تصويرون ۽ عنوان

سنڌيانا ۾ موجود تصويرون ۽ انهن جا عنوان پڻ ڏسي سگھو ٿا

تاريخ وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي حوالي طور تاريخ وار رکيو ويو آهي

موضوع وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي موضوع وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي

الف بي وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي الف ب وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي

اڄوڪي ڏينهن تي

2025-04-15 عيسوي تاريخ ۾


1894.04.15ع :  روس جي ناليواري سياسي اڳواڻ ۽ ڪميونسٽ پارٽيءَ جي پهرئين سيڪريٽري خروشچيف جو پورو نالو خروشچيف نڪيتا ... وڌيڪ پڙهو 1895.04.15ع :  مشهور تاريخ نويس، صحافي ۽ سياستدان، مولانا غلام رسول مهر، 15 اپريل 1895ع ۾ جالنڌر ضلعي جي ڳوٺ ڦول پو... وڌيڪ پڙهو 1907.04.15ع :  آخوند محمد موسيٰ ڀٽي ولد آخوند مولانا الهه بخش ڀٽي، سيتا ڳوٺ ۾، 15 اپريل 1907ع تي جنم ورتو.... وڌيڪ پڙهو 1922.04.15ع :  صوفي ساجد سرشاريءَ جو اصل نالو دوست محمد ولد ولي محمد سمو، قادري ۽ تخلص ’ساجد‘ هو. هن 15 اپريل 1922ع... وڌيڪ پڙهو 1925.04.15ع :  ابن الياس سومرو: ابن الياس سومري جو اصلي نالو محمد لکانو ولد محمد الياس سومرو آهي ، جيڪو 15 اپريل 1... وڌيڪ پڙهو 1931.04.15ع :  احمد خان مدهوش: ناميارو شاعر احمد خان ولد حاجي خان ( حاجي فقير شغلي ) ذات ( کٽي ) سومرو ، 15 ا... وڌيڪ پڙهو 1933.04.15ع :   شڪارپور ۾ 15 اپريل 1933ع تي ٿيل هڪ شاندار ڪانفرنس، جنهن جي صدارت ڄيٺمل پرسرام گلراجاڻي ڪئي.... وڌيڪ پڙهو 1936.04.15ع :   آغا محمد اسماعيل ولد عبدالله خان پٺاڻ، 15 اپريل 1936ع تي جيڪب آباد ۾ ڄائو.... وڌيڪ پڙهو 1941.04.15ع :  نامور سياسي سماجي شخصيت، سيد ذوالفقار علي شاهه ڄاموٽ، قبيلي جي پڳدار سردار سيد محمد علي شاهه ڄاموٽ ج... وڌيڪ پڙهو 1950.04.15ع :  شاعر، ڪھاڻيڪار ۽ تعليمدان قاضي مقصود گل جو پورو نالو قاضي مقصود حيات هو. سندس جنم 15 اپريل 1950ع تي ... وڌيڪ پڙهو 1955.04.15ع :  آغا نورمحمد پٺاڻ ، 15 اپريل 1955ع تي شڪارپور ۾ ڄائو.... وڌيڪ پڙهو 1960.04.15ع :   صحافي ۽ اداڪار اسد ولد ننگر ڀٽي، 15 اپريل 1960ع تي دستگير ڪالوني تعلقي موري، ضلعي نوشهري فيروز ۾ جن... وڌيڪ پڙهو 1967.04.15ع :  ڊاڪٽر سيف الله جويو 15 اپريل 1967ع تي پڊعيدن شهر ضلعي نوشهروفيروز ۾ دين محمد جويي جي گھر ۾ پيدا ٿيو.... وڌيڪ پڙهو 1975.04.15ع :  نئين ٽهيءَ جي نامور شاعر، ليکڪ ۽ نقاد، علي آڪاش جو اصل نالو معشوق علي گوپانگ آهي، جڏهن ته سندس ڇٺيءَ... وڌيڪ پڙهو 1980.04.15ع :  دنيا جي هن عظيم انسان، 15 اپريل 1980ع تي پئرس ۾ لاڏاڻو ڪيو. کيس پئرس ۾ ئي دفن ڪيو ويو... وڌيڪ پڙهو 2007.04.15ع :  پير حسين شاهه راشدي دل بيهڻ سبب 15 اپريل 2007ع تي وفات ڪئي... وڌيڪ پڙهو 2022.04.15ع :  بلقيس ايڌي 15 اپريل 2022ع تي ڪراچيءَ ۾ وفات ڪئي.... وڌيڪ پڙهو

