تصويرون ۽ عنوان

سنڌيانا ۾ موجود تصويرون ۽ انهن جا عنوان پڻ ڏسي سگھو ٿا

تاريخ وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي حوالي طور تاريخ وار رکيو ويو آهي

موضوع وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي موضوع وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي

الف بي وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي الف ب وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي

اڄوڪي ڏينهن تي

2025-04-14 عيسوي تاريخ ۾


1891.04.14ع :  آخوند محمد قاسم هالائي 14 اپريل 1891ع تي پراڻا هالا ۾ وفات ڪئي . ... وڌيڪ پڙهو 1894.04.14ع :  شهمير خان ولد جلال چانڊيو، 14 اپريل 1894ع تي ٽنڊي ولي محمد، ضلعي حيدرآباد ۾ ڄائو.... وڌيڪ پڙهو 1919.04.14ع :  گلوڪاره شمشاد بيگم جو جنم 14 اپريل 1919ع تي لاهور ۾ هڪ مسلمان گهراڻي ۾ ٿيو. ... وڌيڪ پڙهو 1948.04.14ع :   ناميارو موسيقار، اسٽيج ڊرامن جو هدايتڪار ۽ اداڪار رستم علي ولد شوڪت علي ٻرڙو 14 اپريل 1948ع تي قنبر... وڌيڪ پڙهو 1959.04.14ع :  سنڌ جو مشهور راڳي منظور سخيراڻي ولد بهارالدين سخيراڻي، 14 اپريل 1959ع تي دادو ۾ پيدا ٿيو.... وڌيڪ پڙهو 1976.04.14ع :  قاضي علي رضا سهتي، 14 اپريل 1976ع ۾ ضلعي نوشـﮬـري فيروز، تعلقي ڀريا جي ڳوٺ دليپوٽا ۾، علائقي جي نام... وڌيڪ پڙهو 1976.04.14ع :  صحافي، شاعر، ڪهاڻيڪار ۽ استاد علي رضا قاضي 14 اپريل 1976ع تي ڳوٺ دليپوٽا ٺارو شاهه جي ڀرسان تعلقي ڀر... وڌيڪ پڙهو 1977.04.14ع :  مشھور صحافي ارشاد مستوئي 14 اپريل 1977ع تي بلوچستان جي علائقي علي آباد، تعلقي تمبو، ضلعي نصير آباد ۾... وڌيڪ پڙهو 1984.04.14ع :  ابوبڪر خان مگسيءَ 14 اپريل 1984ع تي وفات ڪئي.... وڌيڪ پڙهو 1991.04.14ع :  هي ناول موهن ڪلپنا 14 اپريل 1991ع کان 2 جون 1991ع تائين لکي پورو ڪيو هو ۽ سندس آخري ناولن مان آهي، ج... وڌيڪ پڙهو 1992.04.14ع :  سودائي سومري، 14 اپريل 1992ع تي وفات ڪئي.... وڌيڪ پڙهو 1992.04.14ع :  طارق اشرف 14 اپريل 1992ع تي وفات ڪئي.... وڌيڪ پڙهو 1994.04.14ع :   سليم الزمان صديقي 14 اپريل 1994ع تي وفات ڪئي. سندس آخري آرامگاهه ڪراچيءَ يونيورسٽي جي قبرستان ۾ آهي... وڌيڪ پڙهو 2007.04.14ع :  مشهور سياستدان ۽ سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير سيد عبدالله شاهه، 1934ع ۾ تعلقي سيوهڻ جي ڳوٺ باجارا ۾ مشهور ز... وڌيڪ پڙهو

هفتي جا مقبول مضمونَ

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا

سنڌي زبان جي تاريخ ۾، سنڌ بابت پهريون جامع ۽ باتصوير دستاويز ’انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا‘ جي صورت ۾ آگسٽ 2009ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. جنهن جا هن وقت تائين 12جلد ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن، جڏهن ته جلد تيرهون پڻ تياريءَ جي آخري مرحلن ۾ آهي. هن اهم رٿا جو ابتدائي خاڪو ته 1998ع ۾ جڙيو پر ان کان اڳ سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي قيام بعد 1991ع کان ئي اهڙي رٿا تي سوچ ويچار جو سلسلو شروع ٿيو هو. بعد ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ هن رٿا جوابتدائي خاڪو تيار ڪيو ۽ 1998ع ۾ سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ جي تڏهوڪي چيئرمين ڊاڪٽر غلام علي الانا باقائدي ريسرچ سيل ٺاهي نامور استاد ۽ عالم شيخ محمد اسماعيل کي انچارج مقرر ڪري نوجوان ريسرچرن جي ٽيم ترتيب ڏني. انهيءَ سلسلي ۾ سنڌ جي هر ضلعي ۾ اديبن ۽ سهڪاري ساٿين کي به مواد ۽ تصويرن وغيره جي سهڪار لاءِ خط لکيا ويا. ايڊيٽوريل بورڊ ۾ جناب محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر فهميده حسين ، ڊاڪٽر الله رکيو ٻُٽ، امداد حسيني، ڊاڪٽر شمس الدين تنيو ۽ تاج جويو شامل هئا. پهرئين جلد جو ڪم لڳ ڀڳ پورو ٿيو پر اهو ڇپائي جي مرحلي کان رهجي ويو، ڇاڪاڻ ته 2001ع ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا جي وڃڻ بعد هن اسڪيم تي ڪم بند ٿي..... وڌيڪ پڙهو

اڄ جو مضمون

** قدمن وارو قبرستان **

قدمن وارو قبرستان: ضلعي ٺٽي جي ميرپور ساڪري شھر جو هڪ آڳاٽو قبرستان، جيڪو ڀنڀور کان لڳ ڀڳ 10 ميل ڏکڻ طرف واقع آهي. قبرستان جي پٿريلين قبرن تي قرآني آيتن سان اُڪر جو بھترين ڪم ٿيل آهي. هي قبرستان مڪلي کان پوءِ وڏو ۽ قديم قبرستان ليکيو وڃي ٿو. هتي ٻه عاليشان مقبرا ٺھيل آهن، جنھن مان هڪڙي کي پيران پير دستگير جا قدم ته ٻئي کي حضرت علي عليه السلام جا قدم چيو وڃي ٿو. اِهي اڏاوتون ڏهين صدي هجري/سورهين صدي عيسوي جون آهن، پر قبرستان آڳاٽو آهي. پنجاهه ايڪڙن تي پکڙيل هن قبرستان جون قبرون گهڻي ڀاڱي پٿر ۽ سِرن جون ٺھيل آهن. هتان جون ڪي قبرون ٻه طبق ته ڪي ٽه طبق به آهن. هتي گهڻو ڪري لاشارين، ڪرمتين، برفتن ۽ جوکين جون قبرون آهن. ڪن قبرن تي قرآني آيتن کان سواءِ اُٺ ۽ گهوڙا به اڪريل آهن. قبرستان ۾ 400 جي لڳ ڀڳ قبرون آهن، جيڪي مڪليءَ جي قبرن سان مشابھت رکن ٿيون. ٽن قبرن کانسواءِ ڪنھن به قبر تي ڪا تاريخ لکيل نه آهي. قدمن واري مقام کان ڏکڻ طرف مجاورن جي گهرن جي ڀرسان، قدمن جي متولي جي قبر جا نشان آهن، جنھن تي 1180هه/1766ع جو سن لکيل آهي. قدمن جا متولي ڀنڊ ۽ جوکيا آهن، جيڪي گهاري شھر ۾ رهن ٿا. گل محمد جوکي....وڌيڪ پڙهو