تصويرون ۽ عنوان

سنڌيانا ۾ موجود تصويرون ۽ انهن جا عنوان پڻ ڏسي سگھو ٿا

تاريخ وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي حوالي طور تاريخ وار رکيو ويو آهي

موضوع وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي موضوع وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي

الف بي وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي الف ب وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي

اڄوڪي ڏينهن تي

2024-06-22 عيسوي تاريخ ۾


0972.06.22ع :  هن وقت جامعه ۾ يورپي زبانن سان گڏ سائنس جي تعليم به ڏني ويندي آهي . هن جامعه جو سنگ بنياد 4 اپريل 9... وڌيڪ پڙهو 1887.06.22ع :  نامور سياسي، سماجي ڪارڪن ۽ تحريڪ پاڪستان جي رهنما بيگم حسن آرا 22 جون 1887ع تي برٽش گيانا (سائوٿ آمر... وڌيڪ پڙهو 1906.06.22ع :  ناميارو شاعر، محقق ۽ تحريڪ پاڪستان جو ممتاز جِي .الانا ، 22 جون 1906ع تي ڪراچيءَ ۾ پيدا ٿيو.... وڌيڪ پڙهو 1920.06.22ع :  22 جون 1920ع تي مرڪزي خلافت ڪميٽيءَ طرفان هندستان جي وائسراءِ لارڊ چيلمسفورڊ کي هندستان جي مکـيـه قـ... وڌيڪ پڙهو 1920.06.22ع :  ترڪيءَ تي مڙهيل سخت ترين شرطن تي نظرثاني ڪرڻ لاءِ ان وقت جي وائسراءِ ۽ گورنر جنرل ’لارڊ چيلمسفورڊ‘ ک... وڌيڪ پڙهو 1947.06.22ع :   سيد حاجي عبدالرحيم شاهه 22 جُون 1947ع تي وفات ڪئي ... وڌيڪ پڙهو 1947.06.22ع :  سيد عبدالرحيم شاهه 2 شعبان 1366هه مطابق 22 جون 1947ع تي وفات ڪئي.... وڌيڪ پڙهو 1949.06.22ع :  شهيد بختاور؛ ڪانفرنس جي آخري ڏينهن ، 22 جون 1949ع تي خبر آئي ته ٽالهي شهر لڳ ، هئدي لاشاريءَ جي ڳو... وڌيڪ پڙهو 1956.06.22ع :   شاهه محمود قريشي، 22 جون 1956ع تي ڪوهه مريءَ ۾ ڄائو.... وڌيڪ پڙهو 1970.06.22ع :  مشهور گلوڪاره حميرا چنا 22 جون 1970ع تي حيدرآباد ۾ ڄائي.... وڌيڪ پڙهو 1971.06.22ع :  سيد علي اڪبر شاهه 22 جون 1971ع تي وفات ڪئي. هن فقير طبع انسان وفات وقت پويان ڪا به ذاتي ملڪيت نه ڇڏي... وڌيڪ پڙهو 1975.06.22ع :  سڪندر علي ولد ڪوڙو خان سومرو آهي. هن 22 جون 1957ع تي ڳوٺ هيري خان لغاري، تعلقي جوهيءَ ۾ جنم ورتو.... وڌيڪ پڙهو 1989.06.22ع :  الهورايو ‘طارق’صديقي 22 جون 1989ع تي ٻي هفتيوار اخبار ‘وطن عزيز’ جاري ڪئي... وڌيڪ پڙهو 1992.06.22ع :  ڍول فقير نيڪ انسان ۽ منفرد فنڪار هو. هن 22 جون 1992ع وفات ڪئي. سندس مزار ٽنڊي الهيار ۾ آهي... وڌيڪ پڙهو 1998.06.22ع :  زاهد علي مگسي 22 جون 1998ع تي سندس ڪراچيءَ واري رهائشگاهه تي نامعلوم هٿياربندن جي حملي سبب واقع ٿي. ... وڌيڪ پڙهو 2010.06.22ع :  گورڌن ڀارتي 22 جون 2010ع تي اجمير ۾ وفات ڪئي.... وڌيڪ پڙهو 2012.06.22ع :   پيپلز پارٽيءَ جي قيادت ۽ صدر آصف علي زرداريءَ، پيپلز پارٽيءَ جي هڪ پراڻي ڪارڪن ۽ ڏکين حالتن ۾ ساٿ ڏ... وڌيڪ پڙهو