هفتي جا مقبول مضمونَ

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا

سنڌي زبان جي تاريخ ۾، سنڌ بابت پهريون جامع ۽ باتصوير دستاويز ’انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا‘ جي صورت ۾ آگسٽ 2009ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. جنهن جا هن وقت تائين 12جلد ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن، جڏهن ته جلد تيرهون پڻ تياريءَ جي آخري مرحلن ۾ آهي. هن اهم رٿا جو ابتدائي خاڪو ته 1998ع ۾ جڙيو پر ان کان اڳ سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي قيام بعد 1991ع کان ئي اهڙي رٿا تي سوچ ويچار جو سلسلو شروع ٿيو هو. بعد ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ هن رٿا جوابتدائي خاڪو تيار ڪيو ۽ 1998ع ۾ سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ جي تڏهوڪي چيئرمين ڊاڪٽر غلام علي الانا باقائدي ريسرچ سيل ٺاهي نامور استاد ۽ عالم شيخ محمد اسماعيل کي انچارج مقرر ڪري نوجوان ريسرچرن جي ٽيم ترتيب ڏني. انهيءَ سلسلي ۾ سنڌ جي هر ضلعي ۾ اديبن ۽ سهڪاري ساٿين کي به مواد ۽ تصويرن وغيره جي سهڪار لاءِ خط لکيا ويا. ايڊيٽوريل بورڊ ۾ جناب محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر فهميده حسين ، ڊاڪٽر الله رکيو ٻُٽ، امداد حسيني، ڊاڪٽر شمس الدين تنيو ۽ تاج جويو شامل هئا. پهرئين جلد جو ڪم لڳ ڀڳ پورو ٿيو پر اهو ڇپائي جي مرحلي کان رهجي ويو، ڇاڪاڻ ته 2001ع ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا جي وڃڻ بعد هن اسڪيم تي ڪم بند ٿي..... وڌيڪ پڙهو

اڄ جو مضمون

** سنگھه جماعت **

سنگھه (جماعت): ٻڌمت ۾ فقيرن ۽ سنياسين جي گروهه/ جماعت کي ’سنگھه‘ چيو ويندو آهي. گوتم ٻڌ جي زماني کان ئي اهڙا ماڻهو، جيڪي دنيا جي مڙني آسائشن کي تياڳي ٻڌمت جي راهه اختيار ڪندا هئا تن کي باقاعدي هڪ جماعت ۾ شامل ڪيو ويندو هو، ان جماعت کي ’سنگهه‘ چوندا هئا. سڀ کان اول ان سنگهه ۾ اهي چيلا ۽ مريد داخل ٿيندا هئا، جيڪي گوتم کان ڦري ڪري دشت غزالان (هرڻن جي ميدان) ۾ هليا ويندا هئا ۽ پوءِ هوريان هوريان ٻيا ماڻهو به هن جماعت ۾ شريڪ ٿيندا هئا. گوتم ٻڌ جي مري وڃڻ کانپوءِ سندس چيلن، پيروڪارن ۽ معتقدن ۾ تمام تيزيءَ سان اضافو ٿيندو ويو، جنهن سبب هن مذهب ۾ ’سنگهه‘ جهڙي مذهبي اڳواڻن تي ٻڌل جماعت نروار ٿي. شروعات ۾ سنگھه ۾ داخل ٿيڻ لاءِ ڪابه ريت رسم ڪانه هئي ۽ نه ئي ڪي قانون جوڙيا ويا، پر پوءِ انهيءَ جا باقاعدي قاعدا ۽ ضابطا جوڙيا ويا، اهڙيءَ ريت سنگھه هڪ رٿابند حيثيت اختيار ڪئي. جيڪڏهن ڪو ماڻهو سنگھه ۾ داخل ٿيڻ جو خواهشمند هوندو هو ته کيس سنگهه جي مقرر ڪيل اصولن ۽ قاعدن کي مڃڻو پوندو هو ۽ انهن تي عمل ڪرڻ به ضروري هوندو هو. سنگھه فرقي ۾ داخل ٿيڻ لاءِ هيٺين شرطن تي پورو لهڻ ضروري سمجھيو ويندو آهي:
<....وڌيڪ پڙهو