سنڌيانا ۾ موجود تصويرون ۽ انهن جا عنوان پڻ ڏسي سگھو ٿا
سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي حوالي طور تاريخ وار رکيو ويو آهي
سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي موضوع وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي
سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي الف ب وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي
سنڌي زبان جي تاريخ ۾، سنڌ بابت پهريون جامع ۽ باتصوير دستاويز ’انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا‘ جي صورت ۾ آگسٽ 2009ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. جنهن جا هن وقت تائين 12جلد ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن، جڏهن ته جلد تيرهون پڻ تياريءَ جي آخري مرحلن ۾ آهي. هن اهم رٿا جو ابتدائي خاڪو ته 1998ع ۾ جڙيو پر ان کان اڳ سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي قيام بعد 1991ع کان ئي اهڙي رٿا تي سوچ ويچار جو سلسلو شروع ٿيو هو. بعد ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ هن رٿا جوابتدائي خاڪو تيار ڪيو ۽ 1998ع ۾ سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ جي تڏهوڪي چيئرمين ڊاڪٽر غلام علي الانا باقائدي ريسرچ سيل ٺاهي نامور استاد ۽ عالم شيخ محمد اسماعيل کي انچارج مقرر ڪري نوجوان ريسرچرن جي ٽيم ترتيب ڏني. انهيءَ سلسلي ۾ سنڌ جي هر ضلعي ۾ اديبن ۽ سهڪاري ساٿين کي به مواد ۽ تصويرن وغيره جي سهڪار لاءِ خط لکيا ويا. ايڊيٽوريل بورڊ ۾ جناب محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر فهميده حسين ، ڊاڪٽر الله رکيو ٻُٽ، امداد حسيني، ڊاڪٽر شمس الدين تنيو ۽ تاج جويو شامل هئا. پهرئين جلد جو ڪم لڳ ڀڳ پورو ٿيو پر اهو ڇپائي جي مرحلي کان رهجي ويو، ڇاڪاڻ ته 2001ع ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا جي وڃڻ بعد هن اسڪيم تي ڪم بند ٿي..... وڌيڪ پڙهو
احمد علي مجذوب: مولوي احمد علي مجذوب، ذات جو دَل، ٿر جو ويٺل هو. 18 فيبروري 1967ع تي ڄام شوري اسپتال ۾ 70 سالن جي وڏي ڄمار ۾ وفات ڪيائين. مولوي مجذوب مرحوم تعليم کان فارغ ٿيڻ کان پوءِ ملڪي تحريڪن ۾ حصو ورتو. سندس قومي خدمتن جي شروعات خلافت ۽ ڪانگريس جي تحريڪن سان ٿي. آخر ۾ خاڪسار تحريڪ سان وابسته رهيو. سڀني تحريڪن ۾ هڪ مخلص سپاهيءَ جي حيثيت سان ڪم ڪندو رهيو. مولوي مجذوب ۾ هڪ عجيب وغيره خصوصيت اها هئي، جو هن ٽنهي تحريڪن جي دور جون اخبارون، تقريرون، خطاب ۽ ٻيو علمي لٽريچر نهايت سليقي سان گڏ ڪيو. ان سلسلي ۾ وٽس مولانا آزاد جي ”الهلال“ ۽ ”البلاغ“، مولانا محمد علي ”جوهر“ جي ”همدرد“ ۽ ”ڪامريڊ“، مهاتماگانڌيءَ جي ”هريجن“، ڊاڪٽر انصاريءَ جي ”انصاري“، جمعيت علماءِ هند جي ”الجمعية“ ۽ ” علامه مشرقيءَ جي ”الاصلاح“ اخبارن جا مڪمل فائل موجود رهيا. اهڙيءَ طرح ٽنهي ملڪي تحريڪن جو سارو لٽريچر پونين لاءِ ڇڏي ويو. آخري وقت ۾ سندس نظر ڪمزور ٿي وئي ۽ سندس اهو علمي ذخيرو ڪنهن حد تائين لٽجي ويو. ان جو ڏک کيس مرڻ گهڙيءَ تائين رهيو. مجذوب متعلق حيرت انگيز انڪشاف اهو آهي ته مخدوم عبدالرحيم گرهوڙيءَ جي نالي ۾ ....وڌيڪ پڙهو