيون ٽڪر ٽڪر ڪري کيس گوشت جي هڪ وڏي بال ۾ تبديل ڪري ڇڏيو، جيئن ڪو به چئي نه سگهي ته کيس ڪيئن ۽ ڪنهن قتل ڪيو آهي. کيس مارڻ ۾ دروپديءَ جو به حصو هو. هُن کيس جيئرو ساڙڻ جي سزا ڏيڻ جو چيو؛ پر ڀيم سندس وار ڇڪي اُهي منهن تي اهڙيءَ طرح وکيري ڇڏيا ته جيئن ڪو کيس سڃاڻي نه سگهي ۽ ڊگهي وڻ کي پاڙان پٽي، اُن کي سؤنٽو ٺاهي ڏانهس ڊوڙيو. هُو هڪ طاقتور گنڌروَ وانگر لڳي رهيو هو، تنهنڪري گڏ ٿيل ماڻهن جو ميڙ ڀڄي ويو ۽ دروپدي آزاد ٿي. ڪِيچڪ راجا وراٽ جي لشڪر جو سپهه سالار هو ۽ راجا جو ڀرجهلو هو. سندس موت کان پوءِ تِرگرٽ جي راجا سُسَرمَن، ڪوروَن ۽ ٻين جي مدد سان وِراٽ تي حملي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. راجا وِراٽ هار کاڌي ۽ هو باندي بنايو ويو، پر ڀيم سُرسَرمَن جو پيڇو ڪري کيس آڻ مڃائي ۽ بندي راجا کي ڇڏائي، فاتح کي باندي بنائي ورتو. ڪوروَن ۽ پانڊوَن جي هِن مهاڀارت ۾، ڀيم وڏو ڪردار ادا ڪيو. پهرئين ڏينهن هُن ڀيشم جو مقابلو ڪيو؛ ٻئي ڏينهن مگڌ جي راجا جي ٻن پٽن کي گهيري ۾ ورتائين ۽ انهن کان پوءِ سندن پيءُ ۽ سندس هاٿيءَ کي هڪ ئي ڌڪ سان ماري وڌائين. لڙائيءَ جي چوڏهين ۽ پنڌرهين ڏينهن جي وچ واري رات جو، ڀيم صبح جو سج اُڀرڻ تائين دروڻ سان ويڙهه جاري رکي؛ پر ڌرِشٽَ-ديوَمن هٿان مارجي وڃڻ جي افواهه کيس شڪ ۾ وجهي ڇڏيو، جنهن منجهند تائين ويڙهه جاري رکي. سترهين ڏينهن هُن دُهشاسن کي ماري وڌو ۽ سندس رت پيتائين، جنهن لاءِ هُن دروپديءَ کي بيعزت ڪرڻ تي قسم کنيو هو. لڙائيءَ جي آخري ارڙهين ڏينهن دريوڌن ڀڄي وڃي ڪنهن ڍنڍ ۾ لڪو. جڏهن کيس ڳولي لڌو ويو ته هُو تيستائين اُتان ٻاهر نه نڪتو، جيستائين کيس اها پڪ نه ڏني وئي ته کيس هڪ وقت ۾ هڪ کان وڌيڪ ماڻهن سان وڙهڻو نه پوندو، پر پوءِ به هُو تڏهن ٻاهر نڪتو، جڏهن پانڊوَن کيس طعنا ۽ گاريون ڏئي نه ڇيڙيو. ڀيم ۽ دُريوڌن هميشه وانگر سؤنٽن سان وڙهيا. اها لڙائي ڊگهي ۽ خوفناڪ هئي. ٻئي ڄڻا هڪٻئي جي جوڙ جا هئا، ۽ ڀيم اُن ۾ بگڙي پيو، جڏهن هُن ناجائز ڌڪ هڻي دريوڌن جي ران کي ناڪاره بنائي کيس زمين تي ڪيرائي ڇڏيو. هن اهڙي طرح پنهنجو قسم پورو ڪيو ۽ دروپديءَ جو بدلو ورتائين. هن پنهنجي دشمن جي مٿي ۾ نهايت زورائتو ڌڪ هنيو ۽ قهر وچان ايترو وحشي بنجي ويو، جو سندس ڀاءُ يڌشٽر کيس پنهنجي مُٺ هنئي ۽ ارجن کي چيائين ته کيس کڻي وڃي. ٻلرام ڀيم جي اهڙي روش تي سخت ناراض ٿيو ۽ پانڊوَن تي حملو ڪري وجهي ها، پر ڪرشن کيس ٿڌو ٿيڻ لاءِ چيو، تڏهن هو چپ ٿي ويو. هن اعلان ڪيو ته ڀيم کي هِن کان پوءِ ’جِهما-يوڌِن‘ يعني ’بي ايمان‘ ويڙهاڪ ڪوٺيو وڃي. جڏهن لڙائي پڄاڻيءَ تي پهتي ته ٻڍي راجا ڌرتراشٽر حڪم ڪيو ته ڀيم کي سندس اڳيان آندو وڃي. ڪرشن، جنهن کي نابين ٻڍي جي پٽ دريوڌن جي موت جي صدمي جي خبر هئي، جنهن کي ڀيم ماريو هو، سندس ارادي کي سمجهندي، سندس آڏو هڪ لوهي مجسمو آندو ويو، جيڪو ڌرتراشٽر پنهنجي ڀاڪر ۾ آڻي ٽوڙي ڇڏيو. ڌرتراشٽر ڀيم کي ڪڏهن معاف نه ڪيو . هُن پنهنجي اندر جو اوٻر سندس بي عزتيءَ ڪرڻ سان ڪڍيو، جنهن جي پڄاڻي راجا جي جهنگ منهن ڪري هلئي وڃڻ سان ٿي. آخر ۾ ڀيم گهوڙي جي قرباني ڪئي. جنهن کان پوءِ يُڌشٽر راج گديءَ تي ويٺو. ديومالائي خوبين کان سواءِ، ڀيم جو ڪردار فطري ۽ نيارو آهي. هو هڪ جسيم ۽ وڏي جانور جيتري سگهه رکندڙ، اڻ گهڙيل ذوق وارو، هٻڇين جهڙو بکيو ۽ ڪاوڙيلي سڀاءُ جو مالڪ هو، جيڪو جڏهن خوش هوندو ته مزاح سان ڀرپور لڳندو هو، پر جڏهن بدمزاج هوندو هو ته نهايت وحشي بنجي ويندو هو، ايتري قدر جو جڏهن ڪرشن مٿس ذاتي راءِ زني ڪندو هو ته هُو پنهنجو پاڻ تي قبضو نه رکي سگهندو هو.
سندس اَسُر زال هِڊمبا مان کيس گهَٽو ڪَچَ نالي پٽ هو ۽ ڪاشيءَ جي راجمڪاري بالنڌرا مان به کيس سَرَوَترَگا يا سرَوگَ نالي پٽ هو. ڀيم کي ٻين نالن مثال طور: ڀيم سين، ’باهو-سالِن‘ (ڊگهين ٻانهن وارو)، ’جَراسنڌَ- جيت‘ (جرا سنڌ جو فاتح) سان به سڃاتو ويندو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو