تصويرون ۽ عنوان

سنڌيانا ۾ موجود تصويرون ۽ انهن جا عنوان پڻ ڏسي سگھو ٿا

تاريخ وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي حوالي طور تاريخ وار رکيو ويو آهي

موضوع وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي موضوع وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي

الف بي وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي الف ب وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي

اڄوڪي ڏينهن تي

2024-12-04 عيسوي تاريخ ۾


1904.12.04ع :   سيد همت علي شاهه 12 شوال 1321هه/1 ڊسمبر 1904ع تي وفات ڪئي.... وڌيڪ پڙهو 1939.12.04ع :  جڳديش وڀراج لڇاڻي ، 4 ڊسمبر 1939ع تي پير جي ڳوٺ ، سنڌ ۾ ڄائو . ... وڌيڪ پڙهو 1940.12.04ع :  ڀاڳيا سنتوش گاگو مل 4 ڊسمبر 1940ع ۾ ڪراچيءَ ۾ ڄائو ... وڌيڪ پڙهو 1943.12.04ع :  اين ڊي جتوئي ضلعي نوشهري فيروز جي ڳوٺ پراڻا جتوئي، تعلقي موري ۾ 4 ڊسمبر 1943ع تي ڄائو. ... وڌيڪ پڙهو 1954.12.04ع :  چانڊيا قبيلي جو هيءُ ٽيٽيهون سردار 04 ڊسمبر 1954ع تي وفات ڪري ويو.... وڌيڪ پڙهو 1975.12.04ع :  سي. ايڇ. آتما 4 ڊسمبر 1975ع تي بمبئيءَ ۾ لاڏاڻو ڪيو.... وڌيڪ پڙهو 1994.12.04ع :  مولانا صلاح الدين 4 ڊسمبر 1994ع تي اخباري آفيس کان گهر ويندي نامعلوم دهشتگردن فائرنگ ڪري کيس قتل ڪي... وڌيڪ پڙهو 1998.12.04ع :  محمد اسماعيل ڀٽي 4 ڊسمبر 1998ع تي وفات ڪئي... وڌيڪ پڙهو 2000.12.04ع :  ڪامريڊ باقر سنائي ڪميونسٽ ، هاري ڪارڪن ۽ انقلابي شاعر هو باقر سنائي 4 ڊسمبر 2000ع ۾ ڳوٺ ڪلريءَ ۾ وف... وڌيڪ پڙهو 2010.12.04ع :  انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جي پهرين جلد جي مهورت جي تقريب ڪراچيءَ ۾ صوبائي وزير قائم علي شاه، تڏهوڪي وقت... وڌيڪ پڙهو 2020.12.04ع :  سيد قلندر شاهه لڪياري 4 ڊسمبر 2020ع تي گھڻو عرصو بيمار رهڻ بعد لاڏاڻو ڪري ويو.... وڌيڪ پڙهو

هفتي جا مقبول مضمونَ

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا

سنڌي زبان جي تاريخ ۾، سنڌ بابت پهريون جامع ۽ باتصوير دستاويز ’انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا‘ جي صورت ۾ آگسٽ 2009ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. جنهن جا هن وقت تائين 12جلد ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن، جڏهن ته جلد تيرهون پڻ تياريءَ جي آخري مرحلن ۾ آهي. هن اهم رٿا جو ابتدائي خاڪو ته 1998ع ۾ جڙيو پر ان کان اڳ سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي قيام بعد 1991ع کان ئي اهڙي رٿا تي سوچ ويچار جو سلسلو شروع ٿيو هو. بعد ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ هن رٿا جوابتدائي خاڪو تيار ڪيو ۽ 1998ع ۾ سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ جي تڏهوڪي چيئرمين ڊاڪٽر غلام علي الانا باقائدي ريسرچ سيل ٺاهي نامور استاد ۽ عالم شيخ محمد اسماعيل کي انچارج مقرر ڪري نوجوان ريسرچرن جي ٽيم ترتيب ڏني. انهيءَ سلسلي ۾ سنڌ جي هر ضلعي ۾ اديبن ۽ سهڪاري ساٿين کي به مواد ۽ تصويرن وغيره جي سهڪار لاءِ خط لکيا ويا. ايڊيٽوريل بورڊ ۾ جناب محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر فهميده حسين ، ڊاڪٽر الله رکيو ٻُٽ، امداد حسيني، ڊاڪٽر شمس الدين تنيو ۽ تاج جويو شامل هئا. پهرئين جلد جو ڪم لڳ ڀڳ پورو ٿيو پر اهو ڇپائي جي مرحلي کان رهجي ويو، ڇاڪاڻ ته 2001ع ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا جي وڃڻ بعد هن اسڪيم تي ڪم بند ٿي..... وڌيڪ پڙهو

اڄ جو مضمون

** اسحاق بلوچ **

اسحاق بلوچ: ڪميونسٽ پارٽيءَ جي سرگرم اڳواڻ ڪامريڊ اسحاق بلوچ 15 آڪٽوبر 1963ع تي شرافي ڳوٺ ڪراچيءَ ۾ جنم ورتو. هن بي. اي تائين تعليم حاصل ڪئي. هن پنهنجي سياسي زندگي جي شروعات 1987ع ۾ شاگردي دؤر دوران ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان جي شاگرد محاذ ڊيمو ڪريٽڪ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي ميمبر طور ڪئي. 1989ع ۾شرافي ڳوٺ ۾ ٽين پارٽي ڪانگريس جي انتظامي ڪميٽيءَ جو ميمبر رهيو. هن سرگرمين جي شروعات صنعت ۾ ڪم ڪندڙ پورهيتن، عورتن ۽ ٻارن جي حقن لاءِ آواز اٿارڻ کان ڪئي. 1988ع ۾ کيس ڊي. ايس. ايف ڪراچي ضلعي ڪميٽيءَ جو عهديدار چونڊيو ويو. ان عرصي ۾ پارٽي ۽ ڊي. ايس. ايف جي محاذ تي هن ڪم ڪيو. سويت يونين ٽٽڻ کان پوءِ دوستن سان گڏ هن 2001ع ۾ ڪميونسٽ پارٽيءَ جي ٻيهر تشڪيل ۾ ڪردار ادا ڪيو. جون 2009ع جي پارٽي ڪانگريس ۾ ڪامريڊ اسحاق کي سنڌ ڪميٽيءَ جو ميمبر چونڊيو ويو، جڏهن ته 2002ع کان وفات تائين ڪميونسٽ پارٽي ڪراچي ڪميٽيءَ جو سيڪريٽري رهيو، ڪينسر جهڙي موذي مرض ۾ مبتلا ٿيڻ باوجود هن پنهنجي سياسي سرگرمين کي جاري رکيو ۽ 2 جون 2010ع تي وفات ڪئي.....وڌيڪ پڙهو