الاسلام2

الاسلام2(رسالو ):هن نالي سان سلطان ڪوٽ (شڪارپور) مان ماهوار رسالو 1935ع ۾ جاري ٿيو. هن رسالي ۾ ديني مواد شايع ٿيندو هو. هي رسالو مولانا مفتي محمد صاحبداد ”ناصح“ ولد خميسي خان جمالي جي نگراني ۾، ۽ ”مسلم پرنٽنگ پريس“ هاٿي در شڪارپور مان ڇپبو هو. هي رسالو 32 کان 40 صفحن تي مشتمل، ڊيمي سائيز ۾ شايع ٿيندو هو. هي رسالو شڪارپور مان شايع ٿيندڙ رسالن ۾ وڏي اهميت رکندو هيو. هن رسالي ۾ ڪيترن ئي ديني مسئلن جو تذڪرو ۽ انهن جي موثر حل جو ذڪر ٿيندو هيو. هي رسالو 1938ع تائين شايع ٿيندو رهيو ۽ پوءِ بند ٿي ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو