سنڌيانا ۾ موجود تصويرون ۽ انهن جا عنوان پڻ ڏسي سگھو ٿا
سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي حوالي طور تاريخ وار رکيو ويو آهي
سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي موضوع وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي
سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي الف ب وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي
سنڌي زبان جي تاريخ ۾، سنڌ بابت پهريون جامع ۽ باتصوير دستاويز ’انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا‘ جي صورت ۾ آگسٽ 2009ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. جنهن جا هن وقت تائين 12جلد ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن، جڏهن ته جلد تيرهون پڻ تياريءَ جي آخري مرحلن ۾ آهي. هن اهم رٿا جو ابتدائي خاڪو ته 1998ع ۾ جڙيو پر ان کان اڳ سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي قيام بعد 1991ع کان ئي اهڙي رٿا تي سوچ ويچار جو سلسلو شروع ٿيو هو. بعد ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ هن رٿا جوابتدائي خاڪو تيار ڪيو ۽ 1998ع ۾ سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ جي تڏهوڪي چيئرمين ڊاڪٽر غلام علي الانا باقائدي ريسرچ سيل ٺاهي نامور استاد ۽ عالم شيخ محمد اسماعيل کي انچارج مقرر ڪري نوجوان ريسرچرن جي ٽيم ترتيب ڏني. انهيءَ سلسلي ۾ سنڌ جي هر ضلعي ۾ اديبن ۽ سهڪاري ساٿين کي به مواد ۽ تصويرن وغيره جي سهڪار لاءِ خط لکيا ويا. ايڊيٽوريل بورڊ ۾ جناب محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر فهميده حسين ، ڊاڪٽر الله رکيو ٻُٽ، امداد حسيني، ڊاڪٽر شمس الدين تنيو ۽ تاج جويو شامل هئا. پهرئين جلد جو ڪم لڳ ڀڳ پورو ٿيو پر اهو ڇپائي جي مرحلي کان رهجي ويو، ڇاڪاڻ ته 2001ع ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا جي وڃڻ بعد هن اسڪيم تي ڪم بند ٿي..... وڌيڪ پڙهو
شمشاد بيگم (گلوڪاره): آرٽسٽ ۽ منفرد آواز رکندڙ هندستاني فلم انڊسٽري جي مشهور گلوڪاره شمشاد بيگم جو جنم 14 اپريل 1919ع تي لاهور ۾ هڪ مسلمان گهراڻي ۾ ٿيو. سندس پيءُ ميان حسين بخش هڪ مڪئنڪ هو.
هن ڳائڻ جي شروعات پرائمري اسڪول ۾ پڙهڻ دوران ڪئي، جتي اسڪول جي پرنسپال سندس آواز کان متاثر ٿي کيس اسيمبلي جي هيڊ سنگر مقرر ڪيو. ڏهن سالن جي عمر ۾ هن لوڪ گيت ڳائڻ سان گڏ مذهبي پروگرامن ۽ شادي جي تقريبن ۾ ڳائڻ جو آغاز ڪيو. 1931ع ۾ سندس هڪ چاچو امير خان (جيڪو غزل ۽ قوالي جو شوقين هو) لڪ ڇپ ۾ زينو فون (Xenophone) ميوزڪ ڪمپنيءَ ۾ آڊيشن لاءِ وٺي ويو، جتي کيس سنڌ جي مشهور موسيقار غلام حيدر ربانيءَ سندس آواز ۾ بهادر شاهه ظفر جو غزل ’ميرا يار ملي اگر‘ ٻڌي ڏاڍو متاثر ٿيو ۽ کيس 12 گانا گائڻ جي پيشڪش ڪئي. مائٽن جي اعتراض سبب ڳائڻ جي فني سکيا ڪنهن کان به نه ورتي هئائين، پر بعد ۾ سندس شوق، چاچي جي زور ڀرڻ تي ميوزڪ ڪمپنيءَ طرفان ٿيل معاهدي سبب سندس والد پردي (برقعي ۾ رهي) ۾ ڳائڻ جي اجازت ڏني، جنهن بعد پهرين حسين بخشي والا صاحب ۽ پوءِ غلام حيدر ربانيءَ سندس فني تربيت ڪئي.
1930ع جي شروعاتي ڏهاڪي ....وڌيڪ پڙهو