تصويرون ۽ عنوان

سنڌيانا ۾ موجود تصويرون ۽ انهن جا عنوان پڻ ڏسي سگھو ٿا

تاريخ وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي حوالي طور تاريخ وار رکيو ويو آهي

موضوع وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي موضوع وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي

الف بي وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي الف ب وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي

اڄوڪي ڏينهن تي

هفتي جا مقبول مضمونَ

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا

سنڌي زبان جي تاريخ ۾، سنڌ بابت پهريون جامع ۽ باتصوير دستاويز ’انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا‘ جي صورت ۾ آگسٽ 2009ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. جنهن جا هن وقت تائين 12جلد ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن، جڏهن ته جلد تيرهون پڻ تياريءَ جي آخري مرحلن ۾ آهي. هن اهم رٿا جو ابتدائي خاڪو ته 1998ع ۾ جڙيو پر ان کان اڳ سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي قيام بعد 1991ع کان ئي اهڙي رٿا تي سوچ ويچار جو سلسلو شروع ٿيو هو. بعد ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ هن رٿا جوابتدائي خاڪو تيار ڪيو ۽ 1998ع ۾ سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ جي تڏهوڪي چيئرمين ڊاڪٽر غلام علي الانا باقائدي ريسرچ سيل ٺاهي نامور استاد ۽ عالم شيخ محمد اسماعيل کي انچارج مقرر ڪري نوجوان ريسرچرن جي ٽيم ترتيب ڏني. انهيءَ سلسلي ۾ سنڌ جي هر ضلعي ۾ اديبن ۽ سهڪاري ساٿين کي به مواد ۽ تصويرن وغيره جي سهڪار لاءِ خط لکيا ويا. ايڊيٽوريل بورڊ ۾ جناب محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر فهميده حسين ، ڊاڪٽر الله رکيو ٻُٽ، امداد حسيني، ڊاڪٽر شمس الدين تنيو ۽ تاج جويو شامل هئا. پهرئين جلد جو ڪم لڳ ڀڳ پورو ٿيو پر اهو ڇپائي جي مرحلي کان رهجي ويو، ڇاڪاڻ ته 2001ع ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا جي وڃڻ بعد هن اسڪيم تي ڪم بند ٿي..... وڌيڪ پڙهو

اڄ جو مضمون

** جمعو مُلون **

جمعو مُلون: جمعو، شاهه لطيفرح جي عقيدتمند ۽ خدمتگار طور مشهور هو، هيءُ اصل گوهري ڪڇ واري علائقي جو رهاڪو هو. جڏهن شاهه صاحب ڪڇ ڏانهن ويو هو ته اتان جي ملن عقيدت طور جمعي کي ڀٽائيءَ جي خدمت چاڪريءَ لاءِ حوالي ڪيو. هيءُ ان وقت ٻار هو، پر مرشد سان محبت سبب سنڌ هليو آيو ۽ سڄي عمر شاهه لطيف خدمت ڪندي گذاريائين. هن شاهه صاحب جي صحبت ۾ رهي فيض پرايو، اڳتي هلي مرشد جي اجازت سان جاتيءَ کان ڇهه ميل اتر ۾ رهائش اختيار ڪيائين. روحاني رمزن سان اوتارو سڀني لاءِ هر پل کليو پيو هوندو هو. نگر عام پيو هلندو هو، انهيءَ سخاوت جي ڪري عثمان غنيرضه جي نسبت سان غنياڻي به سڏبو هو. سندس سخاوت جي هاڪ هر هنڌ مشهور هئي. شاهه لطيف ايندي ويندي وٽس اچي ترسندو هو ۽ سندس آسودگي ڏسي تمام گهڻو خوش ٿيندو هو. شاهه صاحب جي وفات کانپوءِ جمعو ملون ڀٽ شاهه تي حاضري ڀرڻ لاءِ ويندو هو. جنهن ڳوٺ ۾ رهيو اتي سندس رهائش واري جاءِ کي ’شاهه جو تڪيو‘ سڏيو ويو. ان ڳوٺ ۾ ئي وفات ڪيائين ۽ کيس اتي ئي دفن ڪيو ويو .....وڌيڪ پڙهو