سلطان بخاري
سلطان بخاري: شاعر ۽ ڪهاڻيڪار سلطان بخاريءَ، 12 سيپٽمبر 1965ع تي ڳوٺ لونگاڻي شريف تعلقي ڳڙهي ياسين ضلعي شڪارپور ۾ سيد قطب علي شاهه بخاريءَ جي گهر ۾ جنم ورتو. هن ايم. اي (اسلامي ڪلچر) تائين تعليم حاصل ڪري تعليم کاتي ۾ استاد جي حيثيت سان ملازمت اختيار ڪئي. لکڻ جو آغاز 1987ع کان ڪيائين. ان دور کان ئي عل.....
عدر سلطان ميان
عدُر سلطان، ميان: مشهور بزرگ ميان عدُر سلطان جو اصل نالو مخدوم عبدالرحمان آهي. سندس خانداني لکت موجب، پاڻ هاشمي قريشي قبيلي سان تعلق رکي ٿو. سندس نسب جو سلسلو حضور پاڪ صه جن جي صحابي حارث رضه سان ملي ٿو. پاڻ 1013هه/ 1604ع ڌاري ثمرقند بخارا کان ملتان آيو، جتان پوءِ سنڌ جو رخ ڪيائين ۽ هالا ۾ وقت جي تم.....
حبا بخاري
حبا بخاري: مشھور اداڪاره حبا بخاري 29 جولاءِ 1993ع تي ڪراچيءَ ۾ جنم ورتو. بي. ڪام تائين تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ عملي زندگي جي شروعات 2015ع ۾ ’تیری میری جوڑی‘ ڊرامي ۾ سھڪاري اداڪاره طور ڪئي. جڏهن ته 2017ع ۾ ’تھوڑی سی وفا‘ ۽ ’بھولی بانو‘ ڊرامن ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪيو. ’تھوڑی سی وفا‘ ڊرامي ۾’سيمل‘ واري سن.....
عظيم شاعر استاد بخاري
عظيم شاعر استاد بخاري (ڪتاب): هيءُ ڪتاب هندستان جي سنڌي ٻوليءَ جي ناليواري اديب هولارام هنس جو استاد بخاريءَ جي فن ۽ شخصيت بابت مقالن تي مشتمل آهي. ڪتاب جو پيش لفظ ليکڪ جو لکيل آهي. ڪتاب ۾ ڪل 31 مضمون شامل آهن. جن ۾ ليکڪ استاد بخاريءَ جي شاعريءَ جي مختلف پهلوئن، رومانوي، مزاحمتي شاعريءَ تي روشني وڌ.....
غزنوي سلطان محمود
غزنوي، سلطان محمود: غزنوي سلطانن ۾ محمود کي تاريخن ۾ گهڻي جاءِ ملي آهي. هڪ ته هن سترهن سلطانن مان سڀ کان وڌيڪ، يعني ته ٻٽيهه سال حڪمراني ڪئي. ٻيو ته هن بهتر سپهه سالار جي روپ ۾، آس پاس جي ڪيئي علائقن تي حملا ڪيا ۽ سوڀون حاصل ڪيون. هن جي والد جو نالو سبڪتگين هو. هن 997ع ۾ وفات ڪئي، تڏهن سندس خواهش مو.....