
ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ
ڊاڪٽر عبدالغفورسنڌي ميمڻ: نامور اسڪالر، اديب، محقق، ڊاڪٽر عبدالغفور ولد حاجي رحيم بخش ميمڻ، پهرين سيپٽمبر 1939ع تي ميمڻ محلي، لاڙڪاڻي ۾ پيد اٿيو. هن پرائمريءَ کان بي. اي تائين تعليم لاڙڪاڻي مان، ايم. اي سنڌي، سنڌ يونيورسٽي، ڄام شوري مان، ايم. فل سنڌ يونيورسٽيءَ مان 1975ع ۾، ۽ 1985ع ۾ سنڌي ادب ۾ پي. ايڇ. ڊي سنڌ يونيورسٽيءَ مان ‘اوڻيهين صديءَ جا نثر نويس’ جي عنوان تي ڪئي. ان کان سواءِ 1982ع ۾ ايل. ايل. بي پڻ ڪيائين. هن عملي زندگيءَ جي شروعات 1957ع ۾ پي. ڊبليو کاتي ۾ ڊرافٽس مين کان ڪئي. جتي 16 سال نوڪري ڪرڻ بعد 14 نومبر 1973ع تي تعليم کاتي ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو. جتان ترقي ڪري ايسوسيئيٽ پروفيسر جي عهدي تان 31 آگسٽ 1991ع ۾ رٽائر ڪيائين. کيس ننڍپڻ کان ئي ادب سان چاھہ هو. ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ جي صحبت ۾ 1956ع ڌاري لکڻ جي شروعات ڪيائين. سندس سوين تحقيقي مقالا، هند سنڌ جي مختلف اخبارن توڙي رسالن ۾ ڇپجندا رهيا آهن. کيس سنڌي، اردو، انگريزي زبانن تي عبور حاصل هو. هن جا ڪيترائي مقالا اردو، انگريزي، براهوي ۽ گجراتي زبانن ۾ ترجمو ٿي چڪا آهن. ميمڻ عبدالغفور سنڌيءَ، سنڌي انسائيڪلوپيڊيا جا مختصر جلد لکي متعارف ڪرايا. جنهن جا ڪجهہ واليوم پڻ ڇپيا. حافظ محمد احسن چنا کيس ‘قليچ ثاني’ جو خطاب ڏنو. هن شاھہ عبداللطيف سميت سچل سرمست تي ڪيترائي تحقيقي مقالا لکيا. هيءُ شاھہ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور طرفان ايم. فل ۽ پي. ايڇ. ڊي جو نگران پڻ رهيو. هن پنھنجي سموري عمر ادب ۽ ٻوليءَ جي خدمت ۾ گذاري. سندس 50 کان وڌيڪ ڪتاب شايع ٿيا، جن ۾ ‘ملا نصيرالدين جا لطيفا’ (1961ع)، ‘شاھہ عبداللطيف ڀٽائي’ (1969ع)، ‘زراعت ۽ باغباني’ (ٽي ڀاڱا)، ‘سنڌي ادب جي مختصر تاريخ’ (1976ع)، ‘هيرا لعل جواهر’ (1976ع)، ‘پاڪستان جو اڀياس’ (1977ع)، ‘ماڊرن اسڪول ڊڪشنري’ (1977ع)، ‘هيرن جو هار’ (1977ع)، ‘شرح سر ڏهر’ (1978ع)، ‘اسان جا اديب اسان جا شاعر’ (پنج حصا: 1980ع کان 1983ع)، ‘سنڌي انسائيڪلوپيڊيا’ (پنج جلد: 1980ع کان 1983ع)، ‘محمد رسول ﷲ’ (1980ع)، ‘عظيم سنڌي انسان’ (1981ع)، ‘غفور سنڌي گرامر’ (1981ع)، ‘ادبي خزانو’ (1983ع)، ‘سچا موتي’ (1987ع)، ‘ادبي شخصيتون’ (1990ع)، ‘سئو سنڌي سپوت’ (1994ع) وغيرہ قابل ذڪر آهن.
1939.09.01 عيسوي
ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ ولد حاجي رحيم بخش ميمڻ، پهرين سيپٽمبر 1939ع تي ميمڻ محلي، لاڙڪاڻي ۾ پيد اٿيو.