سنڌيانا ۾ موجود تصويرون ۽ انهن جا عنوان پڻ ڏسي سگھو ٿا
سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي حوالي طور تاريخ وار رکيو ويو آهي
سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي موضوع وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي
سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي الف ب وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي
هجري تاريخ ۾
سنڌي زبان جي تاريخ ۾، سنڌ بابت پهريون جامع ۽ باتصوير دستاويز ’انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا‘ جي صورت ۾ آگسٽ 2009ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. جنهن جا هن وقت تائين 12جلد ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن، جڏهن ته جلد تيرهون پڻ تياريءَ جي آخري مرحلن ۾ آهي. هن اهم رٿا جو ابتدائي خاڪو ته 1998ع ۾ جڙيو پر ان کان اڳ سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي قيام بعد 1991ع کان ئي اهڙي رٿا تي سوچ ويچار جو سلسلو شروع ٿيو هو. بعد ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ هن رٿا جوابتدائي خاڪو تيار ڪيو ۽ 1998ع ۾ سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ جي تڏهوڪي چيئرمين ڊاڪٽر غلام علي الانا باقائدي ريسرچ سيل ٺاهي نامور استاد ۽ عالم شيخ محمد اسماعيل کي انچارج مقرر ڪري نوجوان ريسرچرن جي ٽيم ترتيب ڏني. انهيءَ سلسلي ۾ سنڌ جي هر ضلعي ۾ اديبن ۽ سهڪاري ساٿين کي به مواد ۽ تصويرن وغيره جي سهڪار لاءِ خط لکيا ويا. ايڊيٽوريل بورڊ ۾ جناب محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر فهميده حسين ، ڊاڪٽر الله رکيو ٻُٽ، امداد حسيني، ڊاڪٽر شمس الدين تنيو ۽ تاج جويو شامل هئا. پهرئين جلد جو ڪم لڳ ڀڳ پورو ٿيو پر اهو ڇپائي جي مرحلي کان رهجي ويو، ڇاڪاڻ ته 2001ع ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا جي وڃڻ بعد هن اسڪيم تي ڪم بند ٿي..... وڌيڪ پڙهو
مخدوم امير احمد : نامور عالم مخدوم امير احمد پٽ مخدوم احمد 1901ع ڌاري خيرپور رياست ۾ کهڙن جي شهر ۾ جنم ورتو. سندس تعلق کهڙن جي مشهور مخدوم خاندان سان هو، جنهن سنڌ ۾ اسلاميشريعت کي رائج ڪرڻ لاءِ قربانيون ڏنيون. هن خاندان جو نسب نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن جي سوٽ حضرت عبدالله بن عباس سان ملي ٿو. مخدوم امير احمد، 1912ع ۾ کهڙن جي اسڪول مان سنڌي چوٿون درجو پاس ڪيو. انهن ڏينهن ۾ سردار محمد ابراهيم شيخ کي ناز هاءِ اسڪول خيرپور کي زور وٺائڻ جو وڏو شوق هو، تنهنڪري سندس حڪم هو ته جتي به هوشيار شاگرد هجي، ان کي زوري وٺي اچي ناز هاءِ اسڪول ۾ داخل ڪيو وڃي، سندس سمورو خرچ کاڌو پيتو، رهائش، ڪتابن ۽ ذاتي خرچ برداشت ڪيو ويندو. مخدوم امير احمد نهايت محنتي ۽ هوشيار هوندو هو کيس به شيخ صاحب جي حڪم تحت ناز هاءِ اسڪول ۾ داخل ڪيو ويو هو. ان اسڪول ۾ فقط هڪ هفتي تائين پڙهيو، بعد ۾ والدين جي مرضي نه هئڻ ڪري اتان ڪڍايو ويو ۽ والدين کيس کهڙن ۾ حافظ محمد سليمان وٽ قرآن مجيد پڙهڻ لاءِ ويهاريو. قرآن مجيد جا ٻه سيپاره پڙهڻ کان پوءِ کيس اتان ڪڍائي، کهڙن جي ٻئي مدرسي ۾ مولوي بخش علي ٽنڊي شهبازي، دادوءَ واري وٽ ويها....وڌيڪ پڙهو