ڀيلاوان

ڀيلاوان: هن ڦل کي انگريزيءَ ۾ Markingnut، لاطينيءَ ۾ Semi Carpus Anacardium، عربيءَ ۾ حب القلب، فارسيءَ ۾ بلادر، هندي ۾ ڀلاوا، سنسڪرت م ڀلاتڪ، بنگاليءَ ۾ ڀيلايا ۽ گجراتيءَ ۾ پلاما سڏيو ويندو آهي. هي ڪاجوئي Anaca radiaceae جي آڪهه مان آهي. هي هڪ ول جو ڦل آهي. جيڪو هماليه جي تراين ۾ ٿئي ٿو. ڀيلاوا دل جي شڪل تي ڪاري رنگ جو هوندو آهي. ڀيلانوي کي زور ڏيڻ سان ڪارو گھاٽو تيل نڪري ٿو. جنهن کي غسل بلادر چيو وڃي ٿو. هن جو مغز اڇو ۽ مٺو هوندو آهي. هي گل حڪمت ۾ ڪم اچي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو