تصويرون ۽ عنوان

سنڌيانا ۾ موجود تصويرون ۽ انهن جا عنوان پڻ ڏسي سگھو ٿا

تاريخ وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي حوالي طور تاريخ وار رکيو ويو آهي

موضوع وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي موضوع وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي

الف بي وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي الف ب وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي

اڄوڪي ڏينهن تي

2024-11-01 عيسوي تاريخ ۾


1903.11.01ع :  شمس الدين عاصي 1 نومبر 1903ع تي وفات ڪئي.... وڌيڪ پڙهو 1910.11.01ع :  نامور قانوندان، سپريم ڪورٽ جو اڳوڻو چيف جسٽس حمود الرحمان، پهرين نومبر 1910ع تي پٽنا ۾ ڄائو.... وڌيڪ پڙهو 1931.11.01ع :  سيد الهه بخش شاهه بخاريءَ 1 نومبر 1931ع تي ، ڳوٺ تُنيا بقا شاهه ، تعلقي ڪنڊياري ۾ جنم ورتو... وڌيڪ پڙهو 1935.11.01ع :  حافظ شفيع محمد نقشبندي، پهرين نومبر 1935ع تي ڳوٺ دادلوءِ، تعلقي پني عاقل ۾ جنم ورتو.... وڌيڪ پڙهو 1945.11.01ع :   پنجاب جو اڳوڻو وزيراعليٰ، چوڌري پرويز الاهي، پهرين نومبر 1945ع تي گجرات ۾ ڄائو. ... وڌيڪ پڙهو 1945.11.01ع :  عبدالرحمان مهيسر 1 نومبر 1945ع تي حافظ محمد صالح جي گهر ڄائو. سنڌ جي هن نامياري سگهڙ 2007ع ۾ وفات ڪ... وڌيڪ پڙهو 1945.11.01ع :  سنڌي ٻوليءَ جي نامياري ڪهاڻيڪار، ڊراما نويس ۽ ترجمي نگار عبدالقادر جوڻيجي جو پورو نالو عبدالقادر ولد... وڌيڪ پڙهو 1946.11.01ع :  عبدالرحمٰن ولد عبدالله جتوئي ، 1 نومبر 1946ع تي ڳوٺ شير علي جتوئي ، تعلقي خانپور ضلعي شڪارپور ۾ ڄا... وڌيڪ پڙهو 1947.11.01ع :   پيرل پرديسي سيتائي پهرين نومبر 1947ع تي ڳوٺ گرماڻي چانڊيي ، تعلقي دادوءَ ۾ ٿيو ... وڌيڪ پڙهو 1947.11.01ع :   پروفيسر عبدالستار بلوچ، پهرين نومبر 1947ع تي صاحبداد ڳوٺ، ملير ڪراچيءَ ۾ پيدا ٿيو.... وڌيڪ پڙهو 1948.11.01ع :  نامور ليکڪا، ٽي. وي ڪمپيئر ۽ سياستدان خوشبخت شجاعت، پهرين نومبر 1948ع تي ڀارتي شهر ڀوپال ۾ جنم ورتو.... وڌيڪ پڙهو 1970.11.01ع :  خانبهادر غلام علي نانا پهرين نومبر 1970ع تي وفات ڪئي. ... وڌيڪ پڙهو 1986.11.01ع :  محمد اسماعيل عرساڻي پهرين نومبر 1986ع تي وفات ڪري ويو ... وڌيڪ پڙهو 2001.11.01ع :   بيگم ممتاز راشدي پهرين نومبر 2004ع تي وفات ڪئي. ... وڌيڪ پڙهو 2005.11.01ع :   سنڌ جو هي يڪتاري ڇيڙيءَ جو بيتاج بادشاهه فنڪار چاڪر چانڊيو پهرين نومبر 2005ع تي وفات ڪري ويو.... وڌيڪ پڙهو 2023.11.01ع :   تاج محمد ھاليپوٽي پھرين نومبر 2023ع تي اباڻي ڳوٺ ۾ وفات ڪئي.... وڌيڪ پڙهو

