سنڌيانا ۾ موجود تصويرون ۽ انهن جا عنوان پڻ ڏسي سگھو ٿا
سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي حوالي طور تاريخ وار رکيو ويو آهي
سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي موضوع وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي
سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي الف ب وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي
سنڌي زبان جي تاريخ ۾، سنڌ بابت پهريون جامع ۽ باتصوير دستاويز ’انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا‘ جي صورت ۾ آگسٽ 2009ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. جنهن جا هن وقت تائين 13جلد ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن، جڏهن تہ جلد چوڏھون پڻ تياريءَ جي آخري مرحلن ۾ آهي. هن اهم رٿا جو ابتدائي خاڪو تہ 1998ع ۾ جڙيو پر ان کان اڳ سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي قيام بعد 1991ع کان ئي اهڙي رٿا تي سوچ ويچار جو سلسلو شروع ٿيو هو. بعد ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ هن رٿا جوابتدائي خاڪو تيار ڪيو ۽ 1998ع ۾ سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ جي تڏهوڪي چيئرمين ڊاڪٽر غلام علي الانا باقائدي ريسرچ سيل ٺاهي نامور استاد ۽ عالم شيخ محمد اسماعيل کي انچارج مقرر ڪري نوجوان ريسرچرن جي ٽيم ترتيب ڏني. انهيءَ سلسلي ۾ سنڌ جي هر ضلعي ۾ اديبن ۽ سهڪاري ساٿين کي بہ مواد ۽ تصويرن وغيرہ جي سهڪار لاءِ خط لکيا ويا. ايڊيٽوريل بورڊ ۾ جناب محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر فھميدہ حسين ، ڊاڪٽر ﷲ رکيو ٻُٽ، امداد حسيني، ڊاڪٽر شمس الدين تنيو ۽ تاج جويو شامل هئا. پهرئين جلد جو ڪم لڳ ڀڳ پورو ٿيو پر اهو ڇپائي جي مرحلي کان رهجي ويو، ڇاڪاڻ تہ 2001ع ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا جي وڃڻ بعد هن اسڪيم تي ڪم بند ٿي وي..... وڌيڪ پڙهو
ابنِ مقله بيضاوي: ابن مقله بيضاوي اسلامي دنيا جي عباسي دور (136ھہ/753ع-334ھہ/945ع) جو وڏو عالم، اڪابر، خطاط ۽ سياستدان ٿي گذريو آهي. هن جو اصل نالو ابو علي محمد بن حسين بن مقله بيضاوي هو. هو ابن مقله جي نالي سان مشھور ٿيو. هن تاريخ 21 شوال 272ھہ مطابق 31 مارچ 886ع ۾ بغداد شھر ۾ جنم ورتو. هن جا وڏا اصل حافظ شيرازيءَ جي شھر ”شيراز“ جا رهندڙ هئا. خطاطيءَ ۾ هن جو وڏو ڪارنامو اهو آهي تہ هن ”نسخ خط“ (Naskh Script) کي عاليشان ۽ لازوال خوبيون عطا ڪيون. ”نسخ“ جي معنيٰ ئي اها آهي تہ لکت جو هڪ اهڙو نمونو، جيڪو ٻين لکتن جي نمونن (Script Styles) کي منسوخ ڪري ڇڏي. هن عربي ٻوليءَ جي آئيوٽا (Alphabet) کي نئين سر تشڪيل ۽ ترتيب ڏني ۽ قرآن کي اعرابن ڏيڻ واري ابوالاسور ۽ نصر بن عاصم واري ڪم کي مڪمل ڪيو. هن کان پهرين اسلامي دنيا ۾ خطاطيءَ جا چار قسم مدني، مڪي، بصري ۽ ڪوفي رسم الخط مروج هئا، انهن مان مدني مڪي ۽ بصري هڪٻئي جي ويجهو هئا، جڏهن تہ ڪوفي خط گهڻو مختلف هو. ابن مقله خطاطيءَ جا ڇھہ اسلوب ثلث (Thulth)، نسخ (Naskh)، ريحان (Raihan)، محقق (Mohaqqaq)، توقيع (Touqi) ۽ رقاع (Riqa) جوڙي راس ڪيا. خطاطيءَ جا ....وڌيڪ پڙهو