تصويرون ۽ عنوان

سنڌيانا ۾ موجود تصويرون ۽ انهن جا عنوان پڻ ڏسي سگھو ٿا

تاريخ وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي حوالي طور تاريخ وار رکيو ويو آهي

موضوع وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي موضوع وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي

الف بي وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي الف ب وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي

اڄوڪي ڏينهن تي

هفتي جا مقبول مضمونَ

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا

سنڌي زبان جي تاريخ ۾، سنڌ بابت پهريون جامع ۽ باتصوير دستاويز ’انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا‘ جي صورت ۾ آگسٽ 2009ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. جنهن جا هن وقت تائين 12جلد ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن، جڏهن ته جلد تيرهون پڻ تياريءَ جي آخري مرحلن ۾ آهي. هن اهم رٿا جو ابتدائي خاڪو ته 1998ع ۾ جڙيو پر ان کان اڳ سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي قيام بعد 1991ع کان ئي اهڙي رٿا تي سوچ ويچار جو سلسلو شروع ٿيو هو. بعد ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ هن رٿا جوابتدائي خاڪو تيار ڪيو ۽ 1998ع ۾ سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ جي تڏهوڪي چيئرمين ڊاڪٽر غلام علي الانا باقائدي ريسرچ سيل ٺاهي نامور استاد ۽ عالم شيخ محمد اسماعيل کي انچارج مقرر ڪري نوجوان ريسرچرن جي ٽيم ترتيب ڏني. انهيءَ سلسلي ۾ سنڌ جي هر ضلعي ۾ اديبن ۽ سهڪاري ساٿين کي به مواد ۽ تصويرن وغيره جي سهڪار لاءِ خط لکيا ويا. ايڊيٽوريل بورڊ ۾ جناب محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر فهميده حسين ، ڊاڪٽر الله رکيو ٻُٽ، امداد حسيني، ڊاڪٽر شمس الدين تنيو ۽ تاج جويو شامل هئا. پهرئين جلد جو ڪم لڳ ڀڳ پورو ٿيو پر اهو ڇپائي جي مرحلي کان رهجي ويو، ڇاڪاڻ ته 2001ع ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا جي وڃڻ بعد هن اسڪيم تي ڪم بند ٿي..... وڌيڪ پڙهو

اڄ جو مضمون

** رسم الخط **

رسم الخط (Script): رسم الخط جي لغوي معنيٰ آهي لکڻ جو طريقو، هن کي هندي سنڌيءَ ۾ لپي چيو ويندو آهي. قومن ۽ ملڪن جي تاريخ ۾ زبان ۽ رسم الخط جو معاملو وڏي اهميت رکي ٿو ۽ ان جي ترقيءَ ۽ تنزل سان گڏوگڏ زبان ۽ رسم الخط کي به عروج ۽ زوال ڏسڻو پيو آهي. تاريخ شاهد آهي ته جن قومن کي دنيا ۾ عروج نصيب ٿيو، تن جي زبان ۽ رسم الخط به عروج ۽ ترقيءَ جون منزلون طئي ڪيون. اهڙيءَ طرح ان قوم جي زوال سان گڏوگڏ ان جي زبان به ڏينهون ڏينهن پٺتي پوندي وئي. البت ڪٿي پٿرن، وڻن جي کلن، پنن، جانورن جي هڏن، قبرن جي تختين، مٽيءَ جي ٿانون، ڌاتن جي ٽڪرن يا ويران عمارتن جي پراڻين ڀتين تي قديمي آثارن وانگر، انهن جا باقي نشان رهجي ويا. سنڌو ماٿريءَ جو به پنهنجو نجو رسم الخط ۽ پنهنجي زبان هئي ۽ سنڌ واسي ان ۾ ئي لکندا پڙهندا هئا، پر افسوس جو اڄ زبان جي اصلي لکيت صرف مهرن ۽ ٿانون جي ڪجهه نشانين تي ئي محفوظ رهجي وئي آهي. هٿ آيل مهرن واريون تحريرون بنهه مختصر آهن. سڀ کان وڏي تحرير سترهن اکرن تي مشتمل ملي آهي. هي تحريرون، تصويري نشانيون آهن، جن کي اڃا تائين مڪمل ريت پڙهيو نه ويو آهي، البت انهن جي ملهه ڀڃڻ (Decipherment) تي سڄيء....وڌيڪ پڙهو