|
|
|
|
|
|
|
|||||||
آغا، تيمور خان پٺاڻ: آغا تيمور خان پٺاڻ اڳوڻي وزير آغا طارق خان پٺاڻ جو پٽ آهي. هو گريجوئيٽ ۽ پيشي جي لحاظ کان زميندار آهي. 2008ع وارين چونڊن ۾ پ پ جي ٽڪيٽ تي شڪارپور جي تڪ پي ايس 11 مان ميمبر چونڊجڻ بعد هو سنڌ جو منشيات ۽ غيرقانوني آبادي کي روڪڻ وارن معاملن جو وزير رهيو. سندس مستقل رهائش سلطان ڪوٽ .....
پٺاڻ واهه: ضلعي ۽ تعلقي جيڪب آباد ۾ هڪ ديهه، جنهن ۾ هيٺيان ڳوٺ شامل آهن: محمد هاشم پنهيار، دودو خان لاشاري، غوث پور، ڀنگر، ميوو خان کوسو، محمد رحيم کوسو ۽ نصرالله خان کوسو. .....
عصمت الله عرف راجو پٺاڻ: شوٽنگ بال جي مقبول رانديگر عصمت الله عرف راجو پٺاڻ جو تعلق ضلعي شڪارپور سان آهي. سندس تعليم ۽ تربيت شڪارپور ۾ ٿي، هن راند جو آغاز پڙهڻ دوران ڪيو. ستر واري ڏهاڪي جي آخر ڌاري سندس شمار سٺن رانديگرن۾ ٿيڻ لڳو. هن کي بهترين رانديگر بڻائڻ ۾ نامور سياستدان سردار مقيم خان کوسي جو هٿ.....