تصويرون ۽ عنوان

سنڌيانا ۾ موجود تصويرون ۽ انهن جا عنوان پڻ ڏسي سگھو ٿا

تاريخ وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي حوالي طور تاريخ وار رکيو ويو آهي

موضوع وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي موضوع وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي

الف بي وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي الف ب وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي

اڄوڪي ڏينهن تي

2026-05-08 عيسوي تاريخ ۾


1914.05.08ع :  شاعر عبدالله خان ’همدم‘ ولد محمد يوسف چانڊيي، 8 مئي 1914ع تي ميهڙ شهر، ضلعي دادوءَ ۾ جنم ورتو.... وڌيڪ پڙهو 1935.05.08ع :  زرعي ماهر ۽ سنڌ آبادگار بورڊ جو اڳواڻ عبدالمجيد ولد الھداد خان نظاماڻي جو جنم 8 مئي 1935ع تي ڳوٺ باق... وڌيڪ پڙهو 1942.05.08ع :  سهراب ڪائوسجي 8 مئي 1942ع کان 11 مئي 1943ع تائين ڪراچي ميونسپل ڪارپوريشن جو چونڊيل ميئر به رهيو. ... وڌيڪ پڙهو 1942.05.08ع :   سيد عالم شاهه ولد علي مير شاهه، مٽيارين جي عيسي پوٽه ساداتن مان مشهور سياسي شخصيت آهي. هن 8 مئي 194... وڌيڪ پڙهو 1971.05.08ع :  ناليوارو ڊرامانگار شاهنواز ولد حاجي سچي ڏنو ڀٽي، 8 مئي 1971ع تي جيمس آباد (ڪوٽ غلام محمد)، ضلعي ميرپ... وڌيڪ پڙهو 1994.05.08ع :  سنڌي ٻوليءَ جي هن سدا بهار اديب، دل جي دوري پوڻ ڪري، 8 مئي 1994ع تي وفات ڪئي.... وڌيڪ پڙهو 1998.05.08ع :  عبدالله ڪڇي ولد فقير محمد 1940ع ڌاري ڪلري، لياري ڪراچيءَ ۾ ڄائو. 8 مئي 1998ع تي لاڏاڻو ڪري ويو.... وڌيڪ پڙهو 2018.05.08ع :  ڀڳوان کلناڻي 8 مئي 2018ع تي پمپري، پوني (ڀارت) ۾ وفات ڪئي.... وڌيڪ پڙهو

هفتي جا مقبول مضمونَ

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا

سنڌي زبان جي تاريخ ۾، سنڌ بابت پهريون جامع ۽ باتصوير دستاويز ’انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا‘ جي صورت ۾ آگسٽ 2009ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. جنهن جا هن وقت تائين 13جلد ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن، جڏهن تہ جلد چوڏھون پڻ تياريءَ جي آخري مرحلن ۾ آهي. هن اهم رٿا جو ابتدائي خاڪو تہ 1998ع ۾ جڙيو پر ان کان اڳ سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي قيام بعد 1991ع کان ئي اهڙي رٿا تي سوچ ويچار جو سلسلو شروع ٿيو هو. بعد ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ هن رٿا جوابتدائي خاڪو تيار ڪيو ۽ 1998ع ۾ سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ جي تڏهوڪي چيئرمين ڊاڪٽر غلام علي الانا باقائدي ريسرچ سيل ٺاهي نامور استاد ۽ عالم شيخ محمد اسماعيل کي انچارج مقرر ڪري نوجوان ريسرچرن جي ٽيم ترتيب ڏني. انهيءَ سلسلي ۾ سنڌ جي هر ضلعي ۾ اديبن ۽ سهڪاري ساٿين کي بہ مواد ۽ تصويرن وغيرہ جي سهڪار لاءِ خط لکيا ويا. ايڊيٽوريل بورڊ ۾ جناب محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر فھميدہ حسين ، ڊاڪٽر ﷲ رکيو ٻُٽ، امداد حسيني، ڊاڪٽر شمس الدين تنيو ۽ تاج جويو شامل هئا. پهرئين جلد جو ڪم لڳ ڀڳ پورو ٿيو پر اهو ڇپائي جي مرحلي کان رهجي ويو، ڇاڪاڻ تہ 2001ع ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا جي وڃڻ بعد هن اسڪيم تي ڪم بند ٿي وي..... وڌيڪ پڙهو

اڄ جو مضمون

** ضلعو نوشهروفيروز تاريخ جي آئيني ۾ **

ضلعو نوشهروفيروز (تاريخ جي آئيني ۾) (ڪتاب): ضلعي نوشهروفيروز جي تاريخ تي مشتمل هيءَ ڪتاب مختلف محققن، اديبن جي تحقيقي مقالن تي مشتمل آهي، جنهن کي اسلم عباسي مرتب ڪيو آهي. هن ڪتاب ۾ ڪل 25 تحقيقي مقالا آهن، مقالا نگارن ۾: ڊاڪٽر غلام محمد لاکو، عبدالغفار صديقي، اي. ڪي. سيد، محمد طالب ڀرٽ، ثاقب سومرو، ڊاڪٽر عبدالرزاق گهانگهرو، محمد الياس سومرو، بخش علي چانڊيو، محمد عثمان عباسي، رکيل مورائي، ڊاڪٽر رفيق منڱريو، عظيم سنڌي، جبار ملاح، عبدالله جيسر، ڊاڪٽر محمد ادريس، الطاف حسين جوکيو، ڊاڪٽر حامد علي خانائي، محمد پنھل ڏهر، خانزاده سميع الوري، مقصود احمد قاضي، پروفيسر شمشاد سومرو، مولانا سليم ﷲ سومرو، آزاد قاضي، ڊاڪٽر هدايت پريم ۽ ڊاڪٽر انور فگار هڪڙو قابل ذڪر آهن. هن ڪتاب ۾ ‘پبلشر پاران نوٽ’ ۽ مرتب جو رايو پڻ شامل آهي. ڪتاب جي آخر ۾ ڊاڪٽر سيف ﷲ جويي جو نوشهري فيروز بابت انگريزيءَ ۾ مضمون ڏنل آهي. 364 صفحن تي مشتمل ڊيمي سائيز جي پڪي جلد سان هن ڪتاب کي نوشهروفيروز سيمينار ڪاميٽي، 2007ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو. جنهن جي قيمت 400 روپيا آهي.

....وڌيڪ پڙهو