هفتي جا مقبول مضمونَ

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا

سنڌي زبان جي تاريخ ۾، سنڌ بابت پهريون جامع ۽ باتصوير دستاويز ’انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا‘ جي صورت ۾ آگسٽ 2009ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. جنهن جا هن وقت تائين 12جلد ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن، جڏهن ته جلد تيرهون پڻ تياريءَ جي آخري مرحلن ۾ آهي. هن اهم رٿا جو ابتدائي خاڪو ته 1998ع ۾ جڙيو پر ان کان اڳ سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي قيام بعد 1991ع کان ئي اهڙي رٿا تي سوچ ويچار جو سلسلو شروع ٿيو هو. بعد ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ هن رٿا جوابتدائي خاڪو تيار ڪيو ۽ 1998ع ۾ سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ جي تڏهوڪي چيئرمين ڊاڪٽر غلام علي الانا باقائدي ريسرچ سيل ٺاهي نامور استاد ۽ عالم شيخ محمد اسماعيل کي انچارج مقرر ڪري نوجوان ريسرچرن جي ٽيم ترتيب ڏني. انهيءَ سلسلي ۾ سنڌ جي هر ضلعي ۾ اديبن ۽ سهڪاري ساٿين کي به مواد ۽ تصويرن وغيره جي سهڪار لاءِ خط لکيا ويا. ايڊيٽوريل بورڊ ۾ جناب محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر فهميده حسين ، ڊاڪٽر الله رکيو ٻُٽ، امداد حسيني، ڊاڪٽر شمس الدين تنيو ۽ تاج جويو شامل هئا. پهرئين جلد جو ڪم لڳ ڀڳ پورو ٿيو پر اهو ڇپائي جي مرحلي کان رهجي ويو، ڇاڪاڻ ته 2001ع ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا جي وڃڻ بعد هن اسڪيم تي ڪم بند ٿي..... وڌيڪ پڙهو

اڄ جو مضمون

** ساميءَ جا سلوڪ **

ساميءَ جا سلوڪ (ڪتاب): هي ڪتاب سنڌ جي بلند پايه ويدانتي شاعر، ڀائي چين راءِ ساميءَ جي سلوڪن تي مشتمل آهي. ساميءَ جا سلوڪ هند توڙي سنڌ ۾ گهڻو مشهور آهن. ساميءَ جي شاعريءَ تي ڪجهه تحقيقي ڪم ورهاڱي کان اڳ ٿيو، پر بعد ۾ شڪارپور هر جي مشهور تعليمي اداري سي اينڊ ايس ڪاليج جا ٻه نامور استاد ۽ محقق پروفيسر جهامنداس دوارڪا داس ۽ ڀوڄراج هوتچند ناگراڻي پنهنجي پنهنجي سر ساميءَ تي تحقيق جو ڪم ڪري رهيا هئا، پر ورهاڱي سبب اهو ڪم مڪمل نه ٿي سگهيو ۽ نه ئي شايع ٿي سگهيو. ڪجهه عرصي کانپوءِ ڀوڄراج هوتچند ناگراڻيءَ جي محنت سن 1955ع ۾ پهريون ڀيرو بمبئيءَ مان ’ساميءَ جا سلوڪ‘ (پهريون ڀاڱو) شايع ٿيو، پر جهامنداس ڀاٽيا جو ڪم ڪمٻٽن ۾ ئي رهجي ويو. ’ساميءَ جا سلوڪ‘ ڪتاب ڀوڄراج هوتچند ناگراڻيءَ جي محنت جو ڦل آهي، جيڪو قابل تحسين ڪم آهي. ڪتاب ۾ ’گذارش‘ نالي عنوان هيٺ ناشر لکي ٿو ته، ”سنڌي ادب ۾ شاهه، سچل ۽ سامي هڪ اهڙي تثليث آهي، هڪ اهڙي ٽه مورتي آهي، جنهن ۾ سنڌي تهذيب ۽ سنڌي قوم جي تمدني بنياد جو روح يا نچوڙ نظر اچي ٿو. اسان جي هنن ٽن شاعرن اسان جي ٻوليءَ کي نئين حياتي ڏني، ان کي جيئرو رهڻ سيکاريو ۽ اهو ثابت ڪيو ت....وڌيڪ پڙهو