هفتي جا مقبول مضمونَ

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا

سنڌي زبان جي تاريخ ۾، سنڌ بابت پهريون جامع ۽ باتصوير دستاويز ’انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا‘ جي صورت ۾ آگسٽ 2009ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. جنهن جا هن وقت تائين 12جلد ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن، جڏهن ته جلد تيرهون پڻ تياريءَ جي آخري مرحلن ۾ آهي. هن اهم رٿا جو ابتدائي خاڪو ته 1998ع ۾ جڙيو پر ان کان اڳ سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي قيام بعد 1991ع کان ئي اهڙي رٿا تي سوچ ويچار جو سلسلو شروع ٿيو هو. بعد ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ هن رٿا جوابتدائي خاڪو تيار ڪيو ۽ 1998ع ۾ سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ جي تڏهوڪي چيئرمين ڊاڪٽر غلام علي الانا باقائدي ريسرچ سيل ٺاهي نامور استاد ۽ عالم شيخ محمد اسماعيل کي انچارج مقرر ڪري نوجوان ريسرچرن جي ٽيم ترتيب ڏني. انهيءَ سلسلي ۾ سنڌ جي هر ضلعي ۾ اديبن ۽ سهڪاري ساٿين کي به مواد ۽ تصويرن وغيره جي سهڪار لاءِ خط لکيا ويا. ايڊيٽوريل بورڊ ۾ جناب محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر فهميده حسين ، ڊاڪٽر الله رکيو ٻُٽ، امداد حسيني، ڊاڪٽر شمس الدين تنيو ۽ تاج جويو شامل هئا. پهرئين جلد جو ڪم لڳ ڀڳ پورو ٿيو پر اهو ڇپائي جي مرحلي کان رهجي ويو، ڇاڪاڻ ته 2001ع ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا جي وڃڻ بعد هن اسڪيم تي ڪم بند ٿي..... وڌيڪ پڙهو

اڄ جو مضمون

** ڇوٽي غلام علي خان **

ڇوٽي غلام علي خان: ڪلاسيڪي گوَيو استاد ڇوٽي غلام علي خان ضلعي سيالڪوٽ جي ڳوٺ ڪالي ڪي ٽانگري ۾ پيدا ٿيو. اٺن نون سالن جو ٿيو هو ته کيس ڳائڻ جو شوق پيدا ٿيو. راڳ جي باقاعدي سکيا لاهور ۾ ورتائين. فن ۾ سندس ٽي استاد بڙي غلام علي خان، استاد برڪت علي خان ۽ مبارڪ علي خان هئا. 1960ع ۾ لاهور ريڊيو تان متعارف ٿيو، ساڳئي سال عوام آڏو اوپن ايئر ٿيٽر لاهور ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيائين ۽ پوءِ شهرت ماڻيندو رهيو. استاد ڇوٽي غلام علي شڪارپور جي هانڊن ۾ به اڪثر شريڪ ٿيندو هو. سندس آواز گرجدار ۽ محفل ۾ ويٺلن کي متاثر ڪندڙ هوندو هو. خيال جي گائڪيءَ جا ٽي مرحلا يعني آلاپ، بلمپت ۽ ورت نهايت سٺي انداز سان پيش ڪرڻ جي صلاحيت رکندو هو. گهمڪ تانَ سندس گائڪيءَ جي خوبي هوندي هئي. ڪلاسيڪي موسيقيءَ کان سواءِ سرائيڪي ڪافيون پنجاب جي صوفي شاعرن توڙي ناصر ڪاظمي، قتيل شفائي، صوفي تبسم، فيض احمد فيض، مير تقي مير ۽ ٻين ڪيترن ناليوارن شاعرن جو ڪلام ڳائيندو هو. هيءُ 1974ع ۾ فن جي مظاهري لاءِ انگلنڊ ويو. 1976ع ۾ ڪويت، ان کان پوءِ بحرين، آمريڪا، ڪيناڊا، آسٽريليا، چين سميت ڪيترن ملڪن ۾ فن جو مظاهرو ڪيائين. ڇوٽي غلام علي ’ايڪ ت....وڌيڪ پڙهو