'پٺاڻ' جون تصويرون
 پٺاڻ جون وڌيڪ تصويرون ڏسو

آغا تيمور خان پٺاڻ

آغا، تيمور خان پٺاڻ: آغا تيمور خان پٺاڻ اڳوڻي وزير آغا طارق خان پٺاڻ جو پٽ آهي. هو گريجوئيٽ ۽ پيشي جي لحاظ کان زميندار آهي. 2008ع وارين چونڊن ۾ پ پ جي ٽڪيٽ تي شڪارپور جي تڪ پي ايس 11 مان ميمبر چونڊجڻ بعد هو سنڌ جو منشيات ۽ غيرقانوني آبادي کي روڪڻ وارن معاملن جو وزير رهيو. سندس مستقل رهائش سلطان ڪوٽ .....


پٺاڻ غلام حسين ڊاڪٽر

پٺاڻ، غلام حسين، ڊاڪٽر: ناميارو اديب ۽ استاد، پروفيسر ڊاڪٽر غلام حسين پٺاڻ، 20 ڊسمبر 1935ع تي، پٺاڻ ڳوٺ، حسين آباد (گدو بندر)، حيدرآباد ۾ ڄائو. هن پهرئين درجي کان چوٿين درجي تائين تعليم، سيد قطب شاهه گورنمينٽ پرائمري اسڪول، حسين آباد مان حاصل ڪئي. پهرئين انگريزيءَ کان مئٽرڪ تائين ملڪ شيردل خان ميونس.....


شاهه شجاع پٺاڻ

شاهه شجاع پٺاڻ: شاهه شجاع، افغان حڪمران احمد شاهه ابداليءَ جو پوٽو هو. واضح رهي ته احمد شاهه ابدالي اصل ۾ دراني پٺاڻ هو. هو 1722ع ۾ ملتان ۾ ڄائو. ستن سالن جي عمر ۾ پنهنجي والد زمان خان سان گڏ هرات هليو ويو. 1732ع ۾ نادر شاهه قنڌار تي قبضو ڪيو، تڏهن احمد خان قنڌار ڀڄي آيو. اتي جي حاڪم احمد خان ۽ ذوال.....


پٺاڻ محمد اسماعيل

پٺاڻ، مـحـمد اسـماعيل: آغا محمد اسماعيل ولد عبدالله خان پٺاڻ، 15 اپريل 1936ع تي جيڪب آباد ۾ ڄائو. هي ماهرِ تعليم ۽ سٺو اديب آهي. هن 1964ع ۾ ايم. ايس. سي ڪئي ۽ ڊگري ڪاليج جيڪب آباد ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو. هن گمنام رهي سنڌي ادب تي ڪم ڪيو. 1990ع کانپوءِ ادبي لڏي سان تعلق ۾ آيو. ڏسندي ڏسندي 1996ع ۾ سندس هڪ.....


پٺاڻ محمد اڪرم

پٺاڻ، محمد اڪرم: سنڌ جو ناميارو سرائڪي ۽ سنڌي ٻوليءَ جو شاعر، محمد اڪرم خان ولد آدم خان پٺاڻ جو جنم 1841ع ڌاري شڪارپور ۾ ٿيو. سندس وڏا اصل قنڌار جا هئا، جيڪي 1830 ڌاري شڪارپور ۾ لڏي اچي ويٺا. پاڻ غربت جي ڪري مختصر تعليم حاصل ڪري پوليس کاتي ۾ داخل ٿيو. جتان 1896ع ۾ رٽائر ڪيائين. هو هڪ ايماندار ۽ ساد.....


پٺاڻ محمد علي

پٺاڻ، محمد علي: ليکڪ ۽ شاعر محمد علي پٺاڻ ولد حبيب الله پٺاڻ، 3 فيبروري 1962ع تي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو. هن پرائمري تعليم غوثپور پرائمري اسڪول لاڙڪاڻي ۾ ورتي ۽ ميٽرڪ گورنمينٽ پائيلٽ سيڪنڊري اسڪول لاڙڪاڻي مان ڪئي. هن ايم. اي سنڌي سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪئي ۽ هن وقت گورنمينٽ ڊگري ڪاليج ۾ اسسٽنٽ پروفيسر ۽ سنڌ.....


پٺاڻ ممتاز حسين ڊاڪٽر

پٺاڻ، ممتاز حسين، ڊاڪٽر: پروفيسر ڊاڪٽر ممتاز حسين پٺاڻ جو جنم 1927ع ۾ حيدرآباد ۾ ٿيو، هن جا وڏا افغانستان جي شهر قنڌار جا رهاڪو هئا، جتي سندس والد عبدالرحمان جو جنم 1901ع ۾ ٿيو، هن جو واسطو سدوزئي قبيلي سان هو، جيڪي اڄ به افغانستان ۾ رهن ٿا. ڊاڪٽر ممتاز پٺاڻ ننڍپڻ ۾ ئي يتيم ٿي ويو، پر هو همت ۽ حوصلو.....


مولانا فقير محمد پٺاڻ

مولانا فقير محمد پٺاڻ : پٺاڻ مولانا فقير محمد ولد صاحب ڏنو ولد بادل خان پٺاڻ، تعلقي ڪشمور (جيڪب آباد) جي ڳوٺ ”حاجي خان ڊومڪيءَ“ ۾، 3 جون 1909تي ڄائو. سندس وڏا اصل ۾ پشاور جا رهاڪو هئا، جتان ميرن جي دؤر ۾ لڏي اچي سنڌ ۾ رهيا. مولانا فقير محمد ابتدائي تعليم کان پوءِ ٺيڙهيءَ جي مدرسي ۾ علامه قاضي حبيب .....


پٺاڻ مولوي عبدالعزيز

پٺاڻ، مولوي عبدالعزيز: مولوي عبدالعزيز ولد مولانا فقير محمد پٺاڻ، پهرين آگسٽ 1951ع تي ڪنڌ ڪوٽ ۾ ڄائو. هن پنهنجي والد ۽ استاد مظهرالدين انڍڙ کان تعليم حاصل ڪئي. قرات جو علم قاري عبدالقادر لغاري ۽ قاري محمد علي مدنيءَ کان سکيو. سرڪاري اسڪول ۾ صرف پنج درجا پڙهيو، باوجود اُن جي هڪ بهترين اديب جي حيثيت س.....


پٺاڻ مهر

پٺاڻ مهر: ضلعي سکر جي تعلقي ميرپورماٿيلي ۾ هڪ ديهه جو نالو، جنهن ۾ هيٺيان ڳوٺ شامل آهن: ولو گڏاڻي (مالودڙي)، فاضل مهر، شيرو ملاڻو ۽ پٺاڻ مهر. .....


پٺاڻ نثار احمد

پٺاڻ، نثار احمد: ليکڪ نثار احمد پٺاڻ آڪٽوبر 1958ع تي ڳوٺ ڇڄڙا (ضلعي شهدادڪوٽ قنبر) ۾ ڄائو. زراعت ۾ ايم. ايس. سي (1983ع) آهي. سکر ۾ ايگرو ڪيميڪل لميٽيڊ ۾ ريجنل مئنيجر رهيو آهي. هي هڪ سٺو نثر نويس آهي. سندس ڪتاب ’خيال اڏارون‘ (چونڊ اقوال زرين: 2006ع) ڇپيل آهي. هو هن وقت سکر ۾ رهي ٿو......


 پوئتي   1  2  3   اڳتي