دودو مهيري

دودو مهيري

دودو مهيري

دودو مهيري: سنڌ جي نامياري قومپرست سياسي اڳواڻ، ڊاڪٽر دودي مهيريءَ جو پورو نالو دودو ولد محمد صالح مهيري آهي. هن ڳوٺ بجارِي شريف، تعلقي ڪڙيي گهنور (موجوده شهيد فاضل راهو)، ضلعي بدين ۾، 5 آڪٽوبر 1956ع تي جنم ورتو. هن پرائمري تعليم ڳوٺ مان ۽ اٺين ڪلاس تائين مڊل اسڪول کورواهه مان ورتي، جڏهن ته مئٽرڪ سعيدپور هاءِ اسڪول مان 1973ع ۾ ڪري، 85-1984ع ڌاري لياقت ميڊيڪل ڪاليج، ڄام شوري مان ايم. بي. بي. ايس جو امتحان ڏنائين. ڊاڪٽر دودي مهيريءَ جو واسطو سنڌ جي عالم گهراڻي سان رهيو آهي. سندس ڏاڏو عابد ۽ ڏاڏي جا ڀائر سالم ۽ عارف مهيري وڏا عالم هئا، جڏهن ته سندس پڙ ڏاڏو علامه علي محمد مهيريءَ جو سنڌ جي وڏن عالمن، فتويٰ نويسن، لغات نويسن ۾ شمار ٿيندو هو. هو سٺو شاعر هو ۽ هن ’قصيده برده شريف‘ جو سنڌي بيتن ۾ ڪمال جو ترجمو ڪيو آهي.
اهڙو علمي پسمنظر رکندڙ دودو مهيري، ڪاليج کان وٺي علمي، سماجي ۽ سياسي طور سرگرم رهيو. 1974ع ۾ ’جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن‘ جو ميمبر ٿيو ۽ 1980ع کان ٽي ڀيرا جساف جو مرڪزي جنرل سيڪريٽري رهيو. جڏهن ڊاڪٽر قادر مگسي ’جيئي سنڌ ترقي پسند محاذ‘ جوڙيو ته ڊاڪٽر دودو مهيري 1990ع ۾ ان جو صدر ٿيو. هي سنڌ ترقي پسند پارٽيءَ جو 2000ع تائين جنرل سيڪريٽري به رهيو. قادر مگسيءَ سان اختلافن کان پوءِ هو ٻه سنڌ نيشنل ڪائونسل جو ميمبر ۽ آرگنائيزر رهيو. 2011ع کان سيد جلال محمود شاهه جي سربراهيءَ ۾ قائم ’سنڌ يونائيٽيڊ پارٽيءَ‘ جو ميمبر ٿيو ۽ هن وقت ان جو مرڪزي سيڪريٽري جنرل آهي. ڊاڪٽر دودي مهيريءَ جو شاگرد سياست کان عملي سياست تائين ڪردار شفاف رهيو آهي. هي 11 سالن کان وڌيڪ عرصو جيلن ۾ رهيو آهي. پهريون ڀيرو 1979ع ۾ هڪ مهينو قيد رهيو، ان کان پوءِ ضياء الحق جي مارشل لا دوران 1981ع کان 1983ع تائين جيل ۾ رهيو ۽ کيس 30 ڪوڙا به لڳا. 17 آڪٽوبر 1984ع جي ٽوڙي ڦاٽڪ سانحي دوران کيس ٻيهر گرفتار ڪيو ويو ۽ اهم قيديءَ طور مٿس اسپيشل ٽربيونل ۾ ڪيس هليو. هي سينٽرل جيل ۽ نارا جيل حيدرآباد، سينٽرل ۽ لانڍي جيل ڪراچي، سينٽرل جيل سکر ۽ مچ جيل بلوچستان ۾ قيد ۽ ٽارچر سيلن ۾ بند رهيو. هن سڄي زندگي سنڌ جي قومي مسئلن لاءِ جدوجهد ۽ اڳواڻي ڪندي گذاري. 1989ع ڌاري سکر کان گورنر هائوس ڪراچيءَ تائين لانگ مارچ ڪيائين.
ڊاڪٽر دودو مهيري سماجي ورڪر ۽ اڳواڻ طور ضلعي بدين جي تعلقي گولاڙچي، حيدرآباد جي قاسم آباد ۽ سحرش نگر، ڪراچيءَ جي شانتي نگر، سچل ڳوٺ وغيره ۾ ڪيترا اسڪول ۽ اسپتالون قائم ڪرايون ۽ ڪيترا ڳوٺ پڪا ڪرايا. هو 1983ع کان 2012ع تائين سنڌ جي مختلف سياسي اتحادن: سنڌ قومي اتحاد، سپنا (SPNA)، سنڌ بچايو ڪاميٽي ۽ ٻين ننڍن وڏن فورمن جو ميمبر رهيو.
ڊاڪٽر دودو مهيري، شاگرديءَ جي زماني کان وٺي جي. ايم. سيد جو فڪري پيروڪار ۽ سندس قومي پيغام کي پکيڙڻ ۾ سرگرم رهيو آهي. هن جي. ايم. سيد، رئيس عبدالحميد خان جتوئي، ممتاز علي ڀُٽي، عبدالواحد آريسر، شاهه محمد شاهه'>سيد شاهه محمد شاهه، گل محمد جکراڻي، خان قريشي'>بشير خان قريشي، ڊاڪٽر قادر مگسي، سيد جلال محمود شاهه ۽ ٻين قومي ڪارڪنن ۽ سياستدانن سان گڏجي جدوجهد ڪئي آهي. هن 1999ع ۽ 2000ع ۾ ورلڊ سنڌي ايسوسيئيشن ۽ ورلڊ سنڌي ڪانگريس جي دعوتن تي آمريڪا جي عالمي فورمن ۽ پروگرامن ۾ شرڪت ڪري، سنڌ جو ڪيس پيش ڪيو. ٽي ڀيرا صوبائي چونڊن ۾ گولاڙچي ۽ ٽنڊي الهيار مان بيٺو، پر ڪامياب نه ٿيو. ڊاڪٽر هڪ بهادر پيءُ جو فرزند آهي، جڏهن جنرل ضياء الحق جي دؤر ۾ سندس والد کي گرفتار ڪري، معافي وٺڻ لاءِ چيو ويو ته هن مارشل لا ائڊمنسٽريٽر کي تاريخي جواب ڏنو ته ”دودن جا پيئر معافي نه وٺندا آهن“. ڊاڪٽر دودي جي سياسي جدوجهد سبب تشدد ٿيڻ ڪري سندس وڏو ڀاءُ، چاچو ۽ سؤٽ اپاهج زندگي گذاري رهيا آهن. مقامي سطح تي ڊاڪٽر صاحب آبادگارن جي مسئلن لاءِ به جدوجهد ڪئي.
ڊاڪٽر دودوي مهيريءَ ٻه شاديون ڪيون. پهرين 1975ع ۾ ’مکڙي مهيريءَ‘ سان ۽ ٻي 19 فبروري 2000ع تي سنڌي ليکڪا ۽ شاعر رخسانه پريت چنڙ سان، جنهن مان کيس محمد صالح (همير) ۽ ڪبير ٻه فرزند آهن. ڊاڪٽر دودو مهيري هن وقت عبدالله ٽائون، قاسم آباد، حيدرآباد ۾ رهائش پذير آهي.


