ڀُونڊو

ڀُونڊو: هٿ جون پنج ئي آڱريون کولي سامهون ڏيکارڻ. جنهن جو مقصد آهي ”لعنت وجهڻ“. ڀونڊي ڏيڻ جي رسم سنڌ ۽ سرائيڪي بيلٽ جي ماڻهن ۾ آهي، جيڪا نفرت ۽ بي عزتيءَ جي علامت آهي. سنڌ ۾ ڀونڊي کي ”بُجو“ به چيو ويندو آهي. ڀونڊو ڏيڻ مهل هي لفظ به چوندا آهن: ”لَکَ جي لَعنتِ“.


هن صفحي کي شيئر ڪريو