تصويرون ۽ عنوان

سنڌيانا ۾ موجود تصويرون ۽ انهن جا عنوان پڻ ڏسي سگھو ٿا

تاريخ وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي حوالي طور تاريخ وار رکيو ويو آهي

موضوع وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي موضوع وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي

الف بي وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي الف ب وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا

سنڌي زبان جي تاريخ ۾، سنڌ بابت پهريون جامع ۽ باتصوير دستاويز ’انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا‘ جي صورت ۾ آگسٽ 2009ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. جنهن جا هن وقت تائين 12جلد ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن، جڏهن ته جلد تيرهون پڻ تياريءَ جي آخري مرحلن ۾ آهي. هن اهم رٿا جو ابتدائي خاڪو ته 1998ع ۾ جڙيو پر ان کان اڳ سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي قيام بعد 1991ع کان ئي اهڙي رٿا تي سوچ ويچار جو سلسلو شروع ٿيو هو. بعد ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ هن رٿا جوابتدائي خاڪو تيار ڪيو ۽ 1998ع ۾ سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ جي تڏهوڪي چيئرمين ڊاڪٽر غلام علي الانا باقائدي ريسرچ سيل ٺاهي نامور استاد ۽ عالم شيخ محمد اسماعيل کي انچارج مقرر ڪري نوجوان ريسرچرن جي ٽيم ترتيب ڏني. انهيءَ سلسلي ۾ سنڌ جي هر ضلعي ۾ اديبن ۽ سهڪاري ساٿين کي به مواد ۽ تصويرن وغيره جي سهڪار لاءِ خط لکيا ويا. ايڊيٽوريل بورڊ ۾ جناب محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر فهميده حسين ، ڊاڪٽر الله رکيو ٻُٽ، امداد حسيني، ڊاڪٽر شمس الدين تنيو ۽ تاج جويو شامل هئا. پهرئين جلد جو ڪم لڳ ڀڳ پورو ٿيو پر اهو ڇپائي جي مرحلي کان رهجي ويو، ڇاڪاڻ ته 2001ع ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا جي وڃڻ بعد هن اسڪيم تي ڪم بند ٿي..... وڌيڪ پڙهو

اڄ جو مضمون

** تصوف **

تصوف: تصوف بنيادي طرح سان ڪائنات جي ايڪي جو فلسفو آهي. انهيءَ فلسفي موجب هن ڪائنات ۾ جيڪا ڪثرت آهي، سا هڪ وحدت مان ٿي آهي، يا جيڪا ڪثرت آهي، سا وحدت جا مختلف روپ آهن، جيئن لطيف سائين چيو آهي: ”وحدتا ڪثرت ٿي، ڪثرت وحدت ڪُل“ ان ڪري انسان ذات جو وجود انهيءَ وحدت واري مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ آهي. اهي مقصد آهن، تمام مذهبن جو ايڪو (وحدت اديان)، انسان ذات جو اتحاد (اتحاد انساني)، عالمي امن (امن عالم)، آدم ذات جي ترقي (ترقيء بني آدم) ۽ هڪ ٻئي جو جياپو (بقاء باهمي). تصوف انسان ذات کي مٿين مقصدن کي حاصل ڪرڻ جو سبق ڏئي ٿو ۽ چوي ٿو ته: ”انسان ذات جو ڪم پنهنجي اصل ڏانهن رجوع ٿيڻ وارو مقصد هئڻ گهرجي، ڇو ته هر شيءَ پنهنجي اصل سان وصل اختيار ڪرڻ لاءِ دانهون پئي ڪري ۽ هي سڀ هُل هلاچو انهيءَ جو آهي: ”وڍيل ٿي وايون، ڪري، ڪٺل ٿي ڪوڪاري“ يا ”جيلانهن ٿيا نابود، تيلانهن رسيا بود کي“ جيڪا شيءَ وجود وڃائي ٿي، سا حقيقي وجود سان وڃي ملي ٿي ۽ پنهنجي حقيقت کي حاصل ڪري وٺي ٿي ۽ انسان ذات جيئن ته هن ڪائنات جو سڀ کان باشعور جيوَ آهي، ان ڪري ان کي انهيءَ حقيقت جو چِٽو ادراڪ هئڻ گهرجي. ان ڪري تصوف موت کي حجاب جا پر....وڌيڪ پڙهو