ڊرگهه بالا (ماڳ): هيءُ تاريخي ماڳ اسلامي دؤر جو يادگار آهي. هتي کوھہ ۽ هڪ عيدگاھہ بہ واقع آهي، جن کي ميرن جي دؤر ۾ وڏي اهميت حاصل هئي. هي ماڳ تعلقي جوهي، ضلعي دادوءَ ۾ ڊرگهہ بالا ڳوٺ وٽ آهي، جتي هڪ قلعي جا قديم آثار موجود آهن، جنهن جي ٻاهران هڪ ويڪرو ۽ سھڻو کوھہ آهي، جيڪو پڻ قلعي جيترو ئي پراڻو معلوم ٿئي ٿو. هتي موجود کوھہ جي مٿان هڪ خوبصورت پڳ ٻڌل آهي. هتي موجود عيدگاھہ جو ڪشادو ميدان آهي، جنهن کي چؤديواري ڏنل آهي. هن وقت قائم عيدگاھہ پراڻي عيدگاھہ جي هنڌ تي واقع آهي.ڊرگهہ بالا هڪ قديم ڳوٺ بہ آهي، ان جا ٻہ حصا پراڻي ڊرگهه ۽ ٻي نئين ڊرگهه سڏجن ٿا. محققن جو خيال آهي تہ ڊرگهہ اصل ۾ ڊرنگ لفظ جو بگاڙ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ’ڊرٻ‘ يا ’ننڍڙو دڙو’. انهن مان ’هيٺين ڊرگهہ‘ ۽ ٻئي حصي کي ’ڊرگهہ بالا‘ ڪري بہ ڪوٺين ٿا. ”ڪاڇو هڪ اڀياس“ ۾ عزيز ڪنگراڻيءَ ڄاڻايو آهي تہ: ”ٽالپرن جي ديري غازي خان کان چوٽي بالا مان هجرت بعد ڊرگهہ سندن پهريون سڪونت وارو هنڌ هو.“
ڪلهوڙن جي زماني ۾ ڪي مير شھدادپور ۾آباد ٿيا، ڪي وري جاگيرن ڏانهن هجرت ڪري ويا. جڏهن تہ مير ماڻڪ جو اولاد ترتيبوار مير الهيار خان، مير ٺارو خان، مير ڇٽو خان ۽ مير سائينداد خان هتي رهيا. هتي گاج سميت کوهن وسيلي آبپاشي ڪئي ويندي هئي، جنهن جا يادگار اڃا بہ موجود آهن. هي هنڌ ابتدا کان وٺي آبپاشي ۽ پوکي راهيءَ سميت ڀاڄين جي پيدائش وغيرہ جي حوالي سان مشھور رهندو آيو آهي. قديم زماني ۾ هي هنڌ وڻج واپار جو بہ مرڪز رهيو آهي. هتي هڪ ڪوٽ بہ تعمير ٿيل آهي.