سنڌيانا ۾ موجود تصويرون ۽ انهن جا عنوان پڻ ڏسي سگھو ٿا
سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي حوالي طور تاريخ وار رکيو ويو آهي
سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي موضوع وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي
سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي الف ب وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي
سنڌي زبان جي تاريخ ۾، سنڌ بابت پهريون جامع ۽ باتصوير دستاويز ’انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا‘ جي صورت ۾ آگسٽ 2009ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. جنهن جا هن وقت تائين 12جلد ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن، جڏهن ته جلد تيرهون پڻ تياريءَ جي آخري مرحلن ۾ آهي. هن اهم رٿا جو ابتدائي خاڪو ته 1998ع ۾ جڙيو پر ان کان اڳ سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي قيام بعد 1991ع کان ئي اهڙي رٿا تي سوچ ويچار جو سلسلو شروع ٿيو هو. بعد ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ هن رٿا جوابتدائي خاڪو تيار ڪيو ۽ 1998ع ۾ سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ جي تڏهوڪي چيئرمين ڊاڪٽر غلام علي الانا باقائدي ريسرچ سيل ٺاهي نامور استاد ۽ عالم شيخ محمد اسماعيل کي انچارج مقرر ڪري نوجوان ريسرچرن جي ٽيم ترتيب ڏني. انهيءَ سلسلي ۾ سنڌ جي هر ضلعي ۾ اديبن ۽ سهڪاري ساٿين کي به مواد ۽ تصويرن وغيره جي سهڪار لاءِ خط لکيا ويا. ايڊيٽوريل بورڊ ۾ جناب محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر فهميده حسين ، ڊاڪٽر الله رکيو ٻُٽ، امداد حسيني، ڊاڪٽر شمس الدين تنيو ۽ تاج جويو شامل هئا. پهرئين جلد جو ڪم لڳ ڀڳ پورو ٿيو پر اهو ڇپائي جي مرحلي کان رهجي ويو، ڇاڪاڻ ته 2001ع ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا جي وڃڻ بعد هن اسڪيم تي ڪم بند ٿي..... وڌيڪ پڙهو
ساميءَ جا سلوڪ (ڪتاب): هي ڪتاب سنڌ جي بلند پايه ويدانتي شاعر، ڀائي چين راءِ ساميءَ جي سلوڪن تي مشتمل آهي. ساميءَ جا سلوڪ هند توڙي سنڌ ۾ گهڻو مشهور آهن. ساميءَ جي شاعريءَ تي ڪجهه تحقيقي ڪم ورهاڱي کان اڳ ٿيو، پر بعد ۾ شڪارپور هر جي مشهور تعليمي اداري سي اينڊ ايس ڪاليج جا ٻه نامور استاد ۽ محقق پروفيسر جهامنداس دوارڪا داس ۽ ڀوڄراج هوتچند ناگراڻي پنهنجي پنهنجي سر ساميءَ تي تحقيق جو ڪم ڪري رهيا هئا، پر ورهاڱي سبب اهو ڪم مڪمل نه ٿي سگهيو ۽ نه ئي شايع ٿي سگهيو. ڪجهه عرصي کانپوءِ ڀوڄراج هوتچند ناگراڻيءَ جي محنت سن 1955ع ۾ پهريون ڀيرو بمبئيءَ مان ’ساميءَ جا سلوڪ‘ (پهريون ڀاڱو) شايع ٿيو، پر جهامنداس ڀاٽيا جو ڪم ڪمٻٽن ۾ ئي رهجي ويو. ’ساميءَ جا سلوڪ‘ ڪتاب ڀوڄراج هوتچند ناگراڻيءَ جي محنت جو ڦل آهي، جيڪو قابل تحسين ڪم آهي. ڪتاب ۾ ’گذارش‘ نالي عنوان هيٺ ناشر لکي ٿو ته، ”سنڌي ادب ۾ شاهه، سچل ۽ سامي هڪ اهڙي تثليث آهي، هڪ اهڙي ٽه مورتي آهي، جنهن ۾ سنڌي تهذيب ۽ سنڌي قوم جي تمدني بنياد جو روح يا نچوڙ نظر اچي ٿو. اسان جي هنن ٽن شاعرن اسان جي ٻوليءَ کي نئين حياتي ڏني، ان کي جيئرو رهڻ سيکاريو ۽ اهو ثابت ڪيو ت....وڌيڪ پڙهو