لَونڊَڪَ

لَونڊَڪَ: هيءَ تڪڙي لَئي ۽ ردم واري جُهمر ليکبي آهي. هيءَ خاص موقعن جي جهمر آهي.
جهمر جا ٻول سنڌي ٻوليءَ، ان جي ٿري لهجي کانسواءِ بلوچي، پشتو ۽ سرائڪيءَ ۾ به ٿين ٿا، جن ۾ هرهڪ جهمر جي قسم ۽ هر هڪ ذات ۽ قبيلي جا پنهنجا پنهنجا ٻول هوندا آهن. سنڌي جهمر جي ٻولن ۾:
ڪانئڙي ڪانئڙي، بڊي جي هيءَ ڪانئڙي
اِها مور مڇي آئي، بڊي جي هيءَ ڪانئڙي-
الا لا ناز ڪر !
اڃا نازو ننڍڙي، ناز نه ڪر.
جهمر عورتون ۽ مرد جدا جدا به هڻن، گڏجي جوڙا ٺاهي به هڻن. سنڌ جي اُتر واري ڀاڱي ۾ ويندي سبي ۽ بلوچستان ۾ جهمر هڻندا آهن، جن مان ڪي نمونا هن طرح آهن:


هن صفحي کي شيئر ڪريو