اعرابِي

اعرابِي: عربستان جي صحرائن ۾ رهندڙ ڳوٺاڻا، خانه بدوش عرب، جيڪي خيمن ۾ رهندا آهن. قرآن شريف ۾ لفظ ’اعراب‘ انهيءَ مفهوم ۾ ڏهه دفعا آيل آهي. سنڌ ۾ اعرابين کي بَدُو چيو ويندو آهي، جيڪي حج جي نيت سان ويندڙ پانڌيئڙن کان سامان سڙو ڦري وٺندا هئا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو