سنسار

سنسار

سنسار

سنسار (ڪتاب): هي ڪتاب سنڌي ٻوليءَ جي برک ليکڪ تيرٿ بسنت جي تخليقي ويچارن تي مشتمل آهي، جيڪي نثري نظم واري انداز ۾ لکيل آهن ۽ ان جا ڪيئي عنوان آهن، جهڙوڪ: سفيد وار، سڀاڻي سڀاڻي، ٺلها سپنا، پيار جو سڏ، چمپا، سنجها جا گهنڊ، بيکارڻ، مئي جو مهينو، سياڻي اياڻپ، انا ساگر، انسان، پئرس جون پراچين ڪلائون، درشٽي سرشٽي، لنبو سفر، پمتڪار، بکايل خيال، تن ۾ تؤنس، قيامت جي ڪرامت، گرم احساس، پريشان دنيا، انادي انت ڪار، ڇيڳري دل، ڌرتيءَ جي دز جو شان، ڌرتيءَ جي پڪار، پرٿويءَ جي پڪار، پڃري ۾ پکي، خود خيالي، وشو درشن وغيره وغيره.
ڪرائون سائيز جي 268 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب، ڄيٺانند لالواڻيءَ، ڀارت جيون پرنٽنگ پريس، بمبئيءَ مان ڇپايو ۽ تيرٿ بسنت 1982ع ۾، دهليءَ مان پڌرو ڪيو ڪتاب جي قيمت 20 روپيا آهي.


لفظ سنسارھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو