تصويرون ۽ عنوان

سنڌيانا ۾ موجود تصويرون ۽ انهن جا عنوان پڻ ڏسي سگھو ٿا

تاريخ وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي حوالي طور تاريخ وار رکيو ويو آهي

موضوع وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي موضوع وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي

الف بي وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي الف ب وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي

اڄوڪي ڏينهن تي

هفتي جا مقبول مضمونَ

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا

سنڌي زبان جي تاريخ ۾، سنڌ بابت پهريون جامع ۽ باتصوير دستاويز ’انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا‘ جي صورت ۾ آگسٽ 2009ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. جنهن جا هن وقت تائين 12جلد ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن، جڏهن ته جلد تيرهون پڻ تياريءَ جي آخري مرحلن ۾ آهي. هن اهم رٿا جو ابتدائي خاڪو ته 1998ع ۾ جڙيو پر ان کان اڳ سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي قيام بعد 1991ع کان ئي اهڙي رٿا تي سوچ ويچار جو سلسلو شروع ٿيو هو. بعد ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ هن رٿا جوابتدائي خاڪو تيار ڪيو ۽ 1998ع ۾ سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ جي تڏهوڪي چيئرمين ڊاڪٽر غلام علي الانا باقائدي ريسرچ سيل ٺاهي نامور استاد ۽ عالم شيخ محمد اسماعيل کي انچارج مقرر ڪري نوجوان ريسرچرن جي ٽيم ترتيب ڏني. انهيءَ سلسلي ۾ سنڌ جي هر ضلعي ۾ اديبن ۽ سهڪاري ساٿين کي به مواد ۽ تصويرن وغيره جي سهڪار لاءِ خط لکيا ويا. ايڊيٽوريل بورڊ ۾ جناب محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر فهميده حسين ، ڊاڪٽر الله رکيو ٻُٽ، امداد حسيني، ڊاڪٽر شمس الدين تنيو ۽ تاج جويو شامل هئا. پهرئين جلد جو ڪم لڳ ڀڳ پورو ٿيو پر اهو ڇپائي جي مرحلي کان رهجي ويو، ڇاڪاڻ ته 2001ع ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا جي وڃڻ بعد هن اسڪيم تي ڪم بند ٿي..... وڌيڪ پڙهو

اڄ جو مضمون

** حاجي عيسيٰ ساندائي محدث **

حاجي عيسيٰ ساندائي محدث: حاجي عيسيٰ حديث جو ڄاڻو ۽ پنهنجي وقت جو وڏو عالم هو. هن جا وڏا اصل پنجاب جا هئا، جيڪي رنجيت سنگهه جي ظلمن سبب سنڌ ۾ لڏي آيا ۽ شهدادڪوٽ ۾ مقيم ٿيا. حاجي عيسيٰ ذات جو اعواڻ هو. جڏهن جوان ٿيو ته مٽياريءَ ۾ مخدوم عبدالڪريم جي مدرسي ۾ داخل ٿيو، جتي مسلسل ستن سالن تائين تعليم حاصل ڪيائين. 12 محرم 1295هه مطابق 1878ع ڌاري، جڏهن انگريزن سنڌ تي قبضو ڄمائي ورتو ته مخدوم عبدالڪريم متعلوي پنهنجي گهرواريءَ سميت هجرت ڪري مڪي شريف ويو، ته ساڻس گڏ سندس پيارو شاگرد حاجي عيسيٰ ساندائي به عربستان ويو. ٻن سالن جي عرصي بعد مخدوم عبدالڪريم وفات ڪري ويو، ته حاجي عيسيٰ مخدوم صاحب جي گهر واريءَ کي واپس پنهنجي ڏيهه سنڌ وٺي اچڻ جو خيال ڪيو ته خواب ۾ مخدوم صاحب تلقين ڪيس ته عدت واري عرصي کان پوءِ سندس گهر واريءَ کي سنڌ نيو وڃي. حاجي عيسيٰ ذهين ۽ علم جو ذوق رکندڙ شخص هو، اهو ئي ڪارڻ هو ته هن حرمين شريفين جي عالمن کان حديث جو علم حاصل ڪيو. هڪ سال جي عرصي کانپوءِ پنهنجي استاد محترم جي گهر واريءَ کي وٺي سنڌ واپس آيو ۽ اچي مٽياريءَ ۾ ترسيو. پهرين هيءُ حنفي فقھ جو عالم هو، پر حديث جي علم جي حا....وڌيڪ پڙهو