لفظ دودو مهيريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1956.10.05  عيسوي

سنڌ جي نامياري قومپرست سياسي اڳواڻ، ڊاڪٽر دودي مهيريءَ جو پورو نالو دودو ولد محمد صالح مهيري آهي. هن ڳوٺ بجارِي شريف، تعلقي ڪڙيي گهنور (موجوده شهيد فاضل راهو)، ضلعي بدين ۾، 5 آڪٽوبر 1956ع تي جنم ورتو.


1984.10.17  عيسوي

17 آڪٽوبر 1984ع جي ٽوڙي ڦاٽڪ سانحي دوران کيس ٻيهر گرفتار ڪيو ويو ۽ اهم قيديءَ طور مٿس اسپيشل ٽربيونل ۾ ڪيس هليو. هي سينٽرل جيل ۽ نارا جيل حيدرآباد، سينٽرل ۽ لانڍي جيل ڪراچي، سينٽرل جيل سکر ۽ مچ جيل بلوچستان ۾ قيد ۽ ٽارچر سيلن ۾ بند رهيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

فضل الله انڍڙ
پرڀداس برهمچاري
قاضي دوست محمد اول
راجيش کنا
پليجو نور محمد
عبدالستار اسحاق حاجي
پيرل سومرو
ڀڳت کيمچند
جارج واشنگٽن
سيد غلام حيدر شاهه 2
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون