تصويرون ۽ عنوان

سنڌيانا ۾ موجود تصويرون ۽ انهن جا عنوان پڻ ڏسي سگھو ٿا

تاريخ وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي حوالي طور تاريخ وار رکيو ويو آهي

موضوع وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي موضوع وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي

الف بي وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي الف ب وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي

اڄوڪي ڏينهن تي

2024-05-14 عيسوي تاريخ ۾


1867.05.14ع :  سنڌ جي ناليواري صوفي شاعر ۽ بزرگ غمدل فقير جو اصل نالو عبدالخالق ولد پير بخش دايو هو. هن 14 مئي 1867... وڌيڪ پڙهو 1907.05.14ع :  ايوب خان: پاڪستان جو اڳوڻو صدر ۽ فيلڊ مارشل ايوب خان . 14 مئي 1907ع تي هزارا جي هڪ ڳوٺ ريحانه جي ... وڌيڪ پڙهو 1922.05.14ع :  آغا حسن عابدي،14 مئي 1922ع ۾ لکنئو (ڀارت) ۾ ڄائو.... وڌيڪ پڙهو 1922.05.14ع :  نامور اداڪار ۽ هدايتڪار شيخ حسن جو اصل نالو شيخ مخدوم حسين هو. هيءُ 14 مئي 1922ع تي بمبئيءَ ۾ پيدا ٿ... وڌيڪ پڙهو 1922.05.14ع :  حسن شيخ 14 مئي 1922ع تي بمبئيءَ ۾ ڄائو.... وڌيڪ پڙهو 1941.05.14ع :  حڪيم نظير حسين حيدري ولد غلام علي خواجه، 14 مئي 1941ع تي نندي، ضلعي بدين ۾ ڄائو.... وڌيڪ پڙهو 1943.05.14ع :  الهه بخش سومرو 14 مئي 1943ع تي شهيد ٿيو.... وڌيڪ پڙهو 1953.05.14ع :  پ. پ ايم. پي. اي پيتامبر سيوهاڻيءَ جو جنم، 14 مئي 1953ع تي باگڙجيءَ ضلعي سکر ۾ ٿيو.... وڌيڪ پڙهو 1958.05.14ع :   نامور اسڪالر سيد صابن شاهه ولد سيد بخشل شاهه، 14 مئي 1958ع تي محبت ديري جتوئي، ضلعي نوشهري فيروز ۾ج... وڌيڪ پڙهو 1970.05.14ع :  شاعر ۽ اديب سيد حاجن شاهه ’هموطن‘ سيتائي 14 مئي 1970ع تي وفات ڪئي. ... وڌيڪ پڙهو 1990.05.14ع :  جعفر علي شاهه مورائي ، 14 مئي 1990ع تي وفات ڪئي... وڌيڪ پڙهو 2011.05.14ع :   استاد خير محمد پشوريءَ، 14 مئي 2011ع تي حيدرآباد ۾ 80 ورهين جي ڄمار ۾ وفات ڪئي.... وڌيڪ پڙهو 2021.05.14ع :  بشير منگي 13 مئي 2021ع تي وفات ڪئي.... وڌيڪ پڙهو 2023.05.14ع :   شبيران چنا 23 اپريل 2023ع تي سفر دؤران قاضي احمد ڀرسان روڊ حادثي ۾ سخت زخمي ٿي. جنھن کانپوءِ کيس ڪر... وڌيڪ پڙهو

هفتي جا مقبول مضمونَ

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا

سنڌي زبان جي تاريخ ۾، سنڌ بابت پهريون جامع ۽ باتصوير دستاويز ’انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا‘ جي صورت ۾ آگسٽ 2009ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. جنهن جا هن وقت تائين 12جلد ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن، جڏهن ته جلد تيرهون پڻ تياريءَ جي آخري مرحلن ۾ آهي. هن اهم رٿا جو ابتدائي خاڪو ته 1998ع ۾ جڙيو پر ان کان اڳ سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي قيام بعد 1991ع کان ئي اهڙي رٿا تي سوچ ويچار جو سلسلو شروع ٿيو هو. بعد ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ هن رٿا جوابتدائي خاڪو تيار ڪيو ۽ 1998ع ۾ سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ جي تڏهوڪي چيئرمين ڊاڪٽر غلام علي الانا باقائدي ريسرچ سيل ٺاهي نامور استاد ۽ عالم شيخ محمد اسماعيل کي انچارج مقرر ڪري نوجوان ريسرچرن جي ٽيم ترتيب ڏني. انهيءَ سلسلي ۾ سنڌ جي هر ضلعي ۾ اديبن ۽ سهڪاري ساٿين کي به مواد ۽ تصويرن وغيره جي سهڪار لاءِ خط لکيا ويا. ايڊيٽوريل بورڊ ۾ جناب محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر فهميده حسين ، ڊاڪٽر الله رکيو ٻُٽ، امداد حسيني، ڊاڪٽر شمس الدين تنيو ۽ تاج جويو شامل هئا. پهرئين جلد جو ڪم لڳ ڀڳ پورو ٿيو پر اهو ڇپائي جي مرحلي کان رهجي ويو، ڇاڪاڻ ته 2001ع ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا جي وڃڻ بعد هن اسڪيم تي ڪم بند ٿي..... وڌيڪ پڙهو

اڄ جو مضمون

** ٻنوي سيف **

ٻنوي سيف: سيف ٻنوي اديب، شاعر، سياسي ڪارڪن ۽ صحافي آهي. سندس اصل نالو محمد رحيم آهي ۽ سيف تخلص اٿس. ٺٽي ضلعي جي ٻني، شهر جو رهاڪو هجڻ ڪري ٻنوي سڏجي ٿو. هو 21 جون 1944ع تي ٻنون ضلعي ٺٽي ۾ ڄائو. پرائمري تعليم اباڻي ڳوٺ ۾ ۽ سيڪنڊري تعليم گورنمينٽ هاءِ اسڪول ٺٽي، نور محمد هاءِ اسڪول حيدرآباد ۽ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل هاءِ اسڪول سعيدپور مان حاصل ڪيائين. 1962ع ۾ ميٽرڪ پاس ڪرڻ بعد سيڪنڊري ٽيچر مقرر ٿيو. ڏهن سالن تائين مختلف اسڪولن ۾ خدمتون سرانجام ڏيڻ بعد 1972ع ۾ نوڪريءَ تان استعيفيٰ ڏيئي ڇڏيائين. 1972ع کان 1974ع تائين سنڌ يونيورسٽيءَ جي انگلش ڊپارٽمينٽ جو شاگرد رهيو ۽ آنرس جا ٻه سال ڪرڻ بعد پڙهائي ڇڏي ڏنائين. 1974ع کان 1976ع تائين وفائي پرنٽنگ پريس ڪراچيءَ جو مئنيجر رهيو. 1976ع ۾ روزانه ”سنڌ نيوز“ حيدرآباد ۾ سب ايڊيٽر مقرر ٿيو، جيڪا شيخ عزيز جي ادارت ۾ شايع ٿيندي هئي. ان بعد اڄ سوڌو مختلف اخبارن هلچل وغيره ۾ ڪم ڪندو رهيو آهي. سندس سياسي وابستگي ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان سان رهي ۽ هو ان پارٽي جي شاگرد تنظيم سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو سرگرم ڪارڪن رهيو. 1950ع واري ڏهاڪي ۾ ننڍي عمر ۾ ئي پنهنجي والد جي ....وڌيڪ پڙهو